عالمي ورثو ماڳ
"عالمي ورثو ٺڪاڻو" اھڙيون جڳھون (جھنگ، جبل، ڍنڍ، ريگستان، يادگار، عمارت يا شھر) کي چيو ويندو آھِي جنھن کي بين الاقوامي عالمي ثقافتي ورثو پروگرام جي تحت گڏيل قومن جو تعليمي سائنسي ۽ ثقافتي ادارو (يونيسڪو) جي عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي جي مرتب ڪيل فهرست جي لاءِ نامزد يا ان ۾ شامل ڪيو ويو ھجي۔ هي منصوبو ثقافتي يا قدرتي اهميت جي حامل جڳھن جي فھرست مرتب ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو آھي۔ مختلف شرطن جي تحت مندرج جڳھن کي عالمي ورثو فنڊ مان رقمون فراھم ڪيون وينديون آھن۔ ھي منصوبو "عالمي ثقافتي ۽ قدرتي ورثي جي حفاظت جي حوالي سان ميثاق" جي ذريعي شروع ٿيو جنھن کي يونيسڪو جي مجلس عمومي 16 نومبر 1972ء تي اختيار ڪيو۔ ان وقت کان 184 ملڪ (بمطابق جولاءِ 2007ء) هن ڪنوينشن جي توثيق ڪري چڪا آھن۔ 2007ء جي مطابق 142 ملڪن جون 851 جڳھون ھن فھرست ۾ شامل آھن جن ۾ 660 ثقافتي، 166 قدرتي ۽ 25 مخلوط خصوصيتن جون حامل آھن۔ هر عالمي ورثي جي حامل جڳھ ان ملڪ جي ملڪيت آھي جتي اھو واقع آھي پر مستقبل ۾ بني نوع انسان جي لاءِ انکي محفوظ رکڻ عالمي برادري جي ذميداري آھي مختلف خطن ۾ واقع جڳھن جون خصوصيتون هيٺ ڏنل آهن:
خطو | قدرتي | ثقافتي | مخلوط | ڪل | % |
---|---|---|---|---|---|
آفريڪا | 33 | 38 | 3 | 74 | 9% |
عرب رياستون | 3 | 58 | 1 | 62 | 7% |
ايشيا بحر الڪاھل | 45 | 126 | 11 | 182 | 21% |
يورپ ۽ اتر آمريڪا | 51 | 358 | 7 | 416 | 49% |
لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين | 34 | 80 | 3 | 117 | 14% |
تاريخ
سنواريو1954 ۾، مصر جي حڪومت نئون اسوان هاءِ ڊيم (بند) کي اڏڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ مستقبل جو تلاءُ(حوض) به آخرڪار آڳاٽي مصر ۽ آڳاٽي نوبيا جي ثقافتي خزانن تي سموهيل وادي نيل جي هڪ وڏي حصي واري پکيڙ کي ٻوڙي ڇڌي ها.
لوڪ سڀا ۽ پس منظر
سنواريوآمريڪا فطرت جي تحفظ سميت ثقافتي بچاءَ جو وِيچار شروع ڪيو.
عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي اجلاس
سنواريوعالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي فهرست ۾ شامل جڳھن ۾ انتظامي معاملن تي غور جي حوالي سان سال ۾ متعدد ڀيرا اجلاس منعقد ڪندي آهي پر World Heritage Committee Session نالي اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي جنھن ۾ مختلف جڳھن کي عالمي ثقافتي ورثو فھرست ۾ شامل ڪيو ويندو آھي۔ ساليانو اجلاس دنيا جي مختلف شھرن ۾ منعقد ٿيندو آھي۔ پيرس (فرانس) ، جتي يونيسڪو جا صدر دفتر واقع آھڻ ، کان علاوه ھي اجلاس صرف عالمي ثقافتي ورثو ڪميٽي جي رڪن ملڪن ۾ ئي منعقد ٿي سگھي ٿو جنھن جي لاءِ انھن کي ڪميٽي جي منظوري درڪار ھوندي آهي۔
اجلاس | سال | تاريخ | ميزبان شھر | ملڪ |
---|---|---|---|---|
1 | 1977 | 27 جون کان پھرين جولاءِ | پيرس | فرانس |
2 | 1978 | 5 کان 8 سيپٽمبر | واشنگٽن ڊي سي | آمريڪا جون گڏيل رياستون |
3 | 1979 | 22 کان 26 آڪٽوبر | قاھره ۽ لگزور | مصر |
4 | 1980 | پھرين کان 5 سيپٽمبر | پيرس | فرانس |
5 | 1981 | 26 کان 30 آڪٽوبر | سڊني | آسٽريليا |
6 | 1982 | 13 کان 17 ڊسمبر | پيرس | فرانس |
7 | 1983 | 5 کان 9 ڊسمبر | فلورنس | اٽلي |
8 | 1984 | 29 آڪٽوبر کان 2 نومبر | بيونس آئرس | ارجنٽائن |
9 | 1985 | 2 کان 6 ڊسمبر | پيرس | فرانس |
10 | 1986 | 24 کان 28 نومبر | پيرس | فرانس |
11 | 1987 | 7 کان 11 ڊسمبر | پيرس | فرانس |
12 | 1988 | 5 کان 9 ڊسمبر | براسيليا | برازيل |
13 | 1989 | 11 کان 15 ڊسمبر | پيرس | فرانس |
14 | 1990 | 7 کان 12 ڊسمبر | بانف | ڪينيڊا |
15 | 1991 | 9 کان 13 ڊسمبر | ڪارٿيج | تونس |
16 | 1992 | 7 کان 14 ڊسمبر | سانتا في | گڏيل آمريڪي رياستون |
17 | 1993 | 6 کان 11 ڊسمبر | ڪارٽينا | ڪولمبيا |
18 | 1994 | 12 کان 17 ڊسمبر | فوڪٽ | ٿائلينڊ |
19 | 1995 | 4 کان 9 ڊسمبر | برلن | جرمني |
20 | 1996 | 2 کان 7 ڊسمبر | مريدا | ميڪسيڪو |
21 | 1997 | پھرين کان 6 ڊسمبر | نيپلز | اٽلي |
22 | 1998 | 30 نومبر کان 5 ڊسمبر | ڪيوٽو | جاپان |
