فسطائيت يا فاشزم (انگريزي: Fascism ) ھن نظريي جو رواج جرمنيءَ ۾ ھٽلر جي نازي پارٽيءَ ۽ اٽليءَ ۾ مسولنيءَ جي فسطائي پارٽيءَ جي پيدا ٿيڻ بعد چؤطرف پکڙيو[1]. اُنھن ھيگل ۽ نطشي جي سياسي فلسفن مان سبق وٺي، اُنھيءَ نظريي جو بنياد وڌو ھو[1]. دنيا ۾ قديم وقت کان مختلف صورتن ۾ اُنھيءَ نظريي جا پوئلڳ پئي رھيا ھئا. پر جھڙي طرح ڪميونزم پنھنجي آخري شڪل ڪارل مارڪس جي تعليم ۽ لينن جي عملي ڪارگذاريءَ ذريعي ورتي، تنھن وانگر ھن فسطائي نظريي به پنھنجي آخري صورت عملي طرح ھٽلر ۽ مسولنيءَ جي ھٿان ۽ اُنھن جي دور ۾ ورتي[1]. فسطائيت، هڪ فاشسٽ تحريڪ هئي، جيڪا سياسي ۽ سماجي مقصد رکندي هئي، ان جا مقصد عورتن ۽ مردن لاءِ هڪ جهڙا حق ۽ حڪومتي طاقت هئا[2]. هٽلر (1889-1945ع) ۽ مسولني (1883-1845ع) فاشٽي اصولن جا اهم سرڪردا هئا[2]. هي رويو/فسطائيت يورپي ادبي دنيا ۾ هڪ وقت زور شور سان موجود رهي. هي وڏو اثر رکندڙ تحريڪ هئي[2]. فاشزم، ترقي پسندي ۽ جدت مخالف رويو آهي[2].

فاشزم جا بنيادي اصول

سنواريو

انھيءَ نظريي جا بنيادي اصول ھيٺيان ھئا[1]:

  1. بقائي اصلح(انگريزي: Survival of fittest ) جي قانون مطابق، ھر ڪمزور ۽ ناصالح جانور ۽ ماڻھو مضبوط، صالح ۽ صحت مند جانور ۽ ماڻھوءَ جي مقابلي ۾ ناڪام ٿي، ختم ٿيو وڃي. اھو قانون قومن سان به لاڳو آھي. مضبوط ۽ لائق قومون ترقي ڪري، ملڪن جون مالڪ بڻجن ٿيون[1]. ڪمزور ۽ نالائق قومون، ھيٺ ڪِري، فنا ٿيو وڃن يا غلام بڻجيو وڃن.
  2. اُنھيءَ اصول کي مدنظر رکي، ھٽلر آريا قوم کي صحتمند ۽ صالح ڄاڻي، دنيا جي رھبري ۽ حڪومت جي لائق ٿي سمجھيو.
  3. حڪومت جي ڪاروبار ھلائڻ لاءِ صالح ۽ لائق گروھ کي اھل سمجھيو ٿي ويو. جمھوريت جي اصول کي فقط نااھل ماڻھن جي برتري قبول ڪرڻ جي برابر سمجھي، رد ڪيو ٿي ويو.
  4. انھيءَ اصول مطابق اُھي صالح قومون ٻين نااھل قومن مٿان حڪومت ھلائڻ جون حقدار ھيون.
  5. اُنھيءَ نظريي وارين حڪومتن سموري قومي وسائل کي مرڪزي طرح منظم ڪري، اُنھن کي مخصوص طبقي جي مفاد لاءِ ڪتب آندو. شخصي ملڪيت کي قائم رکيائون ٿي.
  6. ھنن پنھنجي برتري ۽ مخالفن جي ابتري يعني نسل جي بنياد تي قائم ٿي رکي، ۽ پاڻ کان گھٽ نسل ڏانھن نفرت سندن سياسي پاليسيءَ جو مکيه اصول ھو.
  7. انھيءَ نظريي کي عمل ۾ آڻڻ ۽ پنھنجي حڪومت ۽ برتري ڪمزور قومن تي مسلط ڪرڻ لاءِ، ھنن تشدد جو استعمال لازمي ٿي سمجھيو.
  8. ڀر وارن ملڪن ۽ ننڍين قومن تي قبضو ڪرڻ سندن پروگرام جو مکيه جزو ھو.
  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب جو نالو: جديد عالمي سياست مصنف: جي ايم سيد؛ ڇپائيندڙ: سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ، حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال: 1978- [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 - ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي