چينڊلر، ايريزونا

آمريڪي رياست ايريزونا جو ھڪ شھر

چينڊلر (انگريزي: Chandler) آمريڪا جي رياست ايريزونا جو ھڪ شھر آھي. ھن شھر جون حدون ايريزونا رياست جي سڀ کان وڏي شھر فينڪس جي حدن سان ملن ٿيون. ھن شھر جي اتر اولھ ۾ ٽيمپي، اتر ۾ ميسا، اولھ ۾ فينڪس، ڏکڻ ۾ گيلا رور انڊين ڪميونٽي (Gila River Indian Community) وارو علائقو ۽ اوڀر ۾ گلبرٽ شھر آباد آھي.

چينڊلر، ايريزونا
شھر
City of Chandler
ھوائي جھاز مان ورتل چينڊلر شھر جي ھڪ تصوير
ھوائي جھاز مان ورتل چينڊلر شھر جي ھڪ تصوير
ميريڪوپا ڪائونٽي ۾ چينڊلر جي بيھڪ
ميريڪوپا ڪائونٽي ۾ چينڊلر جي بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 33°18′N 111°50′W / 33.300°N 111.833°W / 33.300; -111.833مڪانيت: 33°18′N 111°50′W / 33.300°N 111.833°W / 33.300; -111.833
ملڪ آمريڪا جون گڏيل رياستون
رياست ايريزونا
ڪائونٽي ميريڪوپا
بنياد پيو مئي 17، 1912ع
شھر جو درجو مليو 1920
پکيڙ[1]
 • ڪل 65.55 ميل2 (169.77 ڪ.م2)
 • زميني 65.48 ميل2 (169.58 ڪ.م2)
 • آبي 0.07 ميل2 (0.18 ڪ.م2)
بلندي 1,214 ft (370 ميل)
آبادي (2020)
 • ڪل 275,987

جيڪڏھن اوھان کي چينڊلر وڃڻ جو موقعو ملي تہ اوھان کي ايئن محسوس ٿيندو تہ فينڪس، چينڊلر، ٽيمپي ۽ ميسا ڄڻ ھڪ شھر آھن ڇو تہ ھنن شھرن جون حدون پاڻ ۾ ملي ويون آھن ۽ نئين ماڻھوءَ کي شايد خبر ئي نہ پوندي تہ انھن شھرن مان ڪھڙي شھر جي حد ڪٿي ختم ٿئي ٿي. ھي شھر پاڻ ۾ ايئن جڙيل آھن جيئن سنڌ ۾ حيدرآباد، قاسم آباد ۽ لطيف آباد ھڪئي شھر جو ڏيک ڏين ٿا.

2022ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 281,996 ماڻھن تي مشتمل آھي[2]. ھي آباديءَ جي لحاظ کان ايريزونا رياست جو چوٿون وڏو شھر آھي[3].

انتظامي طور تي ھي شھر ميريڪوپا ڪائونٽي (Maricopa County) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ فينڪس ميٽروپوليٽن شمارياتي علائقي ۾ شامل آھي. چينڊلر جي آسپاس وارن علائقن ۾ ڪپھ، ليما، نارنگيون، چقندر، لوسڻ ۽ ٻيا فصل ٿين ٿا[4]. ھن شھر ۾ سيمي ڪنڊڪٽر، اليڪٽرانڪ چپس ۽ اليڪٽرانڪس ۽ ڪمپيوٽر جو سامان ٺاھڻ جا پلانٽ قائم آھن.

تاريخ سنواريو

1891ع ۾ ايريزونا واري علائقي جي پھرئين جانورن جي ڊاڪٽر الگزينڊر جان چينڊلر (Alexander John Chandler) ميسا جي ڏکڻ ۾ حڪومت کان 80 ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪئي . 1900ع تائين ھو ھتان جي 18000 ايڪڙ زمين جو مالڪ بنجي ويو[5]. ھن انھيءَ زمين تي ھڪ شھر قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي. انھيءَ شھر تي چينڊلر نالو رکيو ويو. ھن شھر جا پلاٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ 16 مئي 1912ع ۾ پھرين آفيس کولي وئي.

1913ع تائين چينڊلر ھڪ ننڍي شھر جو روپ ڌاري ورتو. 1914ع ۾ چينڊلر ھاءِ اسڪول قائم ٿيو[6]. 16 فيبروري 1920ع تي چينڊلر کي سرڪاري طور تي ھڪ ”ٽائون“ جو درجو مليو ۽ اليگزينڊر جان چينڊلر کي ھتان جي ٽائون ڪائونسل جو پھريون صدر چونڊيو ويو. 1941ع ۾ ھتي آمريڪا جي فضائي فوج جو ھڪ اڏو قائم ڪيو ويو. 24 مئي 1954ع ۾ ھن کي شھر (City) جو درجو مليو[5]. 1980ع ۾ شھر جي آبادي 30،000 ھئي پر ان کان پوءِ تيزيءَ سان وڌڻ لڳي. ھتي مائڪروچپ، موٽرولا ۽ انٽيل (Intel) جھڙين ڪپميوٽر جي وڏين ڪمپنين پنھنجا پلانٽ قائم ڪيا جنھن ڪري شھر جي آباديءَ ۾ زبردست واڌارو آيو. فينڪس شھر جي وڌندڙ مقبوليت بہ ھتان جي آباديءَ ۾ واڌ جو سبب بني. 2010ع تائين شھر جي آبادي 238000 تائين پھچي وئي جيڪا 2019ع ۾ 261,165 ٿي وئي.

جاگرافي سنواريو

چينڊلر جي ڪل پکيڙ 71 چورس ميل آھي[7]. ھتان جا رھواسي مختلف نسلن سان واسطو رکن ٿا. شھر جي ڪل آباديءَ ۾ %58.4 اڇي چمڙيءَ وارا، %22.6 لاطيني يا اسپيني، %12 ايشيائي ۽ %6 ڪارا يا آفريڪي آمريڪي نسل جا ماڻھو شامل آھن[8].

آبھوا سنواريو

موسمي رڪارڊ : Chandler, AZ
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°F (°C) 89
(32)
95
(35)
99
(37)
106
(41)
118
(48)
116
(47)
119
(48)
115
(46)
113
(45)
107
(42)
97
(36)
86
(30)
119
(48)
اوچي پد جي
سراسري°F (°C)
67
(19)
71
(22)
77
(25)
85
(29)
94
(34)
104
(40)
106
(41)
104
(40)
99
(37)
89
(32)
75
(24)
67
(19)
86.5
(30.2)
روزاني سراسري°F (°C) 54
(12)
58
(14)
63
(17)
70
(21)
78
(26)
87
(31)
92
(33)
90
(32)
85
(29)
74
(23)
61
(16)
54
(12)
72.2
(22.2)
گھٽ پد جي
سراسري°F (°C)
41
(5)
45
(7)
49
(9)
54
(12)
61
(16)
70
(21)
77
(25)
76
(24)
70
(21)
59
(15)
47
(8)
40
(4)
57.4
(13.9)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°F (°C)
15
(−9)
19
(−7)
24
(−4)
30
(−1)
37
(3)
43
(6)
54
(12)
51
(11)
40
(4)
30
(−1)
22
(−6)
17
(−8)
15
(−9)
سراسري پرسپييئيشن انچ (cm) 1.01
(25.7)
1.03
(26.2)
1.19
(30.2)
0.33
(8.4)
0.17
(4.3)
0.06
(1.5)
0.89
(22.6)
1.14
(29)
0.89
(22.6)
0.81
(20.6)
0.77
(19.6)
0.98
(24.9)
9.20
(233.7)
Source: The Weather Channel[9]

ثقافت ۽ رھڻي ڪرڻي سنواريو

 
1910ع کان 1935ع واري دور جو چينڊلر ۾ قائم اٺ پکين جو ھڪ فارم
 
چينڊلر ۾ ڪرسمس ٽري
 
چينڊلر ھاءِ اسڪول

جڏھن يورپي لوڪ ھن علائقي ۾ آيا تہ ھنن کي ھتان جي وسيع و عريض ميدانن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ اٺ پکي ڊوڙندا نظر آيا. ويھين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ ھتي اٺ پکين جا ڪيترائي فارم قائم ڪيا ويا. اٺ پکين جي بيضن ۽ گوشت جي وڪري مان چڱو ناڻو ڪمايو ويندو ھو. ھنن پکين جي پرن مان عورتن لاءِ ٽوپيون ٺاھيون وينديون ھيون. جيتوڻيڪ اھو ڪاروبار ھاڻي ختم ٿي ويو آھي پر انھيءَ ثقافت کي برقرار رکندي چينڊلر ۾ ھر سال مارچ مھيني ۾ اٺ پکين جو ميلو ملھايو وڃي ٿو.