23 | 1999 | 29 نومبر کان 5 ڊسمبر | مراڪش شھر | مراڪش |
24 | 2000 | 27 نومبر کان 2 ڊسمبر | ڪيرنز | آسٽريليا |
25 | 2001 | 11 کان 16 ڊسمبر | ھيلسنڪي | فن لينڊ |
26 | 2002 | 24 کان 29 جون | بڊاپسٽ | مجارستان |
27 | 2003 | 30 جون کان 5 جولاءِ | پيرس | فرانس |
28 | 2004 | 28 جون کان 7 جولاءِ | سوزو | چین |
29 | 2005 | 10 کان 17 جولاءِ | ڊربن | ڏکڻ آفريڪا |
30 | 2006 | 8 کان 16 جولاءِ | ولنيئس | لٿووينيا |
31 | 2007 | 23 جون کان پھرين جولاءِ | ڪرائسٽ چرچ | نيوزي لينڊ |
32 | 2008 | 2 کان 10 جولاءِ | ڪيوبڪ شھر | ڪينيڊا |
نامزدگي جو عمل
سنواريوڪنهن مُلڪ کي پهريون پنهنجي اهم ثقافتي ۽ قدرتي ماڳن تي فهرست (لسٽ) ٺاهڻي پوندي؛ نتيجو کي آزمائشي فهرست سڏيو ويندو آهي.
چونڊ معيار
سنواريو2004 تائين، ثقافتي ورثو لاءِ 6 معيار ۽ فطري ميراث (نيچرل هيريٽيج) جي معيار جا چار معيار هئا. 2005 ۾، ان ۾ ترميم ڪئي وئي هئي تہ هاڻي رُڳو ڏه معيارن جو هڪ سيٽُ مقرر ڪيل آهي. نامزد ٿيل ماڳ يا سائيٽن کي " نمايان عالمگير قدر" هجڻ گهرجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه معيارن منجهان ڪنهن هڪ سان پُورا لهندا هجن[1]. انهن معيارن جي ٺهڻ کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا انهن ۾ تبديلي يا / سُڌارا (ترميم) ڪيا ويا آهن.
ڪلچرل
سنواريو- "انساني تخليقي ذهانت ۽ ثقافتي اهميت جو هڪ شاهڪار پيش ڪندو هجي"
- "exhibits an important interchange of human values, over a span of time, or within a cultural area of the world, on developments in architecture or technology, monumental arts, town-planning, or landscape design"
- "to bear a unique or at least exceptional testimony to a cultural tradition or to a civilization which is living or which has disappeared"
- "is an outstanding example of a type of building, architectural, or technological ensemble or landscape which illustrates a significant stage in human history"
- "is an outstanding example of a traditional human settlement, land-use, or sea-use which is representative of a culture, or human interaction with the environment especially when it has become vulnerable under the impact of irreversible change"
- "is directly or tangibly associated with events or living traditions, with ideas, or with beliefs, with artistic and literary works of outstanding universal significance" [2]
نيچرل
سنواريو- "اُتم قدرتي اصول- مظهر يا غير معمولي قدرتي حسن ۽ سُندرتا اهميت تي سمائيل هجي"
- "is an outstanding example representing major stages of Earth's history, including the record of life, significant on-going geological processes in the development of landforms, or significant geomorphic or physiographic features"
- "is an outstanding example representing significant on-going ecological and biological processes in the evolution and development of terrestrial, fresh water, coastal and marine ecosystems, and communities of plants and animals"
- "contains the most important and significant natural habitats for in-situ conservation of biological diversity, including those containing threatened species of outstanding universal value from the point of view of science or conservation"
حوالا
سنواريو- ↑ Centre, UNESCO World Heritage. "The Criteria for Selection". UNESCO World Heritage Centre. حاصل ڪيل 2019-12-30.
- ↑ "UNESCO World Heritage, The Criteria for Selection". وقت 12 June 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد)
خارجي ڳنڍڻا
سنواريو- UNESCO World Heritage portal — باضابطہ تفصيلي ويب سائيٽ (انگريزِ ۽ فرانسيسي ۾)]
- The World Heritage List — تمام جڳھن جي قابل تلاش باضابطہ فھرست
- KML file of the World Heritage List — گوگل ارٿ ۽ ناسا ورلڊ ونڊ جي لاءِ باضابطہ ڪي ايم ايل ورزن]