ٽيمپي (انگريزي: Tempe) آمريڪا جي ايريزونا رياست جو ھڪ شھر جيڪو فينڪس ميٽروپوليٽن جي اڀرندي پاسي واري ماٿريءَ ۾ واقع آھي. ھن شھر جون حدون اولھ ۾ فينڪس ۽ اتر ۾ اسڪاٽسڊيل (Scottsdale) ۽ سالٽ نديءَ واري پيما ميريڪوپا انڊين ڪميونٽي (Salt River Pima-Mericopa Indian Community) لاءِ مخصوص علائقي سان ملن ٿيون. چينڊلر شھر ھن جي ڏکڻ ۾ ۽ ميسا شھر اوڀر ۾ آھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 180,587 آھي. ھي ايريزونا رياست جو نائون وڏو شھر آھي. آمريڪا جي مشھور ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي ھن شھر ۾ قائم ٿيل آھي. يونان جي مشھور ٽيمپي ماٿريءَ سان مشابھت سبب ھن شھر جو نالو بہ ٽيمپي رکيو ويو.

ٽيمپي (Tempe)
شھر
City of Tempe
ٽيمپي شھر جو ھڪ ڏيک
ٽيمپي شھر جو ھڪ ڏيک
ميريڪوپا ڪائونٽي ۾ ٽيمپي شھر جي بيھڪ
ميريڪوپا ڪائونٽي ۾ ٽيمپي شھر جي بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 33°24′46″N 111°56′35″W / 33.41278°N 111.94306°W / 33.41278; -111.94306مڪانيت: 33°24′46″N 111°56′35″W / 33.41278°N 111.94306°W / 33.41278; -111.94306
ملڪ آمريڪا جون گڏيل رياستون
رياست ايريزونا
ڪائونٽي ميريڪوپا
بنياد پيو 15 آڪٽوبر، 1892ع
نالو پيو ٽيمپي ماٿري، يونان
حڪومت
 • مجلس ٽيمپي سٽي ڪائونسل
پکيڙ[1]
 • شھر 40.15 ميل2 (103.99 ڪ.م2)
 • زميني 39.94 ميل2 (103.45 ڪ.م2)
 • آبي 0.21 ميل2 (0.54 ڪ.م2)
بلندي 1,140–1,495 ft (347.47 – 455.68 ميل)
آبادي (2020)
 • شھر 180,587

تاريخ سنواريو

ٽيمپي واري علائقي ۾ ھوھوڪام (Hohokam) نالي اصلوڪن آمريڪي ماڻھن جو ھڪ قبيلو آباد ھو. ھن قبيلي جا ماڻھو پنھنجي زمينن ۾ ھر ھلائي فصل پوکيندا ھئا. زمينن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ھنن ڪيترائي واھ کوٽي پاڻي ھن علائقي تائين پھچائڻ جو بندوبست ڪيو ھو. پندرھين صديءَ ۾ ھن قبيلي جا اڪثر ماڻھو ھي علائقو ڇڏي ويا ۽ فقط چند خاندان ھتي رھجي ويا.

جڏھن يورپي لوڪ ھتي آيا تہ ھنن 1865ع ۾ موجودہ ٽيمپي شھر کان اٽڪل 40 ڪلوميٽر (25 ميل) اتر اوڀر ۾ فورٽ ميڪڊوويل (Fort McDowell) نالي ھڪ وسنديءَ جو بنياد رکيو. ھن وسنديءَ ۾ رھندڙ ماڻھن ۽ سندن جانورن جي کاڌي پيتي جون گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي ڪجهه فوجين ۽ اسپيني مزدورن کي ھتي ملازمت ڏني وئي. اھي ملازم ھتي فصل پوکي ان اپائيندا ھئا ۽ جانورن لاءِ چاري جو بندوبست ڪندا ھئا. ھوھوڪام قبيلي جي ھن علائقي ڇڏڻ کان پوءِ ھن علائقي ۾ ھيءَ پھرين انساني آبادي ھئي. 68-1867ع ۾ فينڪس شھر جو بنياد پيو. ھنن ٻنھي وسندين جي وچ ۾ آمدورفت لاءِ سالٽ نديءَ ۾ فيري سروس شروع ڪئي وئي ۽ ايئن فورٽ ميڪڊوويل ۽ فينڪس جا رھواسي ٻيڙين يا فيري وسيلي ھڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ لڳا. ھتان جي زميندار وليم ڪرڪلينڊ (William Kirkland) ۽ جيمس ميڪڪني (James McKinney) ھتان جي آبپاشيءَ جي نظام کي بھتر بنايو ۽ نوان واھ کوٽايا جنھن سبب ھتي لوسڻ، ڪڻڪ، ِجَوَ, ڪپھ ۽ ٻيا فصل پوکجڻ لڳا.

ھتان جي ھڪ زميندار ڊيرل دوپا (Darrell Duppa) کي محسوس ٿيو تہ ھن علائقي ۽ يونان جي ٽيمپي ماٿريءَ واري علائقي ۾ ڪافي مشابھت آھي. اھوئي سبب آھي جو 1879ع ۾ ھن وسنديءَ کي ٽيمپي نالو ڏنو ويو ۽ اھو نالو اڄ تائين قائم آھي[2]. 1960ع واري ڏھاڪي تائين ھن شھر ۾ ڪاري چمڙيءَ وارن ماڻھن کي رھڻ جي اجازت نہ ھئي. ڪاري چمڙيءَ وارن ماڻھن کي ھن شھر ۾ نوڪر طور رکيو ويندو ھو پر کين ھتي پنھنجا گھر اڏڻ جي اجازت نہ ھئي[3]. 1965ع ۾ وارن (Warren) ۽ ڪيرول لونگسٽن (Carol Livingston) پھريان آفريقي آمريڪي (ڪاري چمڙيءَ وارا) ھئا جن کي ھن شھر ۾ گھر خريد جي اجازت ڏني وئي[4].

1885ع ۾ ھتي پھريون اسڪول کليو جنھن کي اڄڪلھ ايريزونا نارمل اسڪول سڏيو وڃي ٿو. ان بعد ھتي استادن جي سکيا جو ڪاليج ۽ اڳتي ھلي ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي (Arizona State University) جو قيام عمل ۾ آيو. 1887ع ۾ ميريڪوپا ۽ فينڪس ريلوي لائين جو افتتاح ٿيو. اھا ريل جي پٽڙِِي ٽيمپي شھر وٽ سالٽ ندي ڪراس ڪري ٿي. انھيءَ دور ۾ ٽيمپي جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو ۽ 1894ع ۾ ھن کي شھر جو درجو ڏنو ويو. 1911ع ۾ ھتان جي زمينن کي سيراب ڪرڻ لاءِ روزويلٽ ڊيم (Roosevelt Dam) جو افتتاح ٿيو، جنھن سبب ھن شھر جي آسپاس زرعي پيداوار کي چڱي ھٿي ملي. ويھين ۽ ايڪويھين صديءَ ۾ ھي شھر تعليم ۽ واپار جو ھڪ وڏو مرڪز بنجي ويو. فينڪس ۽ ھن شھر جي آبادي ۽ پکيڙ ۾ واڌارو اچڻ سبب ھنن ٻنھي شھرن جون حدون پاڻ ۾ ملي ويون آھن. جيئن سنڌ ۾ حيدرآباد، قاسم آباد ۽ لطيف آباد جون حدون پاڻ ۾ مليل آھن تيئن ٽيمپي ۽ فينڪس جون حدون بہ پاڻ ۾ مليل آھن ۽ انتظامي طور ھي ٻئي شھر فينڪس ميٽروپوليٽن واري علائقي ۾ شامل آھن.

جاگرافي سنواريو

ٽيمپي جو شھر فينڪس شھر جي حدن کان شروع ٿي اوڀر پاسي واري ماٿريءَ طرف ڦھليل آھي. فينڪس جي ويجھو ھئڻ ۽ ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ سبب شھر جي اترئين پاسي جي آبادي اوڀر پاسي کان گھڻو وڌيڪ آھي. سالٽ ندي شھر جي اترئين پاسي مان گذري ٿي. ٽيمپي ۾ ھڪ خوبصورت ڍنڍ پڻ موجود آھي جنھن کي سالٽ نديءَ مان پاڻي ملي ٿو. ھي شھر ھڪ سنئين سڌي ميداني علائقي ۾ آباد ڪيو ويو آھي، البت سن ڊيول فوٽ بال اسٽيڊيم ڀرسان ھڪ جبل موجود آھي جنھن کي اي (A) جبل يا ٽيمپي بيوٽ (Tempe Butte ) ڪوٺيو وڃي ٿو. ھن جبل جي اوچائي 456 ميٽر (1140 فوٽ) آھي.

حوالا سنواريو

  1. "2020 U.S. Gazetteer Files". United States Census Bureau. حاصل ڪيل October 29, 2021. 
  2. Blanton, Shirley R. (2007). Tempe. Arcadia Publishing. p. 8. ISBN 978-0-7385-4888-3
  3. "Clipped From Arizona Republic". Arizona Republic: pp. Z6. 2014-02-21. https://www.newspapers.com/clip/29386164/arizona-republic/. 
  4. "African American Contributions to Tempe History". Tempe History Museum. Retrieved March 15, 2022