درازا(انگريزي: Daraza) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي خيرپورميرس جي تعلقي صوڀوديرو جي شھر راڻي پور جي ڀرسان واقع ھڪ مشھور ڳوٺ جتي سنڌ جي مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر ھفت زبان فقير عبدالوهاب فاروقي معروف سچل سرمست جي مزار واقع آهي. 1700 ايڪڙن تي مشتمل ھي ڳوٺ درازا شريف سڏبو آهي. لفظ درازا فارسي ٻولي جي لفظ در راز "Dar-e-raaz" جي بگڙيل صورت آهي جنھن جي معنيَ آهي خدائي رازن جو دروازو. [1] ان جو جاگرافيائي مقام 30°18'22N 68°51'36E طرف 154 فٽن جي الٽيٽيوڊ تي واقع آهي.[2]

درازا
ڳوٺ
Daraza
درازا is located in سنڌ
درازا
درازا
جاگرافي بيهڪ: 27°18′N 68°31′E / 27.30°N 68.51°E / 27.30; 68.51مڪانيت: 27°18′N 68°31′E / 27.30°N 68.51°E / 27.30; 68.51
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
بلندي 46 ميل (151 ft)

تاريخ سنواريو

مرزا علي قلي بيگ لکيو آهي ته: ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾، سچل سرمست جي فاروقي خاندان جي وڏي عزت ٿي. کين گنبٽ ۽ راڻيپور جي وچ ۾ جاگيرون مليون. فاروقي بزرگن اهي جاگيرون پنهنجن ٻن خاص مريدن، هر هڪ: ’دراز ونڊير‘ ۽ ’ڪاجن ونڊير‘ کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏنيون، جن اتي پنهنجا ڳوٺ ٻَڌايا. ڪاجن ونڊير جو ڳوٺ درازا جي اتر اولهه ۾ هو، جيڪو اڳتي هلي ڦِٽي ويو، پر درازا ونڊير جو ڳوٺ، جو پوءِ ’درازا شريف‘ جي نالي سان مشهور ٿيو، اڄ به موجود آهي ۽ درازا جي نالي سان سڏجي ٿو. ٿوري عرصي کانپوءِ سچل سرمست جو ڏاڏو ميان صاحب ڏنو ۽ ٻيا مخدوم به ٻين هنڌن تان لڏي اچي درازين داخل ٿيا[3].

حوالا سنواريو