ملڪ نديم (انگريزي:Malik Nadeem) سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ پروفيسر هو.

زندگي جو احوال سنواريو

ملڪ نديم جو اصل نالو عبدالرزاق ملڪ هو. هيءُ 8 اپريل 1946ع تي ڪشمور ضلعو جي شهر ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. سنڌي ادب ۾ ايم اي ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. هيءُ منفرد شاعر هو پر تحقيق جي شعبي ۾ به سندس اهم خدمتون آهن. ملڪ نديم جي شاعري ۾ خاص طور تجريدي نظم سڃاڻپ هئي. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سنڌيءَ شعبي ۾ پروفيسر رهيو. هن ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ پڻ حاصل ڪئي. سندس تجريدي نظمن جو ڪتاب پڻ ڇپيل آهي. سندس فرزند سڪندر مهراڻ پڻ ادب جي شعبي سان سلهاڙيل آهي، جنهن تازو سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”منهنجي جواني ڪنهن به موسم نه چورائي“ ترتيب ڏئي ڇپرايو. ملڪ نديم 9 مارچ 2010ع ۾ وفات ڪري ويو.[1][2][3]

حوالا سنواريو

  1. "ڊاڪٽر ملڪ نديم : شاعر، مرتب ۽ محقق". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  2. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ملڪ نديم". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  3. "تجريدي نظم | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-06-03.