مشھد (انگريزي: Mashhad) ايران جو آباديءَ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو شھر ۽ رضوي خراسان صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي شھر ايران جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ آباد آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 3,001,184 آھي[1]. ھن شھر ۾ ھر سال لکين زائرين حضرت امام رضا رضيہ تعاليٰ عنہ جي مزار تي حاظري ڀرڻ ايندا آھن. امام رضا شيعا مسلمانن جو اٺون امام آھي. مشھور عباسي خليفو ھارون الرشيد بہ ھتي دفن ٿيل آھي. جنھن زماني ۾ امام علي رضا شھادت جو رتبو ماڻيو ان وقت مشھد ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو جيڪو اڳتي ھلي ايران جو ھڪ وڏو شھر بنجي ويو. لفظ مشھد جي معنيٰ آھي ”شھادت واري جاءِ“[2].

Mashhad
مشهد
سناباد، اسڪندريہ
شھر
Aerial View of Koohsangi street, Mashhad, Iran.png
Nader Shah TombMashhad at night
Hedayat Little BazzarFerdowsi Tomb
Imam Reza Shrine
مٿان کان: مشھد شھر جو نظارو، نادر شاھ جو مقبرو، مشھد جي رات، ھدايت بازار، فردوسيءَ جو مقبرو، امام رضا جو روضو
نعرو: سمارٽ سٽي، اميد ۽ زندگيءَ جو شھر، ايران جي روحاني گادي
Mashhad is located in Iran
Mashhad
Mashhad
ايران ۾ بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 36°18′N 59°36′E / 36.300°N 59.600°E / 36.300; 59.600مڪانيت: 36°18′N 59°36′E / 36.300°N 59.600°E / 36.300; 59.600
ملڪ Flag of Iran.svg ايران
صوبو رضوي خراسان
ڪائونٽي (شھرستان) مشھد
مشھد - سناباد - طوس 818ع
حڪومت
 • ميئر عبداللّٰہ ارجائي شيرازي
 • سٽي ڪائونسل جو چيئرمين حسن مواحدين
پکيڙ
 • ڪل ٣٥١ ڪ.م٢ (١٣٦ ميل٢)
بلندي ٩٩٥ ميل (٣٬٢٦٤ ft)

ھن شھر کي فردوسيءَ جو شھر پڻ سڏيو وڃي ٿو جيڪو ايران جو ھڪ وڏو عالم، مفڪر ءِ شاعر ھو. سندس ڪتاب شاھنامہ سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. فردوسيءَ جو نالو فارسي ادبي حلقن ۾ نھايت ادب ۽ آحترام سان ورتو وڃي ٿو. ھي شھر مشھور فارسي شاعر مھدي اخوان ثالث ۽ مشھور موسيقار ۽ ڪلاڪار محمد رضا شجريان جي جنم جو ھنڌ پڻ آھي. 30 آڪٽوبر 2009ع تي ايراني صدر محمود احمدي نزاد ھن شھر کي ”ايران جي روحاني گادي“ (Iran's Spiritual Capital) قرار ڏنو[3].

ھن شھر کان 6 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڪوھ خضر آھي. روايتون آھن تہ ھن جبل جي چوٽيءَ تي 3000 سال اڳ ھڪ غار ھئي جتي حضرت خضر عليہ السلام پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندو ھو. اڄڪلھ انھيءَ غار جي جاءِ تي ھڪ ننڍي مسجد موجود آھي جنھن کي خضر جي مسجد سڏيو وڃي ٿو[4].

اوائلي تاريخسنواريو

پراڻي يوناني تاريخ ٻڌائي ٿي تہ موجودھ مشھد واري علائقي ۾ سوسيہ (Susia) نالي ھڪ وسندي آباد ھئي جتي 330 ق.م ۾ سڪندراعظم جي لشڪر اچي ڊاٻو ڪيو ھو. رومي سلطنت جي ھڪ پراڻي نقشي ۾ ھن وسنديءَ کي سوسيہ بجاءِ ”اسڪندريہ“ ڪوٺيو ويو آھي. 520 ق.م جي ھڪ لکت ۾ اھخامنشي سلطنت جي بادشاھ داريس اول واري زماني ۾ پيٽيگرابانا (Patigrabanâ) نالي ھڪ شھر جو ذڪر ملي ٿو جيڪو شايد موجودھ مشھد واري علائقي ۾ آباد ھو. ڏھين صديءَ کان سورھين صدي عيسويءَ جا اڪثر مسلمان مورخ لکن ٿا تہ ھن شھر جو پراڻو نالو ”سناآباد“ يا ”سناباد“ ھو جنھن جو بنياد سڪندراعظم وڌو ھو[5]. ستينءَ کان نائين صدي عيسويءَ واري دور جا اڪثر شيعا عالم لکن ٿا تہ ”امام رضا ۽ خليفو ھارون الرشيد“ ان شھر ۾ مدفون آھن جنھن جو بنياد سڪندراعظم وڌو ھو. ھن شھر تي مشھد نالو صفوي گھراڻي جي بادشاھيءَ واري دور ۾ پيو[6].

نائين صدي عيسوي (ٽي صدي ھجري) جي شروع ۾ ھي ھڪ ننڍو ڳوٺ ھو جيڪو طوس شھر کان 24 ڪلوميٽر (15 ميل) پري آباد ھو. ھتي خراسان جي گورنر حميد بن قحطبہ جي ھڪ حويلي ھئي جتي ھو گرمين جي ڏينھن ۾ اچي رھندو ھو. 808ع ۾ عباسي خليفي ھارون الرشيد انھيءَ ڳوٺ ۾ وفات ڪئي. کيس حميد بن قحطبہ جي حويليءَ اندر دفنايو ويو. 818ع ۾ ھتي امام علي رضا کي شھيد ڪيو ويو ۽ سندن ميت کي ھارون الرشيد جي قبر جي ڀر ۾ دفنايو ويو[7].

منگولن جي ڪاھسنواريو

منگولن 1220ع ڌاري خراسان تي حملو ڪري ھتان جا ڪيترائي وڏا شھر تباھ ڪري ڇڏيا پر امام علي رضا ۽ ھارون الرشيد جي آخري آرامگاھ کي مان ڏيندي ھنن مشھد کي نقصان نہ پھچايو. تباھ ٿيل شھرن جا اڪثر رھواسي لڏي اچي ھن شھر ۾ وسيا انڪري ھن شھر جي آبادي وڌڻ لڳي. مشھور سياح ابن بطوطہ 1333ع ۾ ھي شھر گھمڻ آيو. ھن شھر جي باري ۾ ھن لکيو تہ، ”ھي ھڪ وڏو شھرآھي جنھن ۾ ڪيترن ئي ميون جا وڻ، نديون ۽ نالا، ۽ چڪيون آھن. ھتي ھڪ عظيم مقبرو آھي جنھن تي شاندار گبند ٺھيل آھي. مقبري جي ڀتين کي شاندار ٽائلن سان سينگاريو ويو آھي[8]. مشھد جو مشھور کاڌو ”شلہ مشھدي“ يا ”شلہ“ منگولن جي دور جي نشاني آھي. ھي کاڌو گوشت، اناج ۽ ڪيترن ئي مصالحن کي ملائڻ سان ٺھي ٿو[9].

تيمور گھراڻي جي حڪومتسنواريو

منگولن جي دور ۾ ھن شھر جي آدمشماريءَ ۾ چڱوموچارو واڌارو آيو ۽ ڀرواري شھر طوس جي آبادي گھٽجن لڳي. 1389ع ۾ طوس جي گورنر بغاوت ڪئي ۽ طوس واري علائقي جي خود مختياريءَ جو اعلان ڪيو. انھيءَ بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءَ تيمور پنھنجي پٽ ميران شاھ کي ھڪ وڏو لشڪر ڏئي طوس تي حملي لاءِ موڪليو. ميران شاھ ڪجه مھينن تائين ھن شھر کي گھيري ۾ رکيو ۽ آخرڪار شھر تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ھن سڄي شھر کي نيست ۽ نابود ڪري کنڊرن ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ 10000 ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيائين. جيڪي بچيا انھن جي اڪثريت مشھد جي شھر ۾ اچي پناھ ورتي. انھيءَ واقعي کان پوءَ طوس جو شھر ھميشہ لاءِ ختم ٿي ويو ۽ مشھد علائقي جو وڏي ۾ وڏو شھر بنجي ويو.

اڳتي ھلي، تيمور گھراڻي جي باشاھ شاھ رخ تيمور جي دور ۾ ھن شھر وڌيڪ ترقي آئي ۽ ھي شھر سلطنت جي خوشحال شھرن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. شاھ رخ تيمور جي گھر واريءَ گوھرشاد امام رضا جي مقبري جي ويجھو ھڪ عظيم الشان مسجد تعمير ڪرائي جيڪا اڄ بہ مسجد گوھرشاد جي نالي سان مشھور آھي.

صفوي دورسنواريو

تيمور گھراڻي جي حاڪم با يقرا جي وفات کان پوءِ صفوي بادشاھت جي باني اسماعيل اول (Ismail I) مشھد تي قبضو ڪيو. سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھي شھر ازبڪ حملن جي عتاب ھيٺ رھيو ۽ ڪيترائي ڀيرا ازبڪ ھتي قابض ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا. انھن حملن سبب ڪيترائي ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا ۽ مشھد جي ملڪيتن کي نقصان پھتو. آخرڪار ھڪ ڊگھي جدوجھد کان پوءَ صفوي گھراڻي جو بادشاھ شاھ عباس اول دشمن کي پنھنجي ملڪ مان تڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو. شاھ عباس جي خواھش ھئي تہ وڌ کان وڌ ايراني امام رضا جي مزار جي زيارت لاءِ مشھد اچن. زائرين جي ھمت افزائيءَ لاءِ ھڪ ڀيرو ھن اصفھان کان پيرين پنڌ مشھد پھچي امام جي روضي تي حاضري ڀري. صفوي دور ۾ ھن شھر جي مذھبي ۽ روحاني اھميت ۾ واڌارو آيو ۽ شھر ۾ ڪيترائي مدرسا ٻيون عمارتون تعمير ٿيون. انھيءَ دور ۾ مشھد خراسان جو مذھبي ۽ سياسي طور ھڪ اھم شھر ٿي اڀريو.

افشاريان گھراڻي جو دورسنواريو

نادر شاھ افشار جنھن کي نادر بيگ قلي بہ سڏيو وڃي ٿو، ايران جو ھڪ طاقتور بادشاھ ٿي گذريو آھي. ھو 1736ع کان 1747ع تائين ايران جو بادشاھ رھيو. سندس دور مشھد جو سونھري دور سڏجي ٿو. ھو امام رضا جو وڏو معتقد ھو ۽ مشھد کي پنھنجي گاديءِ جو ھنڌ بنايو ھئائين. افشار گھراڻي جي بادشاھيءَ واري دور ۾ ايران جي اوڀر واري حصي تي افغانستان جي احمد شاھ درانيءَ قنضو ڪري ورتو ھو. ھن مشھد کي اٺ مھينا پنھنجي گھيري ۾ رکيو ۽ آخرڪار 1753ع ۾ شھر تي قبضو ڪري ورتو.

قجار گھراڻي جو دورسنواريو

1792ع ۾ آغا محمد خان قجار افغانين کي شڪست ڏئي خراسان کي ٻيھر ايران ۾ شامل ڪيو ۽ ايران ۾ قجار گھراڻي جي بادشاھيءَ جو بنياد وڌو. 1911ع ۾ مشھد ۾ روسي انقلاب خلاف وڏا مظاھرا ٿيا. انھن مظاھرن کي بھانو بنائي روس 29 مارچ 1912ع ۾ مشھد تي بمباري ڪئي جنھن ۾ نہ فقط قيمتي جانيون ضايع ٿيون بلڪ امام رضا شاھ جي روضي مبارڪ کي بہ نقصان پھتو. روضي جي بيجرمتيءَ خلاف مسلمانن ۾ غم ۽ غصي جي لھر ڇانئجي وئي ۽ ايران سميت برٽش انڊيا ۾ مظاھرا ٿيا.

پھلوي دورسنواريو

رضا شاھ پھلوي جي دور (1925ع - 1941ع) ۾ مشھد ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪمٿيا. شاھ رضا اسپتال (ھاڻوڪي امام رضا اسپتال) 1935ع ۾ قائم ٿي. 1935ع ۾ شگر فيڪٽريءَ جو افتتاح ٿيو. 1936ع ۾ شھر جي پھرئين بجلي گھر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1939ع ۾ شھري ٽرانسپورٽ سروس شروع ٿي. ساڳئي ئي سال شھر جي پھرين آدمشماري ڪئي وئي جنھن مان پتو پيو تہ ھتي 76471 ماڻھو رھائش پذير آھن.

1935ع ۾ مشھد ۾ رضا شاھ پھلويءَ خلاف جلوس ڪڍيا ويا. اھي جلوس لاڳيتو چار ڏينھن ھليا. مقامي پوليس ۽ فوج جلوس تي قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. رضا شاھ آذربائيجان جي فوج کي شھر ۾ گھرايو. انھيءَ فوج جون مظاھرو ڪندڙن سان چڪريون ٿيون جن ۾ 12 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا ۽ سون جي تعداد ۾ زخمي ٿيا.

1941ع کان 1979ع وارا سڌاراسنواريو

1948ع ۾ خراسان ۾ ڏڪار واريون حالتون پيدا ٿي ويون، ٻھراڙين ۾ روزگار جا وسيلا محدود ٿي ويا ۽ بدامني وڌي وئي ھئي، 1949ع ۾ مشھد يونيورسٽي قائم ٿي. انھن سببن جي ڪري ماڻھو ٻھراڙين کي ڇڏي وڏي تعداد ۾ شھر ۾ اچي رھيا. 1956ع ۾ ھتان جي آبادي وڌي 241,989 ٿي وئي. 1957ع ۾ مشھد کي ريل رستي تھران سان ملايو ويو. ايندڙ سالن ۾ ايران جي تيل جي پيداوار ۾ واڌارو آيو، شھر ۾ ڪيترائي نوان ڪارخانا کليا ۽ شھر جي نئين ھوائي اڏي جو افتتاح ٿيو. انھن ۽ ٻين سڌارن جي ڪري شھر جي آباديءَ ۾ وڌيڪ واڌارو آيو. 1976ع ۾ شھر جي آبادي 409,616 ۽ 1976ع ۾ 667,770 ٿي وئي. شھر جي پکيڙ 16 چورس ڪلوميٽرن مان وڌي 33 چورس ڪلوميٽر ٿي وئي. ھن وقت شھر جي آبادي 30 لکن کان وڌيڪ آھي.

جاگرافيسنواريو

ڀونءِ نگاريءَ پٽاندر مشھد جي بيهڪ اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ 36.20º ۽ اوڀر ۾ ڊگھائي ڦاڪ 59.35º آهي. ھي شھر ڪشفرود (Kashafrud River) نديءَ جي ماٿريءَ ۾ بينالود ۽ ھزار مسجد جبلن جي وچ ۾ آباد آھي. جابلو علائقي ۾ ھجڻ ڪري ھتي جي موسم ڪافي خوشگرار آھي. ھي شھر ترڪمانستان جي شھر عشق آباد کان 250 ڪلوميٽر (160 ميل) پري آباد آھي.

ھي شھر مشھد شھرستان (ڪائونٽي) ۽ مشھد ضلعي جو ھيڊڪوارٽر آھي ۽ شھر جي آبادي 30 لکن کان بہ مٿي آھي.

آبھواسنواريو

مشھد جي موسم نيم خشڪ ۽ ٿڌي آھي. اونھاري جي موسم ڪنھن حد تائين گرم ۽ سياري جي موسم ٿڌي ھوندي آھي. سال ۾ سراسري طور فقط 250 ملي ميٽر (9.8 انچ) مينھن وسي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ھلڪي برفباري بہ ٿئي ٿي. مينھن گھڻو ڪري ڊسمبر ۽ مئي جي مھينن ۾ وسي ٿو. اونھاري جي موسم ۾ گرميءَ جو درجو ڪڏھن ڪڏھن 330C (910F) کان وڌي ويندو آھي. سياري ۾ ھلڪي ٿڌ پوندي آھي ۽ رات جي وقت گرميءَ جو درجو 00C کان گھٽ ٿي سگھي ٿو.

ماڻھو ۽ مذھبسنواريو

مشھد ۾ رھندڙ مختلف نسلن جا ماڻھو
فارسي
  
92.5%
خراساني ترڪ
  
4%
خراساني ڪرد
  
3%
عرب
  
0.1%
ٻيا
  
0.4%

مشھد جا اڪثر رھواسي فارسي قوم جي مختلف قبيلن سان واسطو رکن ٿا. ھتي ڪردش ۽ ترڪش ٻولي ڳالھائيدڙ ماڻھو بہ ٿوري تعداد ۾ آباد آھن جيڪي خراسان جي اترين علائقن کان لڏي اچي ھتي رھيا آھن. ھتي عربي نسلن جا ڪافي اھڙا ماڻھو آباد آھن جيڪي اڄڪلھ عربي نٿا ڳالھائين. مشھد ھڪ مقدس شھر آھي ۽ ھر سال 20 لکن کان بہ وڌيڪ زائرين امام رضا جي روضي تي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لاِِءِ حاضري ڀريندا آھن[10]. زائرين جي پيھ کي گھٽائڻ لاءِ کين ھن شھر ۾ فقط ٻہ ڏينھن رھڻ جي اجازت ڌني ويندي آھي.

معيشيتسنواريو

مشھد ايران جو ٻيو نمبر وڏو موٽر ڪارن جي پيداوار جو مرڪز آھي. شھر جي معيشيت جو دارومدار ڪيترين ئي شين تي آھي جن ۾ ھيٺيون شيون شامل آھن:

طشڪ ميوا، زعفران، عطر، ايراني مٺايون، قيمتي پٿر جهڙوڪ عقيق، فيروزي، ياقوت ۽ زمرد، سون ۽ چانديءَ جا زيور، مذھبي سوکڙيون، کاڌي پيتي جون شيون، ڪوٽ، مفلر، اسڪارف (حجاب) ۽ قالين وغيرھ.. ٻين وڏين صنعتن ۾ ڪپڙو، چمڙي مان ٺھيل شيون، ٽيڪسٽائيل، ڪيميڪل، اسٽيل، ڌاتوئي ۽ غير ڌاتوئي شيون، تعميراتي سامان ۽ دستڪاري وغيرھ. سياحت ھتان جي سڀ کان وڏي صنعت آھي. جيئن مٿي بيان ڪيل آھي، لکين زائرين ھر سال ھن ڀلاري شھر ۾ زيارتن لاءِ اچن ٿا، ان ڪري ھتي ڪيتريون ئي ھوٽلون ۽ گيسٽ ھائوس قائم ڪيا ويا آھن.

آمدورفتسنواريو

مشھد بين الاقوامي ھوائي اڏو تھران جي محراب آباد ھوائي اڏي کان پوءِ ملڪ جو ٻيو نمر مصروف ترين ھوائي اڏو آھي. ھتان ايران جي شھرن کان علاوھ ايشيا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن لاءِ ھوائي جھاز اڏامون ڀرين ٿا. شھر جي ھڪ حصي کان ٻئي حصي تائين وڃڻ لاءِ ريل ۽ ميٽرو جي سروس موجود آھي. ھي شھر ريل ۽ روڊ وسيلي ايران جي ٻين شھرن سان ڳنڍيل آھي. مشھد کان ريل وسيلي آذربائيجان جي شھر نخجوان تائين سفر ڪري سگھجي ٿو. روڊ وسيلي مشھد کان ترڪمانستان جي شھر بجنورد تائين سفر ڪرڻ جي پڻ سھولت موجود آھي.

حوالاسنواريو

  1. "Razavi Khorasan (Iran): Counties & Cities - Population Statistics, Charts and Map". www.citypopulation.de. حاصل ڪيل 2022-01-08. 
  2. "مشھد مقدس مختصر تاریخ". شیعہ ورلڈ فورم (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2022-01-08. 
  3. "مشهد، پايتخت معنوي ايران اعلام شد". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-01-08. 
  4. "حضرت خضر کی عبادتگاہ - قم". urdu.tebyan.net. حاصل ڪيل 2022-01-12. 
  5. "بحار الأنوار - ط دارالاحیاء التراث - العلامة المجلسي - کتابخانه مدرسه فقاهت". lib.eshia.ir (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-01-08. 
  6. "الغيبة - Book section النص Page 62". noorlib.ir. حاصل ڪيل 2022-01-08. 
  7. Zabeth (1999) pp. 12–13.
  8. "Mashhad, Iran". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-01-08. 
  9. "غذاهای سنتی گریوان". salariyan.blogfa.com. حاصل ڪيل 2022-01-08. 
  10. correspondent, Tehran Bureau. "Prayer, food, sex and water parks in Iran's holy city of Mashhad". the Guardian. حاصل ڪيل 2022-01-09.