ديھ کٻريڙو(انگريزي: Deh Khabrero) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا دوآبو تپي ۾ واقع آهي.

کٻريڙو (قمبر)
ديھ کٻريڙو
ديھ
Deh Khabrero
کٻريڙو (قمبر) is located in سنڌ
کٻريڙو (قمبر)
کٻريڙو (قمبر)
کٻريڙو (قمبر) is located in Pakistan
کٻريڙو (قمبر)
کٻريڙو (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°36′43″N 68°05′31″E / 27.61194°N 68.09194°E / 27.61194; 68.09194مڪانيت: 27°36′43″N 68°05′31″E / 27.61194°N 68.09194°E / 27.61194; 68.09194
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 5,011

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ پير بخش کھاوڙ، ڳوٺ غازي خان کھاوڙ جنھن جي لڳ ميان شاھل محمد جو مقام، ڏاھرين جو ڳوٺ، ڳوٺ مائري، ڳوٺ شير علي ڀٽي واقع ھيا ۽ ڏکڻ اوڀر واري ڪُنڊ تي بنگلو واقع ھيو. ھاڻي اتي ڪافي تبديلي اچي وئي آھي. ھن وقت اتي واقع ڳوٺ جا نالا ڳوٺ شريف ڀٽو، ڳوٺ حبيب الله مغيري، ڳوٺ دوست محمد مغيري، ڳوٺ صاحب ڪلھوڙو ۽ ڳوٺ ناري ڪلھوڙو، ڳوٺ سلمان بن فارس، ڳوٺ ٻيلو مغيري آھن باقي پراڻا ڳوٺ ھاڻي ختم ٿي يا انھن جا نالا مٽجي چڪا آهن. ميان شاھل محمد ڪلھوڙو جو مقبرو ھن ديھ م واقع آهي.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ پيروز ڀٽي ۽ ديھ ڀرمي، اوڀر ۾ ديھ ميھيون، اولھ ۾ ديھ جيڻ ابڙو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ايلچي ء ديھ دوآبو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ جي اتر اولھ وارن دنگن تي ڪور ڏاتو ۽ ڏکڻ واري دنگ تي نورواھ وھندڙ آھن.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,011 ھئي جيڪا 771 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]