فن ۽ موسيقيءَ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ 1500 سيٽن تي مشتمل ھڪ ھال ٺاھيو ويو آھي جنھن ۾ موسيقيءَ جون محفلون سجايون وڃن ٿيون، انھيءَ ھال ۾ مقامي چترڪارن جا 300 کان وڌيڪ فنپارہ پڻ نمائش لاءِ رکيل آھن.

ھن شھر ۾ شھرين جي تفريح لاءِ 60 کان بہ وڌيڪ ننڍا ۽ وڏا پارڪ موجود آھن جتي ٻارن جا جھولا، تلاءَ، رنگبرنگي گل ۽ ٻوٽا ۽ ٻيون دلچسپيءَ جون شيون موجود آھن.

ھتان جي خاص ڏسڻ جھڙين جاين مان چينڊلر جو عجائب گھر بہ ھڪ آھي. ھن عجائب گھر ۾ چينڊلر جي تاريخ، ثقافت ۽ رھڻي ڪرڻيءَ سان واسطو رکندڙ ڪيتريون ئي شيون ڏسي سگھجن ٿيون.

ھتان جي پبلڪ لائبرريءَ ۾ ٻارن ۽ وڏن جي دلچسپيءَ جا ھزارين ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون موجود آھن. ھتان جي ڊائون ٽائون (Down Town) ۾ وڏا وڏا شاپنگ مال، ھوٽلون، کاڌي پيتي جا اسٽال، شراب خانا، ڪافي شاپ ۽ ضرورت جو ٻيو سامان موجود آھي. دنيا جي وڏن شھرن جي ابتڙ ھتي ٽريفڪ جو گوڙ ۽ گاڏين جا ھجوم نظر نہ ايندا، انڪري ھتي جو ماحول آلودگيءَ کان گھڻي حد تائين پاڪ آھي. ھتان جا اڪثر رھواسي پرامن ۽ پر سڪون زندگي گذارڻ جا عادي آھن انڪري ھتي ڏوھ تمام گھٽ ٿين ٿا.

معيشيت سنواريو

شروع وارن ڏينھن ۾ زراعت ھن شھر جي آمدنيءَ جو بنيادي ذريعو ھئي. ڪپھ، مڪئي ۽ لوسڻ ھتان جا مکيہ فصل ھئا. ويھين صديءَ جي شروع ۾ ھتي اٺ پکي وڏي تعداد ۾ پاليا ويندا ھئا ۽ انھن جي کنڀن مان عورتن جا خوبصورت ٽوپلا (Hats) ٺاھيا ويندا ھئا. ھن وقت ھن شھر کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو شھر چئجي تہ غلط نہ ٿيندو. ھتي اليڪٽرانڪس جا پرزا، نيم پسرائيندڙ (Semiconductors) ۽ ڪمپيوٽر چپ ٺاھڻ جا پلانٽ موجود آھن.

حوالا سنواريو

  1. "2020 U.S. Gazetteer Files". United States Census Bureau. حاصل ڪيل October 29, 2021. 
  2. "Community Profile and Demographics". City of Chandler. حاصل ڪيل 2022-03-14. 
  3. "Explore". City of Chandler. حاصل ڪيل 2022-03-14. 
  4. "Chandler, Arizona, United States, Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-03-14. 
  5. 5.0 5.1 "History of Chandler, Ariz.". City of Chandler. حاصل ڪيل 2022-03-14. 
  6. ChandlerAZ.gov, [The Story of Chandler, Arizona http://www.chandleraz.gov/default.aspx?pageid=37 Archived September 27, 2007, at the Wayback Machine]. Retrieved March 14, 2022
  7. Chandler: Prepared by the Arizona Department of Commerce. Available online at https://www.chandleraz.gov/sites/default/files/documents/imported/ChandlerProfile.pdf آرڪائيو ڪيا ويا November 30, 2021, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  8. "Census 2020". azmag.gov. حاصل ڪيل 2022-03-14. 
  9. "Average Weather for Chandler, AZ – Temperature and Precipitation". Weather.com. وقت August 2, 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل August 5, 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)