ميرا داغستان يا منھنجو داغستان (انگريزي ٻولي: My Dagestanداغستان جي مشھور قومي شاعر رسول حمزه توف جو لکيل ڪتاب آهي، جنھن جو مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.

میرا داغستان
منھجو داغستان
My Dagestan
مصنف رسول حمزه توف
اصل عنوان My Dagestan
ملڪ سويت يونين
ٻولي اوار ٻولي (Avar language)
صنف آتم ڪٿا

پاڪستان ۾ اردو ۾ ان ترجمو ميرا داغستان جي نالي سان ٿيل آھي. روسي ٻولي ۾ ھن ڪتاب جو ترجمو ھڪ اديب ولاديمير سولواوخين ڪيو ھو. ھي ڪتاب رسول حمزه توف جي آتم ڪٿا آھي جنھن ۾ ھن پنھنجي ديس سان لازوال محبت جو اظھار ڪيو آھي.ڪتاب ۾ نثر سان گڏ ڪٿي ڪٿي شاعري بہ شامل ڪئي اٿائين.[1] ڪتاب ۾ ھن داغستان جي ڳوٺاڻي ۽ پھاڙي زندگيءَ جا تفصيل وڏڙن جون حڪمت واريون ڳالھيون ۽ داغستان جي وڻ ٽڻ، پھاڙ، ماڻھن سان ليکڪ پنھنجي محبت جو خوبصورتي سان اظھار ڪيو آھي. [2]

حوالا سنواريو

  1. "Encyclopedia". حاصل ڪيل 24 September 2014. 
  2. {میرا داغستان: رسول حمزہ توف}