ننگرپارڪر
ننگرپارڪر (اردو: نگرپاركر، انگريزي ٻولي: Nagarpakar)، ڪارونجھر جبل جي ھيٺاھين ۾ ٿرپارڪر ضلعي، سنڌ صوبي، پاڪستان جو ھڪ شھر آھي، جيڪو مندرن ڪري سڃاتو وڃي ٿو جيڪي ھندو ۽ جين ماڻھن جي ياترا جو ھڪ اسٿان آھن. ھي شھر انڊيا جي سرحد تي ضلعي صدر مقام مٺي کان 129 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي.عمر ڪوٽ کان پوءِ ننگرپارڪر ٻيو نمبر مشهور ۽ قديم شهر آهي. هي پارڪر واري ڀاڱي 21 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 4 – 70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ آهي. هتي وڻڪار گهڻي آهي، خاص ڪري نمن جا وڻ ججها آهن. جبلن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي تيرٿ آستان ۽ ڌرمي مڪان آهن. هتي موتين جي پُوچ جو ڪم ٿئي ٿو. نِواڙون ۽ جهاجهم سٺا ٺهن ٿا. هتي مسلمان، ميمڻ، مينگهواڙ، گرڙا، لهاڻا ۽ ڪولهي رهن ٿا. جبل مان عمارتي پٿر ملي ٿو، جنهن مان جايون ٺاهيل آهن. هتي جاين جي مٿان ٺڪر جا نَريا ڏيندا آهن. جبل ۾ ماکي جام ٿئي ٿي. هتي هيرڻ جي پيدائش ججهي ٿيندي آهي، جن جي ٻجن مان تيل نڪرندو آهي. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، ريسٽ هائوس، هاءِ اسڪول، ٿاڻو، مختيارڪار جي آفيس، انسپيڪشن بنگلو، تار ۽ پوسٽ آفيس، يونين آفيس، اسپتال، ديرو ۽ مسافرخانو آهن. هتي لَکڻ ڀارتيءَ جو مشهور مندر آهي[1].
ننگرپارڪر نگرپاركر | |
---|---|
شھر | |
Nangarparker | |
![]() ڪارونجھر جبل کان ننگرپارڪر شھر جو ڏيک | |
جاگرافي بيهڪ: 24°21′21″N 70°45′16″E / 24.35583°N 70.75444°Eمڪانيت: 24°21′21″N 70°45′16″E / 24.35583°N 70.75444°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٿرپارڪر |


خارجي ڳنڍڻا سنواريو
پڻ ڏسو سنواريو
- پاڪستان ۾ جين ڌرم
- پاڪستان ۾ ھندو ڌرم
- ھنگلاج ماتا
- قلات ڪالي مندر
- ڪٽاس-راج مندر
- ملتان سج جو مندر
- ساڌ ٻيلو
- شو مندر، عمرڪوٽ
- گوري مندر، نگرپارڪر
حوالا سنواريو
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو