ديھ (انگريزي: Deh Potho Ibrahim) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا دوآبو تپي ۾ واقع آهي.

پوٺو ابراهيم (قمبر)
ديھ پوٺو ابراهيم
ديھ
Deh Potho Ibrahim
پوٺو ابراهيم (قمبر) is located in سنڌ
پوٺو ابراهيم (قمبر)
پوٺو ابراهيم (قمبر)
پوٺو ابراهيم (قمبر) is located in Pakistan
پوٺو ابراهيم (قمبر)
پوٺو ابراهيم (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°34′20″N 67°04′23″E / 27.57222°N 67.07306°E / 27.57222; 67.07306مڪانيت: 27°34′20″N 67°04′23″E / 27.57222°N 67.07306°E / 27.57222; 67.07306
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 2,774

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1936ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ در محمد چانڊيو، ڳوٺ الھندو ھليو، ڳوٺ ڪريم ڏنو ھليو، ڳوٺ نورل ھليو، ڳوٺ قادربخش ميتلو، ڳوٺ سومار ھليو، ڳوٺ خيرمحمد ھليو، ڳوٺ صاحب خان ڳرڙ، ڳوٺ ملان مراد ھليو، ڳوٺ دودو ھليو ۽ ڳوٺ حاجي ھليو واقع ھيا. انھن ڳوٺن مان ڳوٺ حاجي ھليو، ڳوٺ دودو ھليو، ملان مراد ھليو ۽ صاحب خان ڳرڙ ھاڻي بہ ساڳي نالن سان معروف آھن. ڳوٺ نورل ھليو ھاڻي ڳوٺ نور محمد ھليو ۽ ڳوٺ خيرمحمد ھليو ھاڻي ڳوٺ يارمحمد ھليو سڏجي ٿو. باقي ٻيا پراڻا ڳوٺ غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ايلچي، ديھ دوآبو ۽ ديھ اھير ، اوڀر ۾ لاڙڪاڻو تعلقو، اولھ ۾ ديھ آبڙي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ رتوڪوٽ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. اتر م ريلوي رستو گذرندڙ آھي ء اتر اولھ کان لاڙڪاڻو قمبر روڊ ۽ نورنگ واھ گذرندڙ آھن.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,774 ھئي جيڪا 447 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

مشھور شخصيتون سنواريو

سنڌ ھاء ڪورٽ جي جج جسٽس آفتاب احمد ڳرڙ جو تعلق ھن ديھ جي ڳوٺ صاحب خان ڳرڙ سان آھي.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]