جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ

ضياءُ الحق جي فوجي آمريت خلاف تحريڪ

جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ يا موومينٽ فار دَ ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي (Movement for the Restoration of Democracy)، جنھن کي عام طور تي انگريزي مخفف ايم.آر.ڊي (MRD) سان سڃاتو ويندو آھي، پاڪستان ۾ حڪومت جي مخالف ڌر جي پارٽين گڏجي، فيبروري 1981ع ۾ صدر ضياءُ الحق تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ هلائي هئي تہ جيئن هو 1973ع جي آئين موجب غيرجانبدار چونڊون ڪرائي. هن تحريڪ ۾ هيٺيون 11 سياسي پارٽيون شامل هيون: پاڪستان پيپلزپارٽي، جميعت علماءِ اسلام، نئشنل عوامي پارٽي، نئشنل ڊئمو ڪرئٽڪ پارٽي، پاڪستان ڊئموڪرئٽڪ پارٽي، عوامي تحريڪ، پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (خواجہ خيرالدين گروپ)، پاڪستان نئشنل پارٽي، قومي محاذ آزادي ۽ تحريڪ استقلال.

هن تحريڪ جو بنياد، 6 جنوري 1981ع تي لاهور ۾ پيو. سنڌ ۾ صحيح معنيٰ ۾ تحريڪ جي شروعات 1983ع ۾ ٿي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ان وقت جي سنڌ جي صدر غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ عوام روڊن تي نڪري آيو. مظاهرا ۽ هڙتالون ڪيائون، تنهنڪري ڪافي گرفتاريون بہ ٿيون. پي.پي.پي جي ڪارڪنن ۽ سرڪاري ايجنسين جي وچ ۾ هنگاما ٿيا. تحريڪ وڏي پيماني تي هلي، پر جنرل ضياءُ الحق مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪيو.

1986ع ۾ ٻيهر ايم.آر.ڊي تحريڪ هلائي ويئي. هن ڀيري تحريڪ استقلال ايم.آر.ڊيءَ کان جدا ٿي چڪي هئي. هن تحريڪ دوران سنڌ کي وڏو نقصان رسيو. سوين سنڌي نوجوان، فوجي حڪومت هٿان شهيد ٿي ويا. هن تحريڪ ۾ خيرپور ناٿن شاھ، ميهڙ، دادوءَ، سڪرنڊ، موري، نوشهري فيروز، ڳوٺ طيب ٿهيم، ڳوٺ احمد خان برهماڻيءَ جا سوين انسان قتل ٿيا ۽ سنڌ جو آواز عالمي سطح تائين پهتو. 1988ع جي عام چونڊن کان ٿورو اڳ هي اتحاد (ايم.آر.ڊي) ختم ٿي ويو. هر پارٽي الڳ الڳ ٿي وئي. پيپلزپارٽي اڪيلي سر، وڏي پارٽي هئڻ جي ناتي، چونڊن ۾ حصو ورتو، جڏهن تہ ٻين پارٽين مسلم ليگ سان اتحاد ڪري ”اسلامي جمهوري اتحاد“ (آءِ.جي.آءِ) جو بنياد رکيو.[1][2]

حوالا سنواريو