ايريزونا
ايريزونا (انگريزي: Arizona) آمريڪا جي گڏيل رياستن مان هڪ رياست آهي جيڪا آمريڪا جي پکيڙ جي لحاظ کان ڇهين وڏي رياست ۽ آباديءَ جي لحاظ کان چوڏهين وڏي رياست آهي. هن رياست جي گاديءَ جو هنڌ فينڪس (Phoenix) آهي جيڪو هن رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر پڻ آهي. هن رياست جي اولھ ۾ آمريڪي رياستون نيوادا (Nevada) ۽ ڪيليفورنيا (California) موجود آهن جڏهن ته ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ هن جون سرحدون ميڪسيڪو جي سونورا (Sonora) ۽ باجا ڪيليفورنيا (Baja California) سان ملن ٿيون.
اسٽيٽ آف ايريزونا State of Arizona | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ايريزونا جي رياست ڳاڙهي رنگ سان آمريڪا جي گڏيل رياستن جي نقشي ۾ ڏيکاريل | |||||
گادي جو هنڌ | فينڪس | ||||
سڀ کان وڏو شهر | فينڪس | ||||
دفتري ٻوليون | انگريزي | ||||
مقامي ٻوليون. | *انگريزي ڳالهائيندڙ: 74.1 سيڪڙو
| ||||
مقامي آبادي | ايريزونين | ||||
حڪومت | جھموريت | ||||
• گورنر |
ريپبلڪن پارٽي جو ڊوگ ڊيوسي | ||||
مشيل ريگن | |||||
• سينيٽر |
ٻئي ريپبلڪن پارٽيءَ جا: | ||||
مقننه | ايريزونا ليجسليچر | ||||
سينيٽ جنھن ۾ رياست جا ٻہ ميمبر | |||||
ھائوس آف رپريزنٽٽيٽوز جنھن ۾ رياست جا 9 ميمبر جن مان 5 ريپبلڪن پارٽي جا ۽ 4 ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا آھن (2018) | |||||
قیام | |||||
• پراڻو نالو |
ايريزونا ٽيريٽري | ||||
• وفاق واري يونين ۾ شامل ٿيڻ جي تاريخ |
14 فيبروري 1912 | ||||
• سڀ کان وڏي ڪائونٽي |
ڪوڪونينو | ||||
پکيڙ | |||||
• |
295٬234 km2 (113٬990 sq mi) (ڇھون نمبر) | ||||
• پاڻي (%) |
0.35 سيڪڙو | ||||
آبادي | |||||
• 2017 اندازو |
7,016,270 (2017 est.) (14 نمبر) | ||||
• 2016 مردم شماري |
7,016,270 (2017 est. (آمريڪي رياستن ۾ نمبر) | ||||
• گھاٽائي |
22 /km2 (57.0 /sq mi) (33 رياستن ۾ نمبر) |
ايرزونا جون رياستي علامتون | |
---|---|
'''ايرزونا''' جو جھنڊو | |
'''ايرزونا''' جي مھر | |
زندہ علامتون | |
جلٿليو جانور | ايرزونا جو وڻن وارو ڏيڏر |
پکي | ڪيڪٽس رين (Cactus wren) |
پوپٽ | پپيلو ملٽيڪاديتا (Papilio multicaudata) |
مڇي | اپاچي ٽرائوٽ (Apache trout ) |
گل | سھارو ٿوھر جو گل |
مئمل | ڇليدار پڇ واري ٻلي (Ring-tailed cat) |
ڪرڙانگ جانور | ڪروٽلس ولارڊي (Crotalus willardi) |
وڻ | پئلو وردي(Palo verde) يا پارڪنسونيا (Parkinsonia) |
بي جان علامتون | |
رنگ | نيرو ، پراڻي سون جو رنگ |
آتشي ھٿيار | ڪولٽ روالور |
پنڊ پهڻ | Petrified wood |
قيمتي پٿر | فيروزو (Turquoise) |
چوڻي | Latin: Ditat Deus (God enriches) |
جبل | Petrified wood |
سامونڊي جھاز | USS Arizona |
نعرو | The Grand Canyon State |
ڀومي | Casa Grande |
گيت | "Arizona March Song" "Arizona" (alternate) |
State route marker | |
State quarter | |
Released in 2008 | |
Lists of United States state symbols |
ايريزونا آمريڪا جي 48هين رياست آهي جنهن کي 14 فيبروري 1912ع تي آمريڪا جي رياست جو درجو ڏنو ويو. جيئن ته 14 فيبروري ”ويلنٽائن ڊي“ آهي انڪري هن رياست کي ”ويلنٽائن رياست“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. تاريخي طور تي ايريزونا ميڪسيڪو جي الٽا ڪيليفورنيا جو حصو هئي ۽ 1821ع ۾ آزاد ميڪسيڪو جو حصو بنجي وئي. 1848ع ۾ ميڪسيڪو آمريڪا جنگ کان پوءِ هن رياست جي وڏي حصي تي آمريڪا قبضو ڪري ورتو. 1853ع ۾ هن جو ڏاکڻيون حصو آمريڪا ميڪسيڪو کان خريد ڪري ورتو.
