اشتياق انصاري

Iاشتياق انصاري

اشتياق انصاريانگريزي ٻولي (Ishtiaq Ansari) سنڌ پاڪستان جو سنڌي ٻولي جو مشهور محقق ۽ ڪهاڻيڪار آهي.سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.[1]

زندگي ۽ تعليمسنواريو

اشتياق انصاري جو اصل نالو اشتياق احمد آهي. هيءُ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جي گهر ۾ لاهوري محليلاڙڪاڻي ۾ 30 جنوري 1952ء جنم ورتو. شروعاتي تعليمقمبر شهر ۽لاڙڪاڻو مان حاصل ڪيائين، بعد ۾سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ءَ مان گريجوئيشن سان گڏمهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين سان دلچسپي هئس. سٺو ائٿليٽ به رهيو ۽ شاگرد سياست ۾ به بهرو ورتائين ۽ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو.هيءُ ايگزيڪيوٽو انجنيئر طوردادو ۾ به رهيو. هن وقت حسين آباد، حيدرآباد ۾ پنهنجي جيون ساٿي شبنم گل سان گڏ رهائش پذير آهي، جيڪا پڻ سنڌي زبان جي مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊرامه نگار آهي.[1]

ادبي خدمتونسنواريو

سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو. مهم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياهه ڪابل کان مهم شروع ڪئي، جيڪا عربي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مهمن دوران ديبل بندر جي ڳولا به ڪيائين ۽ انکان سواءِ اڇڙي ٿر،لاهوت لامڪان ۽کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. هن سفرناما ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. “دکم“ (ڪهاڻيون) اڻڇپيل ڪتاب آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا طرفان اوارڊ پڻ مليا آهن. هن گهڻائي ملڪ گهميا آهن.[1]

ڪتابسنواريو

سندس ڇپيل ڪتابن ۾:[1]

  • سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (تحقيق)[2]
  • خيما کاهوڙين (سفرنامو)،[3]
  • اينٿراپالاجيڪل ناول ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“
  • ووڙيم سڀ وٿاڻ (سفرنامو)
  • انيس انصاري فن ۽ شخصيت
  • ”ڌرتي ماتا“ (تحقيق)
  • ”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون)
  • گورک تحقيق

اوارڊسنواريو

اشتياق انصاري کي سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان ادبي خدمتن تي اوارڊ مليل آهن.[1]

حوالاسنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 "اشتياق انصاري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-06-12. 
  2. "Sindh Ja Kot Ain Qila 2 Book Price in Pakistan-Homeshopping". Home Shopping Pakistan. حاصل ڪيل 2019-06-12. 
  3. "::: Sindhica :::". sindhica.org. حاصل ڪيل 2019-06-12.