فليگ اسٽاف، ايريزونا

فليگ اسٽاف (انگريزي: Flagstaff) آمريڪا جي

فليگ اسٽاف، ايريزونا
شھر
Wide view of city
شھر جو نظارو (2019ع)
جاگرافي بيهڪ: 35°11′57″N 111°37′52″W / 35.19917°N 111.63111°W / 35.19917; -111.63111مڪانيت: 35°11′57″N 111°37′52″W / 35.19917°N 111.63111°W / 35.19917; -111.63111
ملڪ آمريڪا جون گڏيل رياستون
رياست ايريزونا
ڪائونٽي ڪوڪونينو
ٽائون جو درجو مليو 1876
شھر جو درجو مليو 1928
حڪومت
 • قسم ڪائونسل مينيجر
 • مجلس فليگ اسٽاف سٽي ڪائونسل
پکيڙ[1]
 • شھر 66.08 ميل2 (171.15 ڪ.م2)
 • زميني 66.03 ميل2 (171.02 ڪ.م2)
 • آبي 0.05 ميل2 (0.14 ڪ.م2)
بلندي 6,910 ft (2,106 ميل)
آبادي (2020)
 • شھر 76,831
لوويل رصدگاھ جي اھا دوربين جنھن سان پلوٽو گرھ ڳولي لڌو ويو
فليگ اسٽاف ويجھو ايريزونا جي وڏي ۾ وڏي جابلو چوٽي

ايريزونا رياست جو ھڪ شھر جيڪو فينڪس شھر کان اٽڪل 210 ڪلوميٽر (130 ميل) اتراوڀر پاسي آباد آھي. ھي شھر ڪوڪونينو (Coconino) ڪائونٽي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 76,131 آھي. فليگ اسٽاف ميٽروپوليٽن واري علائقي جي ڪل آبادي 139،097 آھي. آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو ديال (صنوبر) جي وڻن جو ٻيلو ھن شھر جي ڏکڻ ۾ 18 لک ايڪڙن ۾ پکڙيل آھي. سامونڊي مٿاڇري کان اٽڪل 2100 ميٽر (7000 فوٽ) مٿي آباد ھي شھر ايلڊن جبل (Mount Elden)جي دامن ۾ وسيل آھي.

فليگ اسٽاف شھر ۽ ان جي آسپاس خلائي تحقيق لاءِ رصدگاھون قائم ٿيل آھن. 1930ع ۾ ھن شھر جي رصدگاھ ۾ لڳل خلائي دوربين وسيلي پلوٽو (Pluto) گرھ دريافت ٿيو ھو. ياد رھي تہ جديد تحقيق مطابق پلوٽو ھڪ مڪمل گرھ ناھي بلڪ ھڪ ڄامڙو گرھ (Dwarf Planet) آھي.

ھي شھر سير ۽ سياحت جو وڏو مرڪز آھي. ايريزونا جو جڳ مشھور عجوبو گرينڊ ڪينئن (Grand Canyon) ھتان کان فقط 75 ڪلوميٽر اتر اولھ ۾ واقع آھي.

تاريخ سنواريو

پندرھين صدي عيسويءَ کان اڳ فليگ اسٽاف واري علائقي ۾ اصلوڪن آمريڪين جي سناگئا (Sinagua) قبيلي جا ماڻھو آباد ھئا.[2] پندرھين صديءَ کان ارڙھين صديءَ جي اڌ تائين ھي علائقو ڪجهه ٻين اصلوڪن آمريڪي قبيلن جي اثر ھيٺ رھيو، انھن ۾ تونتو اپاچي (Tonto Apache), ياواپائي (Yavapai) ۽ ٻين قبيلن جا ماڻھو شامل ھئا.[3] يورپي لوڪن جي آمد کان پوءِ ارڙھين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ فليگ اسٽاپ واري علائقي کان ڪيليفورنيا تائين رستو ٺاھيو ويو.[4] انھيءَ ئي رستي تي 1871ع ۾ ايڊورڊ وپل (Edward Whipple) پھريون يورپي ھو جنھن پنھنجو دڪان کوليو.[5] 1876ع ۾ ھتي يورپي ماڻھن جو ھڪ ڳوٺ ٺھي ويو ھو. 1880ع واري ڏھاڪي ۾ ھتان جي آباديءَ ۾ ڪافي واڌارو آيو ۽ ھي ڳوٺ مان ھڪ شھر بنجي ويو. 1891ع ۾ ڪوڪونينو ڪائونٽيءَ جو بنياد رکيو ويو ۽ فليگ اسٽاف کي انھيءَ جو ھيڊڪوارٽر بنايو ويو.[5] 1894ع ۾ ھتان جي مارس (Mars) جبل تي خلائي تحقيق لاءِ لوويل رصدگاھ (Lowell Observatory) جو بنياد رکيو ويو.[6] جيئن تہ ھي شھر ھڪ وڏي ٻيلي جي ڀر ۾ قائم ڪيو ويو ھو، انڪري ھي ڪاٺ جي پيداوار جو وڏو مرڪز بنجي ويو ۽ ھتان ڪاٺ ملڪ جي ٻين علائقن ڏانھن ريل وسيلي موڪليو ويندو ھو. 1899ع ۾ ھتي ناردرن ايريزونا نارمل اسڪول (Nothern Arizona Normal School) کوليو ويو. 1966ع ۾ انھيءَ کي ترقي ڏئي ناردرن ايريزونا يونيورسٽي (Northern Arizona University) بنايو ويو.[7] 1912ع ۾ ايريزونا کي رياست جو درجو ملڻ کان پوءِ ھي شھر سياحت جو ھڪ وڏو مرڪز بنجي ويو. گرينڊ ڪينئن، اوڪ ڪريڪ ڪينئن، سئن فرانسسڪو جبلن جون قطارون، سنسيٽ ڪريٽر، والنٽ ڪينئن، ووپاٽڪي قومي يادگار ۽ اھڙا ٻيا قدرتي نظارا ڏسڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ سياح ھتي اچڻ لڳا. 1928ع ۾ فليگ اسٽاف کي سرڪاري طور تي شھر جو درجو ڏنو ويو.[7] ان وقت ھن شھر جي آبادي 3000 ھئي.[8] 1930ع ۾ ھتان جي لوويل خلائي رصدگاھ جي سائنسدانن پلوٽو گرھ دريافت ڪيو.[9] انھيءَ دريافت سبب ھي شھر سڄي دنيا ۾ مشھور ٿي ويو. 1955ع ۾ ھتي رات جي وقت آسمان ۾ تارن جو اڀياس ڪرڻ لاءِ ننول رصدگاھ (Naval Observatory Station) جو قيام عمل ۾ آيو. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ جڏھن آمريڪا چنڊ تي انسان موڪلڻ لاءِ اپولو پروگرام شروع ڪيو تہ ھتان جي لوويل رصدگاھ چنڊ تي ٿيندڙ کوجنا جو مرڪز بنجي وئي.[10] 1970 ۽ 1980ع وارن ڏھاڪن دوران ھتي جي وڌندڙ آباديءَ سبب ڪافي بيروزگاري وڌي وئي ۽ ھي شھر ڪافي مسئلن جو شڪار رھيو. 1990ع واري ڏھاڪي کان وٺي شھر ۾ ڪافي ترقي ڏسڻ ۾ آئي آھي ۽ ھتي ڪيترائي دڪان، شاپنگ سينٽر ۽ ٻيون سھولتون مھيا ڪيون ويون آھن.[11]

جاگرافي سنواريو

ڪوڪونينو ڪائونٽيءَ ۾ آباد ھن شھر جي پکيڙ 165.5 چورس ڪلوميٽر (63.9 چورس ميل) آھي. ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان اٽڪل 2130 ميٽر (7000 فوٽ) مٿي آباد آھي ۽ آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي ديال جي وڻن جي ٻيلي جي ڀر ۾ آباد آھي. ھن شھر جي آسپاس ڳاڙھو پٿر گھڻو ملي ٿو انڪري شھر جون اڪثر عمارتون بہ انھيءَ پٿر مان ٺاھيون ويون آھن. ھي آمريڪا جي انھن شھرن مان آھي جتي اس ۽ سج جي روشني تقريبن سڄو سال رھي ٿي. سياري ۾ چڱي خاصي برفباري بہ ٿئي ٿي ۽ اونھاري ۾ مينھن وسي ٿو. شھر کان اٽڪل ڏھ ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ايريزونا رياست جو اوچي ۾ اوچو جبل موجود آھي جنھن جي اوچائي 3852 ميٽر (12637 فوٽ) آھي. ھن جبل جي چوٽيءَ کي ھمفريز پيڪ (Humphreys Peak) سڏيو وڃي ٿو ۽ اھو جبل سئن فرانسسڪو جبلن جي قطار جو ھڪ جبل آھي.[12]

رنگ، نسل ۽ آبادي سنواريو

2020ع ۾ ھن شھر جي آبادي 76،831 ھئي. شھر جي اڪثريت يورپ کان لڏي آيل گورن جي آھي جن جو ھن شھر جي آباديءَ ۾ تناسب 77.2 سيڪڙو آھي. اصلوڪن آمريڪين جو تناسب 8.2 سيڪڙو آھي. ھتان جي آباديءَ ۾ 2 سيڪڙو شيدي (آفريقي آمريڪي)، 3 سيڪڙو ايشيائي، 19.7 سيڪڙو اسپيني يا لاطيني نسل جا ماڻھو ۽ 0.2 سيڪڙو ھوائي يا پئسفڪ ٻيٽن تان آيل ماڻھو شامل آھن.[13]

حوالا سنواريو

  1. "2020 U.S. Gazetteer Files". United States Census Bureau. حاصل ڪيل October 29, 2021. 
  2. Burkitt, M. C. (1928-09). "THE AURIGNACIANS AND THEIR CULTURE. By George L. Collie (Curator of the Logan Museum), being the Logan Museum Bulletin, vol. I, no. I. Published by the Logan Museum, Beloit College, Beloit (Wisconsin). January 1928. 75 cents.". Antiquity 2 (7): 372–372. doi:10.1017/s0003598x00002301. ISSN 0003-598X. http://dx.doi.org/10.1017/s0003598x00002301. 
  3. Snow, Dean R. (2010). Archaeology of Native North America. Boston: Prentice Hall. ISBN 978-0-13-615686-4. OCLC 223933566. https://www.worldcat.org/oclc/223933566. 
  4. (en ۾) Rio de Flag, Flood Control Study: Environmental Impact Statement. 2000. https://books.google.com/books?id=PTM0AQAAMAAJ. 
  5. 5.0 5.1 "Flagstaff, Arizona – City of Seven Wonders – Legends of America". www.legendsofamerica.com. حاصل ڪيل 2022-04-24. 
  6. Gilbert, Sarah. "A Brief History of a Legendary Telescope » Lowell Observatory". Lowell Observatory. حاصل ڪيل 2022-04-24. 
  7. 7.0 7.1 "Community Overview, City of Flagstaff Official Website". www.flagstaff.az.gov. حاصل ڪيل 2022-04-24. 
  8. Roberts, Frank H. H. (1942-10). "Winona and Ridge Ruin, Part I, Architecture and Material Culture. John C. Mcgregor Background by Harold S. Colton Appendix I, “Turkey Tank Pit House,” John C Mcgregor. Appendix 2, “Plant Materials from Winona and Ridge Ruin,” Volney H. Jones. Appendix 3, “Skeletal Material from Winona and Ridge Ruin,” Katharine Bartlett. (Museum of Northern Arizona, Bulletin 18, 309 pp., 82 fig. including 4 maps, 17 tables. Northern Arizona Society of Science and Art, Flagstaff, February, 1941.)". American Antiquity 8 (2): 188–190. doi:10.2307/275516. ISSN 0002-7316. http://dx.doi.org/10.2307/275516. 
  9. Olberding, Susan. "Flagstaff grows up: 1920s – 1970s | Arizona Capitol Times". حاصل ڪيل 2022-04-24. 
  10. "A Brief History of a Legendary Telescope - Lowell Observatory". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-24. 
  11. "Flagstaff’s Heritage Square". Flagstaff Top Producers Real Estate. حاصل ڪيل 2022-04-24. 
  12. "San Francisco Peaks, Flagstaff Arizona". www.arizona-leisure.com. حاصل ڪيل 2022-04-24. 
  13. https://www.census.gov/quickfacts/flagstaffcityarizona