جوليا لي (انگريزي ٻولي: Julia Leigh) ڄائي (1970ع) هڪ آسٽريلوي ناول نگار، فلم ڊائريڪٽر ۽ اسڪرين رائيٽر آھي. 2011ع ۾ ھن جي پهرين فيچر فلم نالي ”سليپنگ بيوٽي“ ڪينز فلم فيسٽيول جي آفيشل ڊوڙ ۾ ڏسجڻ لاءِ چونڊ ٿي.[1] هيءَ ٻن ايوارڊ کٽيندڙ ناولن دي هنٽر ۽ ڊسڪوائيٽ جي ليکڪا آھي، جنهن سبب هن لاءَ هڪ ڏائڻ وارو اصطلاح مروج ٿيو، جا زمين ڌٻڻ بعد ماڻھن کان اوجهل خاموش مورچو سنڀاليندي هجي.

جوليا لي
جوليا لي
پيدائش 1970 (عمر 53–54)
سڊني, نئون سائوٿ والس, آسٽريليا
تعليم بي اي, ايل ايل.بي, پي ايڇ ڊي انگريزي ۾
مادر علمي يونيورسٽي آف سڊني, ايڊيليڊ يونيورسٽي, آسٽريليا
پيشو ڊائريڪٽر، اسڪرين رائٽر
سَرگَرمُ سالَ 1999–present

اوائلي عمر ۽ سکيا سنواريو

1970ع ۾ نيو سائوٿ والس سڊني ۾ پيدا ٿيڻ واري لي ٽن ڀينرن ۾ وڏي آ. هن جو پيءُ فزيشن جڏهن تَ ماءُ رياضيءَ جي استاد ھئي. لي وڪالت ۾ پي.ايچ.ڊي ڪرڻ کان پوء NSW سپريم ڪورٽ ۾ ليگل پريڪٽشنر طور مقرر ٿي. ڪافي عرصو آسٽريلين سوسائٽي آف آٿرس جي قانوني ايڊوائيزر طور ڪم ڪرڻ ڪري هيء لکڻ ڏانهن مائل ٿي. فرينڪ مور هائوس ۽ ٽوني موريسن 2003ع کان روليڪس مينٽر ۽ آرٽس انيئيٽو جي اشاعت ۾  سندس ساٿي ۽ سينيئر رهيا. 2009ع ۾ لي کي ايڊلئڊ يونيورسٽي پاران انگريزيء ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگريء سان نوازيو ويو.

ڪيريئر سنواريو

لي دي هنٽر ۽ ڊسڪوائيٽ ناولن جي ليکڪا آھي، جن سٺي موٽ ماڻي. ڊسڪوائيٽ 2009ع جي نمايان ٻئين لمبر ناول طور اينڪور ايوارڊ ماڻيو. جڏهن ت هنٽر ناول تي هڪ فلم 2011ع ۾ ٺھي جنهن ۾ وليم دافيو، سام نيل ۽ فرانسيز او ڪونر ناٽڪين ڪردار نڀايا. لي 2011ع ۾ ايملي بروننگ کي کڻي هڪ فلم ٺاهي جنهن ۾ ڊاريڪٽر ۽ ليکڪ طور هن فرض سرانجام ڏنو. هي هڪ يونيورسٽي شاگرد جي بابت آھي جا ڪلپنائن جي هڪ منجهائيندڙ دنيا ۾ پهچي ٿي. هي فلم ڪينز فلم فيسٽيول جي اهم ڊوڙ ۾ شامل ٿي. 2016ع ۾ لي پنهنجي زندگي جي تجربن بابت هڪ ڪتاب شايع ڪيو. جنهن بابت سڊني مارننگ هيرالڊ ۾ گريچن شرم لکيو ت هن ڪتاب جي دل ۾ ھڪ تڙپ ۽ اڪسائپ لڪل آ جا پنهنجون تخليقون ۽ خدمتون ٻين سان سخاوت طور ارپجن. 2015ع ۾ کيس ميلبورن يونيورسٽي پاران  پيٽر بلئزي فيلوشپ ايوارڊ سان سندس خدمتن جي اعتراف ۾ نوازيو ويو. 2016ع ۾ هيءَ آسٽريليا ڪائونسل ”فيلوشپ ان لٽريچر“ ايوارڊ سان نوازي وئي هڪ نئين ناول تي ڪم ڪرڻ ڪري. لي ڳپل عرصو پئرس ۽ نيويارڪ ۾ گزاريو جتي هيء برنرڊ ڪاليج ۾ ايڊجنڪٽ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي رهي.

فلموگرافي سنواريو

جوليا لي جي 2011ع ۾ ھڪ فلم ”سليپنگ بيوٽي“ جي نالي سان ريليز ٿي، جنهن جي ڪهاڻي بِ ھن ئي لکي ۽ ڊائريڪٽر بِ پاڻ ھئي. هيءَ فلم ڪينز فلم فيسٽيول ۾ چونڊي.

حوالا سنواريو