دوآبو
ديھ دوآبو يا ديھ دوابو(انگريزي: Deh Doabo) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا دوآبو تپي ۾ واقع آهي.
دوابو (قمبر) ديھ دوآبو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Doabo | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°34′00″N 68°02′19″E / 27.56667°N 68.03861°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
پکيڙ | |
• ڪل | 3,504 ڪ.م2 (1,353 ميل2) |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 3 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ديھ ۾ واقع ڳوٺن م ڳوٺ صابر شاھ، ڳوٺ علي بخش، ڳوٺ ھوٿي ڏھوٽ، ڳوٺ راضي ڳرڙ، ڳوٺ مير محمد ميتلو، ڳوٺ ڇڄڙا ۽ ڳوٺ وريو ميمڻ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ جي اتر م جيئڻ ابڙي واري جاء تي ديھ جھٻيرو واقع آهي ۽ مٿيان ڳوٺ پڻ اڃان قائم آھن پر انھن مان ڳوٺ وريو ميمڻ ھاڻي ڳوٺ عبيدالله جاگيراڻي سڏجي ٿو. ڳوٺ ڇڄڙا نورنگ واھ جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي پر ھاڻي ان جي کاٻي ڪپ تي ھڪ نئون ڳوٺ پيربخش ميتلو قائم ٿي چڪو آهي جيڪو 1960 تائين ڪونہ ھيو.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ کٻريڙو ۽ ديھ جيئڻ ابڙو، اوڀر ۾ ديھ ايلچي، ڏکڻ ۾ پوٺو ابراهيم ۽ اولھ ۾ ديھ اھير واقع ھئا. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ مان نورنگ واھ، گھاڙ واھ ۽ لاڙڪاڻو قمبر ريلوي لائين ۽ لاڙڪاڻو قمبر روڊ پڻ گذرن ٿا
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,504 ھئي جيڪا 843 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].