اسلامي جمھوري اتحاد

اسلامي جمهوري اتحاد- ”آءِ جي آءِ“ سيپٽمبر 1988ع ۾ پيپلزپارٽي جي مقابلي لاءِ انهيءَ سال ٿيندڙ چونڊن لاءِ ٺاهيو ويو. اهو -اتحاد- به -پاڪستان- قومي -اتحاد- (پي اين اي) وانگر نون جماعتن تي ٻڌل هو. ساڄي ڌر جي هن -اتحاد- ۾ -پاڪستان مسلم ليگ- (نواز شريف) نيشنل پيپلزپارٽي (غلام مصطفيٰ جتوئي) ۽ -جماعت اسلامي- مکيه جماعتون هيون. اخبارن ۽ رسالن جي ڇپيل خبرن موجب هن -اتحاد- جوڙڻ ۾ هڪ سرڪاري ڳجهي اداري جي سربراهه جنرل حميد گل اهم ڪردار ادا ڪيو هو. -اتحاد- جو سربراهه بظاهر غلام مصطفيٰ -جتوئي- هو، پر با اثر اڳواڻ نواز شريف هو. 1988ع وارين عام چونڊن ۾ آءِ. جي آءِ. قومي -اسيمبلي- ۾ 53 سيٽون کنيون. جڏهن ته پيپلزپارٽيءَ کي 92 سيٽون مليون. آءِ جي آءِ گهڻيون سيٽون پنجاب مان کنيون. ائين پهريون ڀيرو نواز شريف پيپلزپارٽيءَ جي مخالف ۽ متبادل اڳواڻ طور اڀريو، ڊسمبر 88ع ۾ آءِ جي آءِ جي جهنڊي هيٺ پنجاب ۾ نواز شريف صوبائي حڪومت ٺاهي. هي اهو سياسي بنياد هو جنهن -تان- نواز شريف ڪوششون وٺي ۽ اڳتي هلي وزيراعظم ٿيو. 90ع وارين چونڊن ۾ نه آءِ جي آءِ ۽ نه ئي وري پيپلزپارٽي واضح اڪثريت حاصل ڪري سگهي پر پوءِ به آءِ جي آءِ وٽ 105 سيٽون هيون، جڏهن ته پيپلزپارٽي ۽ -ان- جي -اتحاد- -پاڪستان- ڊيموڪريٽڪ الائنس (پي ڊي اي) وٽ 45 سيٽون هيون. 1993ع جي چونڊن ۾ آءِ جي آءِ نه رهي، -ان- ڪري نواز شريف پيپلزپارٽيءَ جي سمورين مخالف ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ويو.[1]

اسلامي جمھوري اتحاد جو جھنڊو

حوالا سنواريو