جاجڪ لفظ جي معنيٰ آهي، منگتو، مڱڻو، پينو فقير. هنديءَ ۾ ان کي ’جاچڪ‘ به چون ٿا، جنهن جي معنيٰ آهي: ڀٽ، دهل وڄائڻ وارو، مڱڻهار. جاجڪ هندن ۾ هڪ ذات آهي، جيڪي خوشيءَ جي موقعن تي ڳائي وڄائي ساٺ سوڻ ڪن ۽ لاڳ وٺن ٿا. جاجڪ بنيادي طرح منگتو آهي، شاهه لطيف سُر سورٺ ۾ ٻيجل/ چارڻ لاءِ جاجڪ لفظ استعمال ڪيو آهي:
جاجڪ جهوناڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو.[1]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011