احمد شاهه ابدالي

احمد شاهه ابدالي- -افغانستان- جي علائقي هرات ۾، 1136ھ/1723ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو محمد زمان خان هو. 20 سالن جي عمر ۾ نادرشاهه جي فوج جو سپهه سالار ٿيو. بهادري ۽ وفاداريءَ سبب نادر شاهه هن جو قدر ڪندو هو. سن 1747ع ۾ جڏهن نادرشاهه کي پنهنجن ئي ماڻهن سندس خيمي ۾ گهڙي قتل ڪيو ته -ان- کان پوءِ -آڪٽوبر- 1747ع ۾ افغان سردارن -احمد شاهه- ابداليءَ کي -بادشاهه- چونڊيو. بادشاهه ٿيڻ کان پوءِ هن ڪيترائي دفعا هندستان تي حملا ڪيا. ڪشمير، پنجاب، سنڌ ۽ -بلوچستان- کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪيائين. خراسان جو به ڪجهه علائقو هٿ ڪيائين. -احمد شاهه- ابداليءَ جي گادي قنڌار ۾ هئي، -جتي- هن عاليشان عمارتون تعمير ڪرايون. هندستان ۾ -احمد شاهه- ابداليءَ جون ٻه لڙايون قابل ذڪر آهن. پهرين، -جنوري- 1761ع ۾ -پاڻيپٽ- جي -ٽين- لڙائي، جنهن ۾ مرهٽن کي شڪست آئي ۽ ٻي -جنگ- دوراهه، جنهن کي سِک ”گهلو گهاڙا“ يعني بي پناهه قوت سڏيندا آهن، اها لڙائي 1762ع ۾ ٿي، جنهن ۾ سکن جو وڏو تعداد قتل ٿي ويو. احمد شاهه، -افغانستان- جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ۽ -ان- کي هڪ وحدت بنايو. هن ئي مستقل -افغانستان- جو بنياد رکيو. نادرشاهه وانگر -احمد شاهه- ابداليءَ جي حملن به مغل سلطنت کي ڪمزور ڪيو، ۽ -ان- جي نظام کي سخت نقصان پهتو. هن 1749ع ۾ سنڌ تي پڻ ڪاهه ڪئي ۽ وڏي تباهي مچائي. سندس موت 20 رجب 1186ھ/17 -آڪٽوبر- 1773ع تي واقع ٿيو. منشي ٽوپڻ مل حيدرآبادي پنهنجي ڪتاب ”-تاريخ- سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته ”-احمد شاهه- دراني (-ابدالي-) گهڻي لشڪر ۽ جنگي ساز و سامان سان گڏ لاڙڪاڻي سنڌ ۾ آيو. ميان نور محمد پنهنجو وڪيل -احمد شاهه- درانيءَ جي درٻار ۾ موڪليو هو، پر هن مٿس هر سال خراج يا ڏن مقرر ڪيو، جيڪو ميان صاحب ادا ڪندو هو.“ [1]

حوالا سنواريو