اڙيا ٻولي

اڙيا زبان

اوريا/ اُڙيا (Oriya ):هي -ٻولي- اُريا (Uriya)، اُتڪلي (Utkali)، اوڏڙي (Odri) اوڊرم (Odrum) اوليا (Oliya) اوڙيسا (Orisa) واڊيا (Vadiya) ۽ يڌيا (Yudhiya) جي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي. مغل -بندي- (Mughal bandi) اوريا جو معياري لهجو آهي. ڏاکڻي اوريا، اترين اوريا، الهندي اوريا، جنهن کي سمبل پوري به چون. -اتر- بلاسور (Balasoore) اوريا، مدناپوري اوريا، هلبي (Halbi). هر لهجي کي وري ننڍا ننڍا لهجا آهن. هيءَ -ٻولي- هندستان جي اوڙيسا، جهار کنڊ، رانچي ضلعن ۾، ڇتيس ڳڙهه، راءِ ڳڙهه، راءِ پور، بستار ضلعن ۾، اولهه -بنگال-، مديني پور ضلعن ۾ آسام، آنڌرا پرديس کان سواءِ بنگلاديش ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هندستان ۾ هن جا ڳالهائيندڙ 31666000 کن ٿيندا. هڪ خيال آهي ته هيءَ -ٻولي- هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي ٻولين جي مشرقي خطي جي شاخن مان آهي. جڏهن ته ٻئي خيال موجب دراوڙي آهي. هيءَ -ٻولي- اوريائي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. هيءَ -ٻولي- اصل ۾ اوڏن جي -ٻولي- آهي. هڪ خيال آهي ته اوڙيسا، اوڏر ديش کي چون ٿا. اوڏن جي سنڌ ۾ موجودگيءَ سبب چئي سگهجي ٿو ته هيءَ -ٻولي- سنڌ ۾ به ڳالهائي ويندي آهي، پر -ان- تي سنڌيءَ جو گهڻو اثر آهي.[1]