راڄپر سنڌ جي هڪ قبيلي جو نالو آهي. راڄپر معنيٰ راجا جي اولاد، ٻين لفظن ۾ راڄپر راڄپوت جو ٻيو نالو آھي. راڄپر سماٽ ذاتين مان آهن ۽ راڄپر سميجا سان پُشت ۾ ملن ٿا.[1] [2] راڄپر سنڌ جي نوشهرو فيروز ضلعو، خيرپور ضلعو، نوابشاهه ضلعو، سانگهڙ ضلعو، لاڙڪاڻو ضلعو سميت سنڌ جي تمام ننڍن وڏن شهرن ۾ آباد آهن. راڄپر قبيلي جا ڪجهه ماڻهو ڀارت (انڊيا) ۾ پڻ آباد آهن. ڀارت ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو راڄپاري پڻ آهي. راڄپر قبيلو سنڌ جو وڏو قبيلو آهي جنهن ۾ تقريبن 70 کان مٿي پاڙا (نُکون، يا سب ڪاسٽ) آهن،[حوالو گهربل] جن ۾ ٻانڀڻ، ڪُٻر، ويسر، جوڳي، مانڊڻ، صمداڻِي، نانگور، وڏهر، پاتا، بگهڙ، ڏوڏيجا، ڏنگيجا، لکوجا، وغيره شامل آهن.[2][3]هن قبيلي جو موجوده سردار خالد احمد خان راڄپر آهي، جيڪي اصل پڊعيدن شهر ويجهو هڪ ڳوٺ چيهو شريف جا رهاڪو آهن.

راڄپر Rajpar
The Seal of Sardar Rajpar.jpg
راڄپر برادري جي سردار جي مُهر
نمايان آبادي وارا علائقا
نوشهرو فيروز ضلعو خيرپور ضلعو نوابشاهه پاڪستان
1000000- 1500000[حوالو گهربل]
ٻوليون

سنڌي,

مذھبَ

اسلام - سني, اڳ هندومت, ٻڌمت

لاڳاپيل نسلي گروھ

سنڌي ماڻهو

The Seal of Sardar Rajparراڄپر سردار جي مُھر

تاريخ

راڄپر ڪشتري (Kshatriya) راجپوت آهن، هي اصلوڪا هندو سنڌي هئا، جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا. راڄپر سنڌو درياه ذريعي واپار ڪندڙ بحري جهازن کان ناڪو (محصول، ٽيڪس) اوڳاڻيندا هيا.ھي قبيلو دريائي قزاڪ (پائريٽس Pirates) ھيو.

سنڌو درياھ جي ساڄي ڪپ تي ھيو ۽ ان جي ٻئي طرف سنڌو درياھ جي کاٻي ڪپ تي ڪَڪِڙي پُرڳڻي سان لڳو لڳ درٻيلي جو پُرڳڻو ھو(جيڪي مير معصوم جي جاگير ۾ اچي ويا)، جتي سھتن ۽ راڄپرن جا راڄ ھُيا، جيڪي پنھنجي پيدائشي حقن لاءِ ڌارئين جي غلبي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نہ ھيا. بکر جي مغل نواب سيد بايزيد بُخاريءَ جي اطاعت ھنن جي قومي مذھب ۾ حرام ھُئي. جنھنڪري ھو سدائين بکر جي مُغل نواب سان مُھاڏو اٽڪائيندا رھندا ھيا.

راڄپر سنڌ جو ويڙهاڪ قبيلو رهيو آهي، راڄپر قبيلي تي مغل بادشاھت جي دؤر ۾ اوچتو جنگي حملو ڪيو ويو، جڏھن سنڌ تي حملي آور ۽ پوءِ سنڌ جو گورنر بڻجي ويل عيسيٰ خان تُرخان جي حُڪم سان بکر سرڪار جي ڪمانڊر سيد بايزيد بخاريءَ راڄپرن تي اوچتو جنگي حملو ڪيو ھيو. ان وقت راڄپر مسجد ۾ عيد جي نماز پڙھي رھيا ھيا ۽ نماز ۾ مشغول سنڌين تي اچي مغل فوج ڪڙڪي، جتي ھزارين بي ھٿيار سنڌين کي قتل ڪيو ويو ۽ باقي بچي ويل مرد، عورتن ۽ ٻارڙن کي قيد ڪري وڃي بکر جي قلعي ۾ بند ڪيائون.[4] اندازن جيڪڏھن اھا عيدالفطر ھُئي تہ ان حساب سان تاريخ 12 آڪٽوبر، 1616ع (1 شوال 1025ھجري) جيڪڏھن اھا عيدالاضحٰ ھُئي تہ ان حساب سان حملي جي تاريخ 20 ڊسمبر 1616ع (11 ذوالحج 1025ھجري) ٿيندي. هيءَ جنگ هالاڻيءَ جي ڀرسان لڳي هُئي،[حوالو گهربل] جنهن ۾ اندازي موجب 3000 کان 4000 جي لڳ ڀڳ بي ھٿيار راڄپر سپاھين جو قتلام ڪيو ويو. عيسيٰ خان تُرخان ۽ مدد خان پٺاڻ جي پوئئنيرن مان هينئر آغا سراج دُراني وارا شڪارپور جا رهاڪو آهي.حوالو گھربل

شجرو

 
راڄپر جو شجرو

راڄپر قبيلي جو شجرو رائيڌڻ کان شروع ٿيل ڄاڻايو ويو آهي، جنهن مان سمون، انڙ ۽ ان جي اولاد ۾ 28 ڀائرن مان راڄپر به هڪ هو، جنهن مان هي قبيلو اسريو.[2] راڄڙن ۾ به هنن مان راڄپار نالي سان هڪ پاڙو آهي.[2]

پاڙا

راڄپر قبيلي جا 57 کان مٿي پاڙا آھن.[2]

 
راڄپر قبيلي جا پاڙا


وڌيڪ پڙھو

حوالا

  1. ڪتاب ، ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا، ليکڪ خير محمد سيهواڻي
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 "راڄپر 2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-04-16. 
  3. ڪتاب، سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلا، ليکڪ اياز ڀاڳت
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2018-12-07. 


ٻاهريان ڳنڍڻا