ديھ جيڻ ابڙو (انگريزي: Deh Jeean Abro) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا جيئن ابڙو تپي ۾ واقع آهي.

جيئن ابڙو (قمبر)
ديھ جيڻ ابڙو
ديھ
Deh Jeean Abro
جيئن ابڙو (قمبر) is located in سنڌ
جيئن ابڙو (قمبر)
جيئن ابڙو (قمبر)
جيئن ابڙو (قمبر) is located in Pakistan
جيئن ابڙو (قمبر)
جيئن ابڙو (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°36′08″N 68°03′10″E / 27.60222°N 68.05278°E / 27.60222; 68.05278مڪانيت: 27°36′08″N 68°03′10″E / 27.60222°N 68.05278°E / 27.60222; 68.05278
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 6,710

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1879 کان 1905ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ تپو عيسو ۾ واقع ھئي بعد ۾ تپو عيسو ختم ڪري تپو جيئڻ ابڙو قائم ڪيو ويو.ان پراڻي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ عزت خان جتوئي، پنھورن جو ڳوٺ، سڄڻ وارو مقام, ڪلھوڙن جو ڳوٺ، ڳوٺ پانو جاگيراڻي جنھن لڳ ٻروچن جا گھر، ڳوٺ جيڻ ابڙو جنھن لڳ ڳوٺ موڪ واقع ھيا. لاڙڪاڻي کان ايندڙ گھاڙ واھ مان نڪرندڙ نور واھ پڻ اتان گذرندڙ ھيو. رتوديرو قمبر روڊ ۽ سجاول جوڻيجو قمبر روڊ پڻ اتان گذرندڙ ھيا. ھاڻي ان ديھ صرف ڳوٺ جيڻ ابڙو ۽ ٻہ نئين نالن سان درمان جاگيراڻي ۽ مراد خان جاگيراڻي واقع آهن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ھليا، اوڀر ۾ ديھ ڀرمي ۽ ديھ کبرارو، اولھ ۾ ديھ عيسو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ اھير ۽ ديھ دوآبو واقع آهن. ديھ جي ڏاکڻي پاسي واقع جيڻ ابڙو ڳوٺ جي وچان نور واھ ۽ رتوديرو قمبر ڳوٺ گذرندڙ آھن. ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6710 ھئي جيڪا 854 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]