مھاڀارت

(مهاڀارت کان چوريل)

مهاڀارت (انگريزي ٻولي: Maha Bharat) هندستان جي اوائلي ۽ ڊگهي سنگيت ناٽڪ (اوپيرا) داستان آهي[1] جنهن کي هندو مت جا مذهبي لکڻين يا صحيفن ۾ معتبر حيثيت مليل آهي. ضخامت جي لحاظ کان ان جا شلوڪ ارڙنهن جُلدَن جي 25 لک لفظن تي ٻَڌل آهن. هي هندن جو ڌرمي ڪتاب آهي، جنهن ۾ پندرهن هزار ڪويتائون آهن، هن ڪتاب کي وياس ديو لکيو، جيڪو سندس اکين ڏٺو احوال آهي. هي ڪتاب مهاڀارت اصل ۾ هڪ جنگ نامو آهي، جنهن جو زمانو 600 ق.م ٻُڌايو ويو آهي. مھاڀارت جو سنڌي ۾ ترجمو ڏھين صدي ۾ ٿيو.[2]

مھاڀارت
Mahabharata
ڪروکيشتر جي جنگ
معلومات
مذھب هندو مت
ليکڪ وياس
ٻولي سنسڪرت
بيت 200,000
ڪروکيشتر ۾ ڪرشن ۽ ارجن 18هين–19هين-صدي جي پينٽنگ

ان سمرتي جي ڀاڱو اتهاس ۾ داخل سمجهيو ويندو آهي. مها ڀارت موضوع جي لحاظ کان انتهائي نرالو آهي، جنهن ۾ جنگ، راڄ دربار، محبت، مذهب سڀ شامل آهي. ٻين لفظن ۾ اهو چار بنيادي زندگي جي مقصدن ڌرم، ارٿ، ڪام واسنا، موکش سسڀني جو مرڪب يا گڏيل مجموعو آهي. ڀگود گيتا دراصل مهاڀارت جو مختصر حصو آهي، پر اهميت جي اعتبار کان نرالي سُڃاڻپ رکي ٿي.


حوالاسنواريو

  1. Datta, Amaresh (1 January 2006). The Encyclopaedia of Indian Literature (Volume Two) (Devraj to Jyoti). ISBN 978-81-260-1194-0. https://books.google.com/books?id=zB4n3MVozbUC&pg=PA1755&dq=itihasa. 
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي