اڀرندو نارو
اوڀرندو نارو (انگريزي: Eastern Naro Canal) يا پراڻي ڦٽل ھاڪڙو ندي (انگريزي: Hakro River ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو ھڪ ڪينال آھي جيڪو سکر بئراج سان ڳنڍيل آھي ء سنڌوندي جي اوڀر واري پاسي ۾ واقع آهي. ماضي م ان ڪينال وارو وهڪرو قديم ھاڪڙو ندي ھئي[1][2]. ماھرن جو خيال آهي ته ھاڪڙو ستلج ندي جو سنڌ ۾ وھندڙ حصو ھيو[1][2]. ستلج ندي بياس سان ملي وڃڻ ڪري ان جو ھاڪڙو سڏجندڙ سنڌ وارو وھڪرو اجڙي ويو[1]. سنڌوندي جي اٿل وقت ٿيندڙ ٻوڏ جو پاڻي ان پيٽ تان گذري ان ھاڪڙي واري پيٽ کي گھاري م تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اھو نارو سڏجڻ لڳو اھڙي طرح ٻوڏ جو پاڻي ڍوري پراڻ ۽ اتان ڪوري کاري ۾ وڃي پوندو هو[1]. 1857ع ۾ روھڙي وٽان سنڌوندي ۽ ان ڦٽل ھاڪڙي واري پيٽ جي وچ ۾ روھڙي لڳ کوٽائي ڪري پاڻ ۾ ملائي ان ڦٽل ھاڪڙي واري پيٽ کي سنڌونديءَ جي ڪينال يا واھ جي شڪل ڏني وئي[1][3]. اڳتي ھلي جڏھن سکر بئراج ٺھيو تہ اوڀرندي ناري نالي ڪينال کي ان بئراج سان ڳنڍيو ويو[1].
ھاڪڙو ندي
سنواريواڀرندو نارو دراصل سنڌ جي قديم ڦٽي ويل هاڪڙو ندي يا هاڪڙو آھي جيڪو سڪي چڪو آهي. ان کي مختلف علائقن ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو هو[2]. جيئن: گھاگھر، سرسوتي، نالاشڪر وغيره ۽ سنڌ ۾ ان کي ريڻي، واهندو، نارو پڻ سڏيو ويندو آهي[2]. اهو سوالڪ جابلو سلسلي مان نڪرندو هو ۽ ان ۾ جمنا ندي ۽ ستلج ندي سميت سنڌو ندي پنهنجي پاڻي جو ڪجهه حصو داخل ڪنديون هيون[2]. هاڪڙو ندي جڏهن سنڌ جي موجوده سرحدن ۾ داخل ٿيندي هئي ته ان وقت سندس اوڀارين ڪپ تي ونجڻوٽ ۽ ان کان پرتي اولھائين ڪپ تي ڏمڀ بٺي ۽ آخري ڇيڙي تي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ وقت نھٽو اولھائين ڪپ تي هوندو ھيس. ان دؤر ۾ ڪڇ جو رڻ پنهنجي موجوده شڪل ۾ نه هوندو هو، پر اتي سمنڊ ڇوليون هڻندو هو ۽ رڻ ڪڇ هڪ سامونڊي نار هيو. جنهن ۾ هاڪڙو ندي ۽ اروالي ٽڪرين مان نڪرندڙ لوڻي ندي موجوده ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪنديون هيون[2]. هاڪڙو ندي 1226ع ڌاري سڪي وئي[2]. قديم زماني ۾ گجرات ۽ سوراشٽر مان لنگهي بھاولپور ۽ ٿر کي سر سبز ڪندي هئي. ان جي وهڪري بند ٿي وڃڻ سبب سنڌ جي ٿر پارڪر وارو علائقو رڻ پٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي[2]. 3 هزار سال ق م ۾ سنڌ جي ھيٺين پٽ مان مختلف نديون ۽ انهن جا وهڪرا گذرندا هئا. جنهن سبب هي پٽ سائو ستابو ۽ ٻيلن سان چهچ هيو[2]. مختلف جانور جھجھي تعداد ۾ رهائش پذير هئا. ذرخيز زمين هجڻ سبب زرعي فصل ٿيندا هئا. هن پٽ مان گذرندڙ ندي گهاگهر هاڪڙو سميت ٻين برساتي ندين جي ڪنارن تي شهر ۽ وسنديون آباد هيون ۽ جنهن جا وڏي انگ ۾ آثار مليا آهن[2]. هاڪڙو ندي سڪي وڃڻ سبب هي پٽ رڻ پٽ ۾ تبديل ٿي ويو. انسانن توڙي جانورن جي رهائش موافق نه رهيو. هن ندي جي ڪناري تي آباد شهر ۽ وسنديون ڦٽي ويون[2] اوڀرندي نارو هڪ تمام پراڻو وهڪرو آهي، جنهن بابت محققن جا مختلف رايا آهن. هڪڙن جو خيال آهي ته اهو وهڪرو ستلج نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جنهن کي ڪجهه صديون اڳ ستلج ندي ڇڏي وئي هئي[2][1]. ڪن جي خيال موجب اها هڪ پراڻي ندي هئي، جيڪا ستلج ندي جي اڀرندي طرف کان هماليه جبلن مان نڪري سنڌ مان وهندي هئي ۽ عمرڪوٽ کي لتاڙي ڪڇ جي نار ۾ وڃي پوندي هئي. ان وقت هن کي گھاگھڙ ندي سڏيندا هئا، پر گهڻي وقت کانپوءِ گهٽجي، ناري واهه جي صورت اختيار ڪري وئي[2]. ستلج ندي جنھن جاء تي جبلن کي ڇڏي ٿي ان جي ويجھو پنھنجي اصلوڪي پيٽ تان ڦري اولھ طرف وڪڙ کائي بياس ندي سان ملي وئي ۽ اڳتي سنڌ م ان جو پيٽ اجاڙجي ويو[1]. 1834ع ۾ جيمس ميڪرڊو لکيو آهي، ته هي سنڌو نديءَ جو پراڻو پيٽ آهي، جيڪو بکر کان چاليهه ميل مٿي سيد گنج بخش جي ڳوٺ وٽ جدا ٿي، الور جي اوڀر کان ڏکڻ طرف وهندو هو ۽ هن مان هڪ شاخ الهندي طرف نڪرندي هئي، جنهن کي ’لوهاڻو ندي‘ سڏيندا هئا[3]. جيمس مئڪمرڊو کان ڏهه سال پوءِ ڪئپٽن بيڪر لکي ٿو ته هي سنڌو نديءَ جو پُراڻو پيٽ آهي، پر هن کي پاڻي پنجاب جي ٻن ڍورن کان ملندو هو، جن مان هڪڙو سنڌو نديءَ جي آمهون سامهون هو ۽ ٻيو ستلج نديءَ جي سامهون روپار کان بھاولپور جي ويجهو هو. پويون ڍورو سبزل ڪوٽ وٽان وهي، روهڙيءَ جي اوڀر ۾ يارنهن ميلن جي مفاصلي تي ناري جي مُنهن سان اچي ملندو هو[3]. ڪن محققن جي راءِ آهي ته سڪندر اعظم جي وقت سنڌ مان ٻه نديون وهنديون هيون، جن مان اوڀر واري کي هاڪڙو يا وهند سڏيندا هئا ۽ اهو ئي هن وهڪري جو پيٽ آهي[3]. ايڇ. ٽي لئمبرڪ تحقيق سان ثابت ڪيو آهي ته هاڪڙو ۽ نارو انهيءَ هڪڙي ئي وهڪري جا نالا آهن، جيڪو وهڪرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. ان جي پهرئين ۽ آخري حصي کي هاڪڙو ۽ وچ واري حصي کي نارو سڏيندا هئا[3]. ڪجهه ننڍڙا درياهه، گهانگهڙ، مرڪنڊا، سرسوتي ۽ چٽانگ پاڻ ۾ ملي هڪڙو وهڪرو ٺاهيندا هئا. انهي وهڪري جو وجود بھاولپور ۽ بيڪانير رياست ۾ به ملي ٿو، جنهن کي هاڪڙو سڏيندا هئا[3]. وڃڻوٺ وٽان اهو وهڪرو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. هڪڙو حصو اڳ ۾ ڏکڻ طرف، پوءِ اولھ طرف ۽ آخر ۾ ڏکڻ اولھ ۽ ڏکڻ طرف هلي روهڙيءَ جي ڏکڻ ۾ ٽڪرين ۾ پهچندو هو، جنهن کي وهندا سڏيندا هئا، ٻيو حصو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف وهي وڃي ’وهندا‘ سان ملندو هو، جنهن کي ريڻي سڏيندا هئا[3]. ٻنهي حصن، وهندا ۽ ريڻيءَ جي ميلاپ کانپوءِ هيٺ گڏيل حصي کي نارو سڏيندا هئا، جيڪو ٻه ميل کن ويڪرو هوندو هو. اهو نارو واريءَ جي دڙن مان سٺ ميل سفر ڪندو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف وهندو هو. سٺ ميلن کانپوءِ کليل زمين ۾ ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر تي وهندو هو. آخرڪار ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف تي هلي وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ پوندو هو[3]. هن آخري ٽڪري کي وري به هاڪڙو سڏيندا هئا. 1859ع ۾ ليفٽيننٽ فائيف روهڙيءَ کان ٿورو مٿي درياھ مان وڍ ڏيئي ناري جي پيٽ ۾ پاڻي آندو هو ۽ سکر بئراج ٺهڻ وقت ناري جو نئون منهن بئراج مان ڪڍيو ويو هو[3][4][5] آرين جي اچڻ کان اڳ ڪڇ جو رڻ ۽ راجپوتانا جو ڪججھ حصو سمنڊ هيٺ هئا ۽ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. مهاڀارت جي زماني کان پوءِ عربي سمنڊ گهٽجندو ويو. اُن وقت سنڌو ندي جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي اُتر ۾ پنجند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ (ٿر) عمرڪوٽ وٽان لنگهي، ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ابوالفضل ”آئين اڪبري“ ۾ ۽ ٽاڊ ”راجستان“ ۾ هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن.[6]. رياست بهاولپور، جيسلمير ۽ ٿر ۾ ان جا ڦٽل نشان بيٺل آهن. ڪپتان ريڪس به لکي ٿو ته ”سنڌو نديءَ جي تاريخ هاڪڙو نالي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا ۽ ويراواھ جي ڀرسان پاري ننگر جو مشهور بند رهو، جتي اچي بيهندا هئا.“.[6] ويراواھ جي ڀرسان هڪ ٽڪري آهي، جنهنجو نالو ڏوتڙ آهي. ڏو = ٻه، تڙ = درياءُ جو ڪنارو، جتي جهاز ۽ دنگيون بيهن. چون ٿا ته انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اڳي ٻن جهازن جي بيهڻ لاءِ تڙ هو، تنهنڪري اهو نالو پيس.[6]. درياءُ يا هاڪڙي جي پيٽ کي سنگه سڏين ٿا، اُن ۾ هاڻي پوک ٿئي ٿي. اُن وقت ٿر ۾ ڀٽون شايد ڪونه هيون ۽ زمين سنئين هئي، ۽ پوءِ ڌرتيءَ جي زلزلي سبب زمين جي هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري، هاڪڙو ندي بند ٿي ويئي، ڇاڪاڻ جو اڳي سنڌ ۾ خوفناڪ زلزلا ٿيندا هئا.[6]. هاڪڙو ڪڏهن بند ٿيو، ان بابت چٽي طرح چئي نٿو سگهجي، پر ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو ته ”عيسوي پهرين صديءَ ۾ پاري ننگر وڏو بندرگاھ هو.“ انهيءَ مان انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته هاڪڙو ندي به شايد عيسوي پهرين صديءَ کان پوءِ بند ٿي هوندي[6].
وڌيڪ ڏسو
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 [ سنڌ گزيٽيئر جلد پھريون، مصنف: ايڇ ٽي سورلي، 1996 ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 23 ]
- ↑ 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر ، ليکڪ: رڪ سنڌي
- ↑ 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 3.8 اڀرندو نارو : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ [Lambrick, H.T, “Sindh – A General Introduction” ]
- ↑ [سمراٽ، گنگارام، ”سنڌو سؤوير“ ص-98]
- ↑ 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو