هاڪڙو (Haakrro) ندي يا درياھ، جيڪو هن وقت سڪي چڪو آهي. ان کي مختلف علائقن ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. جيئن: گهاگهر (Ghaaghar)، سرسوتي (Sarasvati)، نالاشڪر وغيره ۽ سنڌ ۾ ان کي ريڻي (Rainni)، واهندو، ۽ نارو پڻ سڏيو ويندو آهي. اهو سوالڪ جابلو سلسلي مان نڪرندو هو ۽ ان ۾ جمنا ندي ۽ ستلج ندي سميت سنڌو ندي پنهنجي پاڻي جو ڪجهه حصو داخل ڪنديون هيون. هاڪڙو درياھ جڏهن سنڌ جي هاڻوڪي سرحدن ۾ داخل ٿيندو هو ته ان وقت سندس اوڀارين ڪپ تي ونجڻوٽ ۽ ان کان پرتي اولهاين ڪپ تي ڏمڀ بٺي ۽ آخري ڇيڙي تي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ وقت نهٽو اولهاين ڪپ تي هوندو هو. ان دؤر ۾ ڪڇ جو رڻ پنهنجي موجوده شڪل ۾ نه هوندو هو، پر اتي سمنڊ ڇوليون هڻندو هو ۽ رڻ ڪڇ هڪ سامونڊي نار هيو. [1] جنهن ۾ هاڪڙو درياھ ۽ اراولي ٽڪرين مان نڪرندڙ لوڻي ندي هاڻوڪي ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪنديون هيون. هاڪڙو ندي، جيڪا 1226ع ڌاري سڪي وئي، سا قديم زماني ۾ گجرات (Gujraat) ۽ سوراشٽر مان لنگهي بهاولپور (Bahawalpur) ۽ ٿر (Thar) کي سائو ۽ سهڻو ڪندي هئي. ان جي وهڪري بند ٿي وڃڻ سبب سنڌ جي ٿر پارڪر وارو علائقو رڻ پٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. [2] [3]آرين جي اچڻ کان پيشتر ڪڇ جو رڻ ۽ راجپوتانا جو ڪجهه حصو سمنڊ هيٺ هو ، ۽ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. مهاڀارت جي زماني بعد عربي سمنڊ آهستي آهستي گهٽبو ويو ۽ سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي اتر ۾ پنج ند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ يعني عمرڪوٽ ۽ ٿر وٽان لنگهي ننگر پارڪر وٽ ڪوريءَ جي نار(ڪڇ جي رڻ) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ابوالفضل آئين اڪبريءَ ۾ ۽ ٽاڊ صاحب ٽاڊ راجستان ۾ هاڪڙو نديءَ بابت اشارا ڏنا آهن. رياست بهاولپور، جيسلمير ۽ ٿر ۾ سندس ڦٽل نشان اڃا ظاهر آهن.[4] ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو ته سنڌونديءَ جي شاخ جي هاڪڙو نالي ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي جنهن ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا ۽ ويرواھ جي پاري ننگر وٽ جو مشهور بندر هو، اتي اچي بيهندا هئا. ويراواھ جي ڀرسان هڪ ٽڪري آهي جنهن جو نالو ڏوتڙ آهي، ڏو معنيٰ ٻه ۽ تڙ معنيٰ درياءَ جو ڪنارو جتي دنگيون ۽ جهاز اچي بيهن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اڳي ٻن جهازن جي بيهڻ لاءِ تڙ هو، تنهن ڪري ئي کيس اهو نالو ڏنو ويو. درياءُ جي پيٽ کي ”سنگها“ سڏين ٿا، جنهن ۾ هاڻي ڪڻڪ ۽ ٻي ربيع جي سموري پوک ٿئي ٿي. ان وقت ٿر ۾ شايد ڀٽون ڪو نه هيون ۽ زمين بلڪل ساريکي ۽ هموار هئي ڪجهه زماني جي گذرڻ بعد سمجهجي ٿو ته ڌرتيءَ جي زلزلي سبب، زمين هيٺ مٿي ٿي ويئي ۽ هاڪڙو ندي بند ٿي ويئي. ليڪن هاڪڙو ڪڏهن بند ٿي ان بابت يقيني طور چئي نٿو سگهجي. ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو ته عيسوي پهرينءَ صدي ۾ پاري ننگر وڏو بندرگاهه هو، جنهن مان انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته هاڪڙو به شايد عيسوي پهرين صديءَ بعد بند ٿيل آهي.[4][5][6]

وڌيڪ ڏسو

سنواريو
  1. Panhwar, M.H, “Sindh Cutch R elations” P-2-3
  2. سمراٽ، گنگارام، ”سنڌو سؤوير“ ص-98
  3. ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر، ليکڪ؛ رڪ سندڌي آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام
  4. 4.0 4.1 ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  5. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-09-02. 
  6. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-09-02.