ڊاڪٽر احسان دانش (انگريزي:Dr. Ahsan Danish) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ، ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نثر نويس آهي جنهن جا ڪيترائي ئي ڪتاب ڇپيل آهن.[1]

ڊاڪٽر احسان دانش
Dr. Ahsan Danish

احسان دانش
پيدائش آغا احسان الحق
فيبروري 1974 (عمر 50 سال)
لاڙڪاڻو، ضلعو لاڙڪاڻو، سنڌ، پاڪستان
قلمي نالو احسان دانش
ڌنڌو محقق، شاعر،ڪھاڻيڪار ،پروفیسر
ٻولي سنڌي
شهريت پاڪستاني
تعليم ایم اياردو، ایم اي سنڌي ادب، پي ايڇ ڊي سنڌي ادب
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي،ڄامشورو
موضوع تحقيق، تنقيد افسانہ، غزل، نظم
مُکيه ڪم بي سڪون خوابَ جو سَچُ
لفظن جي خوشبوءِ
ايوارڊ شاھ عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ

زندگي جو احوال سنواريو

احسان دانش جو پورو نالو آغا احسان الحق آهي. احسان دانش 15 فيبروري 1974ع تي ضلعو لاڙڪاڻو جي شھر لاڙڪاڻو ۾ پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر ۾ جنم ورتو.[2][3]

تعليم سنواريو

احسان دانش پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي گوهر آباد لاڙڪاڻو، مئٽرڪ جو امتحان پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي منجهان پاس ڪرڻ بعد گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر ڪيائين. دانش ايم اي اردو ادب 1996ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ادب 1998ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪئي. دانش 2014ع ۾ ”شاھ لطيف جي شاعري جو سماجي ڪارج“ جي عنوان سان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جو مقالو لکي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.[3] [4] دانش شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي سنڌي ادب لاءِ پروفيسر ملڪ نديم جي رهنمائي ۾ ”ڊاڪٽر بشير احمد شاد جون علمي ۽ ادبي خدمتون“ عنوان سان مونو گراف لکيو.[5][6]

علمي ادبي خدمتون سنواريو

هن لکڻ جي شروعات 1988ع ۾ شاعريءَ سان ڪئي. هن ڪهاڻيون لکيون ۽ پوءِ تحقيق ۽ تنقيد جي شعبن ۾ مڃتا ماڻيائين. هن مختلف علمي ادبي موضوعن تي هن وقت تائين لڳ ڀڳ 200 مضمون لکيا آهن، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپيا آهن. ڊاڪٽر احسان دانش[7] جي تحقيقي مقالن جو انگ اٽڪل 66 آهي.[حوالو گهربل] جن مان 22 تحقيقي مقالا ايڇ اي سي ريڪگنائيزڊ جرنلن ”ڪلاچي“، ”ڪينجھر“، ڪارونجھر“ ۽ ”سنڌي ٻولي“ ۾ شايع ٿيل آهن.[حوالو گهربل] دانش 1997ع ۾ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اردو ادب جو ليڪچرر مقرر ٿيو،[حوالو گهربل] جتي هن 6 سال تدريسي خدمتون انجام ڏيڻ بعد 2002ع ۾ سنڌي جي ليڪچرار لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پهرين پوزيشن ماڻي ۽ ساڳي سال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرر مقرر ٿيو. هن ترتيب وار اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسرطور ترقي ماڻي. هن وقت هو سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو حيدرآباد ۾ سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.[8] ان کان اڳ هن لاڙڪاڻي ۾ اعزازي طور سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن جي تياري ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به مختلف نجي تعليمي ادارن ۾ سالن جا سال پڙهايو آهي. شاعري ۾ غزل وڌيڪ لکيا اٿائين پاڻ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر به آهي.[2][3][9] احسان دانش جا ڪيترائي تحقيقي مقالا سنڌي ٻولي جي بااختيار ادارو جي جنرل 'سنڌي ٻولي' ۾ پڻ ڇپيل آهن.[10][11]

ڪتاب سنواريو

  • بي سڪون خوابَ جو سَچُ (ڪهاڻيون) 2005ع[2][4]
  • لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو (تحقيق) 2005ع
  • ويلَ نه وسريام (ادبي شخصيتن تي مضمون ۽ مقالا) (ترتيبَ) 2007ع
  • لفظن جي خوشبو (شاعري) 2010ع
  • سنڌو ماٿر جي عظيم سڀيتا ـــ موهن جو دڙو (تاريخ) (ترتيب ۽ تلخيص) 2012ع[12]
  • شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج (پي ايڇ. ڊي ٿيسز) 2016ع
  • پيهي پروڙيوم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس) 2017ع
  • شاھ لطيف جي شاعري ۾ درد جو فلسفو 2021ع[13]

اوارڊ سنواريو

احسان دانش کي 2019ع تائين سندس علمي، ادبي خدمتن جي اعتراف طور سنڌ گورنمينٽ جي ثقافت کاتي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي ڄامشورو،سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو حيدرآباد،[14] انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان ۽ ٻين اهم ادارن طرفان لڳ بڳ 28 اوارڊ ملي چڪا آهن.[حوالو گهربل] هن کي 2016ع ۾ ’شاهه لطيف‘ جي عرس جي موقعي تي سنڌ صوبي جي سڀ کان وڏي سرڪاري ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ سان پڻ نوازيو ويو آهي.[14][15]

حوالا سنواريو

  1. "ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ سان عشق ڪري ڌرتي ۾ سمائجي ويو: مقرر". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  2. 2.0 2.1 2.2 احسان دانش : (Sindhianaسنڌيانا)
  3. 3.0 3.1 3.2 "ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر احسان دانش جو انٽرويو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  4. 4.0 4.1 ڏاتِ ڏِيئا ٻاريا. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16501&BookTitle=Daat-Diya-Bar. 
  5. Pathan, Dr. "احسان دانش جي مونوگراف - ڊاڪٽر بشير احمد شاد جون علمي ۽ ادبي خدمتون - جو تعارف". www.drpathan.com. حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  6. "BR-ePaper | Two final PhD seminars held at Sindh University". Business Recorder e-Paper. حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  7. Correspondent, The Newspaper's. "‘Facebook is an effective platform for emerging poets’". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-06-10. 
  8. "Dr. Ehsan Assumes Charge As Secretary Sindh Language Authority". UrduPoint. حاصل ڪيل 2024-03-12. 
  9. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر احسان دانش". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  10. "ڊاڪٽر احسان دانش | Dr Ahsan Danish". journal.sindhila.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  11. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  12. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  13. "ڪتاب "شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو" جو جائزو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2024-03-12. 
  14. 14.0 14.1 "SLA Distributes Best Author Awards". UrduPoint. حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  15. Correspondent, The Newspaper's Staff. "German philologist gets Latif Award 150 years after compiling Shah jo Risalo". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-06-03.