ھندو

ھندستان جا ھندو مذھب کي مڃيندڙ ماڻھو

لفظ هندو (انگريزي ٻولي: Hindu) نه ته سنسڪرت جو لفظ آهي ۽ نه ئي ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ اهو لفظ آهي. هندو ڪنهن مذهب يا ڌرم جو نالو ناهي. ڇو جو ڪنهن به پراڻي ويد ۾ لفظ ”هندو“ جو ڪو ذڪر ئي ٿيل ناهي. سنسڪرت ۾ سنڌو ندي جي لاءِ ”سنڌو“ لفظ آهي. فارسي (پارسي) زبان ۾ لفظن جي شروع ۾ اکر ”س“ کي ”هه“ سان بدلائڻ جو لاڙو رهيو آهي. تاريخدانن پهريون دفعو لفظ ”هندو“ سنڌو دريا جي لاءِ ڪتب آندو. زنداوستا ۾ به ان کي هندو دريا سڏيو ويو آهي ۽ ان جي ڪناري تي رهڻ وارن کي به سنڌي جي بدرآن ”هندو“ سڏيو ويو آهي.

Durga Pooja at Bhopal (7)

517 قبل مسيح ۾ جڏهن فارس جي شاهه دارا (داريوس) اول جڏهن پنهنجي سلطنت سنڌو دريا تائين پهچائي ورتي ته سنڌ جا رهاڪو به ان جي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويا، جن کي اهي ”هندو“ چوندا هئا. ان کان پوءِ يونانين ۽ آرمينيائي تاريخدانن پڻ اهو اُچار جيئن جو تيئن ئي رکيو. ٿر جي پار واري علائقي کي ڀارت چيو ويندو هو. ويدن جي مڃڻ وارن کي ڪڏهن به هندو نه سڏيو ويو آهي. انهن کي سنتنا ڌرما سڏيو ويو آهي. ڇو جو هندو رڳو سنڌو دريا جي ڪناري رهڻ وارا سڏيو ويندو هئا.[1]

پر هاڻي وقت سان گڏ هن لفط جي معنا ۾ ڦيرو اچي ويو آهي ۽ هندوازم جي پوئلڳن کي هِندو سڏيو وڃي ٿو. هنن جي گهڻائي نيپال ۽ انڊيا ۾ آهي.

يڌهشٽر

سنواريو

هندو ڌرم جي پَوِتر بزرگ يڌهشٽر لاءِ روايت آهي ته، سندس سچائيءَ ڪري سندس رٿ (گهوڙي گاڏي) زمين کان مٿي هلندي هئي.[2]