سر پرڀاتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو هڪ ”سُر“. هِن سُر ۾ منگتن، مڱڻهارن ۽ سخي سردارن جو ذڪر آهي، پر خاص موضوع لس ٻيلي جي واليءَ سپڙ ڄام جي سخا آهي، ڇو ته ٻين سردارن ۽ ڏاتارن سخا ڪئي ته پنهنجي شان ۽ مان وڌائڻ خاطر ڪئي، پر سپڙ ڄام سمي، ڪيرت وارن جي قدردانيءَ لاءِ سخا جا در کولي ڇڏيا. هن خاص طرح محتاجن کي اَن ۽ ڏڏن کي ڏان ڏنا.

نالو سنواريو

پرڀاتي هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جيڪا پرڀات اسر (ويل) ڳائبي آهي. هن راڳڻيءَ جي نالي سان شاهه لطيف جو هڪ سر به آهي. هن سر ۾ شاهه سائينءَ بندگيءَ جي تاڪيد ۽ رب سائينءَ جي نعمتن کي ساراهيو آهي، لسٻيلي جي حاڪم سپڙ سخي جي سخاوت کي تمثيلي رنگ ۾ بيان ڪيو آهي. [1] هن سُر جو نالو موضوع جي مناسبت سان رکيو ويو آهي، ڇو ته منگتا/ مڱڻهار/ چارڻ پرڀات ويل اُٿي، سمن سردارن جي درن تي بيهي کين ساراهيندا ۽ سندن واکاڻ جا گيت ڳائيندا هئا. ان واکاڻ کي ”وهاڳ“ به چئبو آهي، ان ڪري هن کي ’سُر وهاڳڙو‘ به چوندا آهن. منگتا وڏا هنرمند ۽ جاجڪ هئا، جيڪي پنهنجي جاجڪاڻي انداز ۾ سخي سردارن کي موهي وجهندا هئا. انهيءَ مناسبت سان جدا جدا رسالن ۾، هن سُر جا جدا جدا نالا آهن، جهڙوڪ: جاجڪاڻي ۽ جاجڪان، وهاڳڙو وغيره.

دور سنواريو

هيءُ سُر سمن جي ان آڳاٽي سرداري سماج واري ماحول جو يادگار آهي، جڏهن سردارن موروثي طور مڱڻهار رکيا ته هُو کانئن وڏا انعام ۽ اڪرام حاصل ڪري ساراهون ڪن. منگتن کي نوازڻ سان هڪ طرف انهن جي ڳائڻ وڄائڻ ۾ واڌارو آيو، ته ٻئي طرف ڪيرت جي ٻولن ۾ وڏي تورتڪ پيدا ٿي. هر قابل جاجڪ تي انعام جي ورکا ٿي پئي، پر ويچارا معذور مڱڻهار اهڙن انعامن اڪرامن کان محروم هئا. پوءِ لسٻيلي جو اهو نامور سخي ’سپڙ ڄام‘ ساماڻو، جنهن معذور منگتن کي مان ڏنو. انهيءَ پسمنظر ۾ ’لڱي چارڻ‘ جي ڳالهه مشهور ٿي، جنهن کي ڪيرت لاءِ ڪو به پاڻ سان گڏ وٺي نه ٿي ويو، پر کيس سپڙ ڄام جي سخا ۾ وڏي اميد هئي ۽ ٿيو به ائين. سپڙ ڄام هن بيوس منگتي کي ڏوليءَ ۾ چاڙهائي پاڻ وٽ گهرايو ۽ وڏا انعام ۽ اڪرام ڏنا. انهيءَ ڪري لطيف سائين به هن سخي سردار جي سخا کي ڳايو آهي.[2]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011