ڏکڻ ايريزونا جي موسم ريگستاني آهي. هتي اونهاري ۾ تمام گهڻي گرمي ۽ سياري ۾ ٺيڪ ٺاڪ سيءُ پوي ٿو. اترايريزونا ۾ گهاٽا ٻيلا، وڏا وڏا جبل، گهريون کاهيون ۽ لَڪَ (canyons) موجود آهن جتي اونهاري ۾ تمام گهڻي گرمي ۽ سياري ۾ برفباري ٿئي ٿي. هن رياست جي فليگشپ (Flagship)، الپائين (Alpine) ۽ توسان (Tucson) وارن علائقن ۾ برف تي ترڪڻ (Skiing) جون سهولتون موجود آهن. هتان جو گهرين کاهين ۽ جابلو لڪن تي مشتمل گرانڊ ڪينئون نيشنل پارڪ (Grand Canyon National Park) دنيا جي ستن عجائبات مان هڪ عجوبو آهي. هن علائقي ۾ ڪيترائي قومي ٻيلا، قومي پارڪ ۽ قومي يادگار ڏسڻ لاءِ ملندا.
هن رياست جي لڳڀڳ چوٿين حصي تي آمريڪا جي اصلوڪن رهاڪن (ريڊ انڊين) جا آستان موجود آهن[1]. خاص طور تي نواجو قبيلي جا اٽڪل ٽي لک ماڻهو هن رياست ۾ آباد آهن. هنن اصلوڪن رهواسين کي 1924ع تائين ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل نه هو. ڪجهه علائقن ۾ ته کين 1948ع تائين ووٽ جو حق حاصل نه هو[2].
نالو ۽ مطلب
سنواريوايرزونا اسپيني ٻوليءَ جي لفظ ايرزونڪ Arizonac مان نڪتل معلوم ٿئي ٿو جيڪو وري اوضم (O'odham) جي نالي ايلسونڪ مان نڪتل آهي جنھن جي معني آھي پاڻي جو ننڍو چشمو.اھو نالو شروع ۾ پلانچاس ڊي پلاٽا، سونورا جي چاندي واري کاڻ جي ويجهي واري علائقي تي پيو[3][4][5]
تاريخ
سنواريوجديد زماني کان هزارين ورهيه پهرين هتي آمريڪا جي اصلوڪن رهواسين جا ڪئين قبيلا آباد هئا. هوهوڪام (Hohokam)، موگولون (Mogolon) ۽ پوئبلون (Puebloan) قبيلن جي ثقافت ۽ ريتون ۽ رسمون هن سڄي رياست ۾ رائج هيون. هنن جون وسنديون ۽ واهڻ، جبلن تي ٿيل چٽسالي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا تاريخي يادگار اڃا تائين موجود آهن جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان هزارين سيلاني هن رياست جو رخ ڪن ٿا. 1539ع ۾ اسپين جو پادري مارڪوز ڊي نيزا يورپ جو پهريون ماڻهو هو جيڪو هنن اصلوڪن رهواسين سان لھ وچڙ ۾ آيو. هن موجودھ ايريزونا رياست جا ڪجهه حصا گهمي ڏٺا ۽ هتان جي رهواسين سان ملاقاتون ڪيون. انهن ڏينهن ۾ اسپين ۾ اها ڏندڪٿا مشهور هئي ته ايريزونا ۾ ست اهڙا شهر موجود آهن جيڪي سڄا سون مان ٺهيل آهن. انهن شهرن کي ڳولڻ لاءِ اسپين جو سياح ڪورونيدو (Coronado) سال 1540ع کان 1542ع تائين اهي سونا شهر ڳوليندو رهيو پر کيس اهڙو ڪوبه شهر نه مليو. ان ئي دور ۾ هتي پهريون ڀيرو اسپيني لوڪن پنهنجون وسنديون قائم ڪيون. اٽليءَ جو پادري جُوسبيو ڪينو (1645ع ــ 1711ع) ٻيو وڏو يورپي پادري هو جيڪو هن علائقي ۾ عيسائي مذهب جي پرچار لاءِ آيو. هن ڪيترن ئي اصلوڪن رهواسين کي عيسائي بنايو. 1752ع ۾ اسپين مان لڏي آيل ماڻهن ٽيوبيڪ (Tubac) شهر جو بنياد وڌو. 1775ع ۾ هنن ٽڪسن (Tucson) شهر قائم ڪيو.
1881ع ۾ جڏهن ميڪسيڪو اسپين کان آزادي حاصل ڪئي ته ايريزونا وارو علائقو ميڪسيڪو جو حصو بنجي ويو. البت يورپ کان لڏي آيل اسپيني اتي ئي رهيا ۽ هنن هي علائقو نه ڇڏيو. 48 ــ1847ع ۾ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ جنگ لڳي جنهن ۾ آمريڪا سوڀارو ٿيو ۽ موجودھ ايريزونا جو وڏو حصو آمريڪا جو حصو بنجي ويو. 1848ع ۾ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن تحت آمريڪا 15 ملين ڊالر ميڪسيڪو کي ادا ڪري ايريزونا جا باقي رهيل حصا آمريڪا ۾ شامل ڪري ڇڏيا.
ھزراين سالن کان ايرزونا جو علائقو ريڊ انڊين قبيلن جو مسڪن رھيو جن جون ھوھوڪام (Hohokam), موگولان (Mogollon) ۽ اباڻي پيوبلان(Puebloan) ثقافتون علائقي اندر رواج ۾ ھيون. تاريخ جي رڪارڊ مطابق يورپين مان پھريون دفعو مقامي ماڻهن سان ھڪ اسپيني عيسائي فرينڪسڪن مسلڪ جو نالي مارڪوس ڊي نزا(Marcos de Niza) 1539 ۾ رابطي ۾ آيو. ميڪسيڪو مان ڪجهه اسپيني مھاجر ايرزونا ۾ پڻ لڏي اچي ويٺا جن ۾ عيسائي تبليغي شامل ھئا. 1821 ۾ ميڪسيڪو اسپين کان آزاد ٿيو تہ ميڪسيڪو جون حدون ڪيليفورنيا تائين ھيون ۽ ميڪسيڪو جي ڪيليفورنيا ٽيريٽري جو نالو اسپيني ٻوليءَ مطابق نووا ڪيليفورنيا (Nueva California) انگريزي ۾ نيو ڪيليفورنيا جنھن کي عام طور تي الٽا ڪيليفورنيا يا اپر ڪيليفورنيا سڏيو ويندو هو.ايرزونا ان وقت نيو ڪيليفورنيا جو حصو ھيو ۽ ميڪسيڪو ۾ شامل ھو.[6]
1847ع ۾ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ جنگ ھلي ۽ آمريڪي فوج ميڪسيڪو سٽي۾ داخل ٿي تہ آمريڪا ميڪسيڪو جي اتر وارن علائقن جو دعويدار ٿيو ۽ موجوده ڪيليفورنيا رياست سميت موجوده ايرزونا جو علائقو آمريڪي قبضي ۾ اچي ويو جنھن جو نالو 1863 ۾ ايرزونا ٽيريٽري رکيو ويو ۽ 1912ع ۾ اھا رياست قرار ڏئي آمريڪا جي يونين۾ شامل ڪئي وئي.1848ع واري گوئاڊلوپي ھڊالگو واري معاھدي (Treaty of Guadalupe Hidalgo) به ۾ اھو طئي ٿيو ته انھن آمريڪا جي قبضي ۾ ايندڙ علائقن ۾ ميڪسيڪو جي اڳوڻن شھرين جي ٻولي ۽ ثقافت برقرار رھندي ۽ آمريڪا انھن علائقن جي عيوض ان دؤر جا پندرهن ملين ڊالر( ھاڻوڪا 424269230.77 ڊالر) معاوضو ميڪسيڪو جي ريپبلڪ کي ادا ڪندو [7]
جاگرافي
سنواريوايرزونا آمريڪا جي چوڪنڊين رياستن مان ھڪ رياست آھي. اھا پکيڙ ۾ ڇھين وڏي رياست ۽ ان درجہ بندي ۾ نيو ميڪسيڪو کان پوءِ وڏي ۽ نيواڊا کان اڳ ۾ وڏي آھي. ان جي پکيڙ 113٬998 چورس ميل (295٬000 km2) جنھن جو 15 سيڪڙو زمين ماڻھن جي ذاتي ملڪيت آھي باقي سرڪاري آھي جنھن ۾ ٻيلا، رڻپٽ جبل، نيشنل پارڪ وغيره شامل آهن. ھي رياست جابلو قطارن ۽ رڻپٽن جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي ۽ ان جي ڏکڻ ۾ وسيع ميدان آھن جن ۾ زيروفائيٽ (xerophyte) وڻ ۽ ٿوھر جا ٻوٽا ڪثرت سان ملن ٿا. [8] [9]
سياسي انتظام
سنواريوايرزونا جي قانونساز اسيمبلي ٻہ ايواني آھي جنھن ۾ وڏو ايوان سينيٽ اٿس جنھن جا 30 ميمبر آھن. ٻيو ايوان رپريزنٽٽيٽوز جو آهي جنھن ۾ 60 ميمبر آھن .1993 کان ھن رياست جي ايوانن ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جي اڪثريت آهي.
مذھب
سنواريوآمريڪا جي ٻين رياستن وانگيان ھن رياست جي اڪٽريت عيسائي مذھب سان واسطو رکي ٿي. 2010ع واري آدمشماريءَ مطابق عيسائيت کان پوءِ ھتان جو ٻيو نمبر وڏو مذھب ھندو مذھب آھي ۽ اٽڪل 32000 ماڻھو ھن مذھب سان واسطو رکن ٿا. ھتي اٽڪل 20000 يھودي ۽ 19000 ٻُڌ پڻ آباد آھن.
ايريزونا جا مکيہ شھر
سنواريونمبر | شھر جو نالو | آبادي | نمبر | شھر جو نالو | آبادي |
---|---|---|---|---|---|
1 | فينڪس (Phoenix) | 1608139 | 11 | سان تان ويلي (San Tan Valley) | 99894 |
2 | توسان (Tucson) | 542629 | 12 | يوما (Yuma) | 95548 |
3 | ميسا (Mesa) | 504258 | 13 | گڊايئر (Goodyear) | 95294 |
4 | چينڊلر (Chandler) | 275987 | 14 | بڪييي (Buckeye) | 91502 |
5 | گلبرٽ (Gilbert) | 267918 | 15 | ايوونڊيل (Avondale) | 89334 |
6 | گلينڊيل (Glendale) | 248325 | 16 | فليگ اسٽاف (Flagstaff) | 76831 |
7 | اسڪاٽسڊيل (Scottsdale) | 241361 | 17 | ڪاساس ايڊوبس (Casas Adobes) | 70973 |
8 | پيوريا (Peoria) | 190985 | 18 | ڪئين ڪريڪ (Queen Creek) | 59519 |
9 | ٽيمپي (Tempe) | 180587 | 19 | ميريڪوپا (Maricopa) | 58125 |
10 | سرپرائز (Surprize) | 143148 | 20 | ليڪ ھواسو سٽي (Lake Havasu City) | 57144 |
ٻاهريان ڳنڍڻا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ "All about Arizona". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-03-21.
- ↑ "A History of Indian Voting Rights and Why It’s Important to Vote - ICTMN.com". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-03-21.
- ↑ Bright, William (2004). Native American Place Names of the United States. Norman: University of Oklahoma Press, p. 47
- ↑ Kitt, E. O.; Pearce, T. M. (1952). "Arizona Place Name Records". Western Folklore 11 (4): 284–287. doi: .
- ↑ Harper, Douglas. "Arizona". Online Etymology Dictionary. حاصل ڪيل December 28, 2011.
- ↑ Timothy Anna et al., Historia de México. Barcelona: Critica, 2001, p. 10.
- ↑ Mexican–American War as accessed on March 16, 2007, at 7:33 MST AM
- ↑ "Urban and Community Forestry Division". Arizona State Forestry Division. حاصل ڪيل July 6, 2014.
- ↑ "Prescott Overview". Ncsu.edu. وقت January 17, 2010 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل July 25, 2010.
- ↑ The Pew Forum - America’s Changing Religious Landscape