رسول حمزه توف
رسول حمزه توف | |
---|---|
(اڙيا ۾: ХIамзатил Расул) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 8 سيپٽمبر 1923 [1][2][3][4] |
موت | 3 نومبر 2003 (80 سال)[2][3][4] ماسڪو |
شھريت | سوويت يونين (–1991) روس (1991–)[5] |
عملي زندگي | |
پيشو | شاعر ،ليکڪ ،ترجميڪار ،سياستدان |
مادري ٻولي | آوار ٻولي |
ڪم جي ٻولي | روسي ٻولي ،آوار ٻولي |
ترميم |
رسول حمزه توف: Rasul Gamzatovich Gamzatov: داغستان جي آوار avar ٻوليءَ جو عظيم شاعر 8 سيپٽمبر 1923 ۾ اتر اوڀر ڪوھ قاف جي اوچن پھاڙن ۾ داغستان جي ضلعي خنزاخسڪي جي ھڪ ڳوٺ زيڊا ۾ پيدا ٿيو.سندس پيءُ جو نالو حمزه ھيو.سندس تعلق داغستان جي 36 قوميتن مان ھڪ قوميت آوار سان ھيو.پاڻ سويت يونين جو برک شاعر هو.داغستان ۾ آوار ٻولي ڳالهائيندڙن جو تعداد 170000 ھيو ۽ ھن پنھنجي ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي.[6]
زندگي
سنواريوننڍپڻ ۾ ڪھاڻيون ۽ بيت ٻڌڻ جو شوقين ھوندو ھو. بيت ياد ٿي ويندا ھيس . پاڙيسري کان ھڪ ڪھاڻي ٻڌڻ جي عيوض ٽي ڏينھن ان جو گھوڙو چاريندو هو. ھن جو پيءُ حمزه قصا ڳائيندڙ شاعر (bard) ھيو. رسول حمزه توف پھريون نظم يارھن سالن جي عمر ۾ لکيو جيڪو ٻارن بابت ھيو جيڪي جھاز جي لھڻ واري جاء ڏي ڊڪندا پئي ويا. ھن جو شاعريءَ ۾ پھريون استاد سندس پيءُ ھيو. داغستان سان ھن جي بي پناه محبت ھئي جنھن جو اظھار ھن پنھنجي آتم ڪھاڻي منھنجو داغستان ۾ ڪيو آھي. کيس 1952 ۾ اسٽالن پرائيز ۽ 1963 ۾ لينن پرائيز مليو.
عمر جي پوئين حصي ۾ مخچڪلا (Makhachkala) شھر ۾ ڪئيسپن سمنڊ جي ڪناري تي واقع گھر ۾ پنھنجي ٽن ڌيئرن زرينہ (Zarema),فاطمہ (Patimat) ۽ زليخا (Salikhat) سان گڏ رھندو ھو.[7] 3 نومبر 2003 ۾80 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
حوالا
سنواريو- ↑ مدیر: Alexander Prokhorov — عنوان : Большая советская энциклопедия — اشاعتسوم — باب: Гамзатов Расул Гамзатович — ناشر: The Great Russian Encyclopedia
- ↑ 2.0 2.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w67b6hhn — subject named as: Rasul Gamzatov — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 3.0 3.1 Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/8081660 — subject named as: Rasul Gamzatov — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 4.0 4.1 Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/gamsatow-rassul-gamsatowitsch — subject named as: Rassul Gamsatowitsch Gamsatow
- ↑ Libris-URI: https://libris.kb.se/katalogisering/jgvz42k22cz0w1h — اخذ شدہ بتاریخ: 24 آگسٽ 2018 — ناشر: National Library of Sweden — شائع شدہ از: 14 جنوري 2013
- ↑ https://russiapedia.rt.com/prominent-russians/literature/rasul-gamzatov/. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://russiapedia.rt.com/prominent-russians/literature/rasul-gamzatov/. Missing or empty
|title=
(مدد)