ابخازيا

يورپ جو ملڪ
(ابخازيه کان چوريل)


ابخازيہ:(انگريزي: Abkhazia) Listeni/æbˈkɑːziə/ [9] ھڪ تڪراري علائقو ۽ جزوي طور تي ڪجھ ملڪن (روس، وينيزئيلا، نائورو، نڪاراگوا ۽ شام ) طرفان تسليم ڪيل رياست جو نالو آهي جيڪا ڪارو سمنڊجي اوڀر واري ڪناري تي، ڪوھ قاف جبلن جي ڏکڻ طرف، جارجيا جي ڏکڻ-اولھ طرف واقع آهي.ان جي پکيڙ 8٬660 ڪلوميٽرزچورس (3٬340 sq mi) ھم چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي 245,000 لڳ ڀڳ آهي. ان جي گاديءَ جو هنڌسکم آهي. اھا ھڪ خوداختيار ريپبلڪ ھجڻ جي دعويدار آھي[10][11][12][13][14] جارجيا جو ابخازيه تان ڪنٽرول ختم ٿي چڪو آھي پر جارجيا سرڪاري طور تي ان کي پنھنجو حصو سمجھي ٿو ۽ دنيا جي ملڪن جي اڪثريت ان حق کي ۽ ابخازيه جي جلاوطن حڪومت کي مڃي ٿي.

ريپبلڪ آف ابخازيہ

Flag of Abkhazia
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
نقشي ۾ ڪوھ قاف جي وچ تي ابخازيہ نارنگي رنگ سان ڏيکاريل جارجيا سفيد ۽ اوسينشيا خاڪي رنگ سان ڏيکاريل.
گادي جو هنڌ سکومي
سڀ کان وڏو شهر سکومي
دفتري ٻوليون
ڳالھائجندڙ ٻوليون
مقامي آبادي
حڪومت يونيٽرينيم صدارتيريپلڪ
• صدر
رائل خجيمبا
• وزيراعظم
بولان بارٽسٽس
مقننه پيپلز اسيمبلي (de facto)
جارجيا کيس جزوي تسليم ڪيو جارجيا کان علحدگي [1][2][3]
• جارجيا سويت دور جي قانونن ۽ معاھدن کي منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو
20 جون 1990
• ابخازيہ جو خودمختياري جو اعلان b
25 آگسٽ 1990
• جارجيا جو آزادي جو اعلان
9 اپريل 1991
26 ڊسمبر 1991
• ابخازيہ جو اعلان آزادي
23 جولاء 1992
• رياستي خودمختياري جو قدم c
12 آڪٽوبر 1999
• پھريون دفعو بينالاقوامي مڃتا
ابخازيہ ۽ ڏکڻ اوسينشيا جي بين الاقوامي مڃتا d

26 آگسٽ 2008
پکيڙ
• جملي
[اوزا تبديل: invalid number]
آبادي
• 2015 اندازو
243,206[5]
• 2011 مردم شماري
240,705 [5]
•  گھاٽائي
28 /km2 (72.5 /sq mi)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) لڳ ڀڳ
• ڪل
$50 ڪروڙ ڊالر [6]

تڪراري علائقوسنواريو

ابخازيہ جي علحدگي پسندن جي ھڪ سياسي پھچان ريپبلڪ آف ابخازيہ يا ابخازيہ جي حڪومت جي نالي سان آھي [15][11][16][16][13][14]ابخازيہ کي اڃان تائين صرف ھڪ ملڪ تسليم ڪيو آهي جيڪو روس آھي باقي بين الاقوامي برادري ان کي جارجيا جو حصو سمجھي ٿي. ھن وقت جارجيا جي حڪومت جو ابخازيہ تي ڪنٽرول ناهي. ابخازيہ جي موجوده حيثيت جارجيا ۽ ابخازيہ وچ ۾ ۽روس ۽ جارجيا جي تعلقاتن ۾ اھم تڪراري معاملو آهي. ابخازيہ سويت يونين جي پوئين دور يعني 1980 واري ڏھاڪي ۾ ئي سويت يونين جي ٽٽڻ کان اڳ علحدہ سويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو درجو ماڻي چڪي هئي. علائقي ۾ اڪثريت ابخاز نسل جي ماڻهن جي ھئي جنھن جو جارجين نسل جي ماڻهن سان ٽڪراء وڌندو ويو ۽ 1992 کان 1993 دوران ابخاز ۽ جاجين لڙائي ۾ جارجيائي ڪنٽرول جو ان علائقي مان خاتمو ٿي ويو. جارجيائي ماڻھن جا علائقي مان نيڪال ٿي ويو ۽ علائقي ۾ علحدگي پسندن جي ڊي فيڪٽو حڪومت قائم ٿي وئي. 1994 ۾ علحدگي پسندن ۽ جارجيا جي وچ ۾ سيز فائر ٿيو پر تڪرار اڃان حل ٿي ناھي سگھيو.28 آگسٽ 2008 ۾ جارجيا جي پارليامينٽ ابخازيہ کي روسي قبضي ۾ والاريل علائقو قرار ڏنو ۽ جارجيا جي ان موقف جي وڏي پيماني تي عالمي برادريءَ جي اندر تائيد ڪئي وئي.[17]

نالوسنواريو

ابخازي پنھنجي وطن کي ابخازي ٻولي ۾ Аԥсны (اپسني) سڏيندا آهن جنھن جي معنيَ آهي روح (soul) جو ديس[18] اپسني جي ٻي معني لافاني ماڻھن جو ديس آھي[19] اپسني جو رڪارڊ تي پھريون ذڪر ستين صدي عيسويءَ ۾ آرمينيائي ٻولي جي ھڪ لکت ۾ پسين ۽ پسينوئن جي نالي سان ملي ٿو. لڳي ٿو تہ ان لفظ ذريعي اپسيلين يا اپسيلي جو تذڪرو ڪيو ويو آهي[20] لفظ ابخازيتي جو تاريخ ۾ پھريون ذڪر جارجيا جي اتھاس ۾ ملي ٿو. ان جو ذڪر ابساغيه طور ٿيل آهي جيڪو جارجيا جي بادشاھت ۾ اولھ جارجيا وارو علائقئ جو نالو ھيو ۽ مسلمانن جي ذريعن ان کي ابخازيه سڏڻ شروع ڪيو[21][22]. ھڪ ٻئي خيال مطابق روسي ٻولي ۾ جارجيا واري ان ابساغيه کي ابخازيه سڏڻ شروع ڪيو ويو ۽ پوء ٻين ٻولين ۾ پڻ روسي ٻولي مان ان جو نالو ابخازيه ورتو ويو.

تاريخسنواريو

ارڙھين صدي عيسويءَ تائينسنواريو

نائين ۽ ڇھين صدي ق م ۾ ابخازيه وارو علائقو ڪولخيس واري قديم بادشاهت جو حصو ھيو[23][24][25][26] ڇھين صدي ق م ۾ يونانين اتي ڪاري سمنڊ واري ڪناري تي پيتسوندا ۽ ڊائوسڪيورئس شھرن ۽ پنھنجون واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون ھيون. 63ق م ۾ ابخازيه وارو علائقو ليزيڪا بادشاهت جو حصو ھيو[27][28]. پھرين صدي عيسويءَ ۾ رومن امپائر ليزيڪا فتح ڪيو تہ ابخازيه جو سمنڊ کان پرتي وارو اندروني حصو انھن جي قبضي هيٺ آيو[29] چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ليزيڪا آزادي ماڻي پر بازنطيني ايمپائر جي ي زير اثر رھيو. ملڪ جي ماڻھن جي اڪثريت عيسائيت کي مڃيندڙ ھئي ۽ ليزيڪا جو گاديءَ جو هنڌ ان وقت ايناڪوپيا شھر ھيو جيڪو ھن وقت نيو آٿوس جي نالي سان ابخازيه ۾ واقع آهي[30]. ڇھين صدي عيسويءَ واري دؤر ۾ بازنطيني ايمپائر ۽ ساساني ايمپائر وچ ۾ ويھ سالن تائين ابخازيه جي علائقي لاء جنگ ھلندي رھي جنھن کي ليزڪ جنگ سڏيندا آهن. 550ع ۾ ابساغيائي ماڻھن بازنطيني ايمپائر جي خلاف بغاوت شروع ڪئي ۽ ساساني ايمپائر کي مدد لاء پڪاريو جنھن ڪري ان جنگ جو آغاز ٿيو. 736ع ۾ اموي خليفي مروان ٻئين جي دؤر ۾ عربن ابساغيه تي حملو ڪيو جنھن کي ليئون پھرين ، ليزڪ ۽ ابيريائي پرنسپلٽي وارن گڏجي پسپا ڪيو. عربن سان ڪامياب مزاحمت ڪري ابساغيه جي شھزادي ليئون ٻئين خزرين سان گڏجي 778ع ۾ بازنطيني ايمپائر کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي گادي موجوده جارجيا جي شھر ڪوتائيسي منتقل ڪئي. ان جي دؤر ۾ يوناني ٻوليءَ جي جاء جارجيائي ٻولي ورتي[31]


 
ابخازيه ۽ جارجيائي بادشاھتون 1008ع ملي ھڪ ٿي ويون جڏهن ابخازيه جي باغرات ٽئين جارجيا جي بادشاھت قائم ڪئي

اولھ جارجيا ۾ 850 کان 950ع تائين ابخازيه جي بادشاھت جي واڌ ويجھ ٿيندي رھي. اوڀر جارجيا ۾ جارجيا جي بادشاھت قائم ھئي جنھن جو بادشاھ باغرات ٽيون ھيو. اھي ٻئي بادشاھتون پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي ويون. 1240ع ۾ منگولن جارجيا کي اٺ دومان (فوجي سيڪٽرن) ۾ ورھائي ڇڏيو ۽ ابخازيه اھڙي طرح ساني ڊڊائني (Tsotne Dadiani) نالي دومان جو حصو رھيو. سورھين صدي عيسويءَ ۾ جارجيائي بادشاھت ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي جن مان ھڪ ٽڪرو شروانشيدزي گھراڻي جي ابخازيه جي پرنسپلٽي ھيو جيڪا ايمريٽي بادشاهت جي خراج گذار ھئي[4]. 1570 واري ڏھاڪي ۾ خلافت عثمانيه جي بحريه سکمي واري قلعي تي قبضو ڪيو اھڙي طرح ابخازيه خلافت جي زير اثر ٿي ويو ۽ ابخازين جي اڪثريت مسلمان ٿي وئي. ابخازيه ان دؤر ۾ پنھنجي خودمختياري پڻ برقرار رکي. 1801ع ۾ ابخازيه روسي ايمپائر کان تحفظ ورتو. 1810 ۾ روسي ايمپائر ابخازيه جي خودمختيار حيثيت ھجڻ جو اعلان ڪيو[32][33] 1864ع ۾ روسي ايمپائر ابخازيه کي پنھنجي ايمپائر ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ابخازي مزاحمت کي چيڀاٽي مسلمانن کي خلافت عثمانيه ڏانھن نيڪالي ڏني وئي[4][26][32]

ارڙھين صدي بعدسنواريو

اوڻويھين صديءَ ۾ ابخازيه تي ڪنٽرول لاء روسي ايمپائر ۽ خلافت عثمانيه وچ ۾ مقابلو جاري رھيو تہ ابخازي عوام مذھب جي بنياد تي ورھائجي ويو. 1801ع ۾ جارجيا کي زار واري روسي ايمپائر ۾ ضم ڪيو ويو جنھن بعد ابخازيه کي روس سان تعلق قائم ڪرڻ جي پھرين ڪوشش پرنس ڪَلَيش بَي 1803ع ۾ ڪئي. 2 مئي 1808ع تي ڪليش بي کي پنھنجي پٽ اسلان بي قتل ڪري ڇڏيو جيڪو خلافت عثمانيه جو حامي هو[34] 2 مئي 1810ع تي روسي بحريه سکم ڪيل تي حملو ڪري اسلان بي کي ھٽائي ان جي مخالف ڀاء سفير علي بي (1810-1821) کي حاڪم بڻايو جنھن عيسائيت جو مذھب اختيار ڪيو ھو ۽ پنھنجو نئون نالو جارج رکيو ھو. ابخازيه اھڙي طرح 1810ع ۾ روسي ايمپائر ۾ شامل ٿي ان جي ھڪ خودمختيار پرنسپلٽي ٿي ويو[4] تنھن ھوندي بہ جارج ۽ ان جي جانشين جي حڪومت رڳو سکم-ڪيل ۽ بزيب تائين محدود ھئي. 1853 کان 1856ع تائين ٿيل ڪرائميا واري جنگ ۾ روسي فوج کي ابخازيه ڇڏڻو پيو ۽ پرنس ميخائيل (1822–1864) خلافت عثمانيه جي پاسي ٿي ويو. 1864ع ۾ روس جي زار ابخازيه کي روسي ايمپائر ۾ ضم ڪري ھڪ فوجي صوبي جو درجو ڏنو، اھڙي طرح شروانشيدزي گھراڻي جي ي راڄ جو خاتمو ٿي ويو[4]


 
1899ع ۾ سکمي ضلعي جو نقشو. ان سال ابخازيه کي روسي ايمپائر جي ڪوٽائويسي گورنريٽ جو حصو بڻايو ويو.

ابخازيه ۾ ان وقت 40 سيڪڙو آبادي مسلمان ھئي ۽ 1864ع کان 1878ع تائين انھن جو ۽ ڪوھ قاف جي علائقي جي مسلمانن جو وڏو تعداد خلافت عثمانيه طرف ھجرت ڪري ويو.

 
اوڻويھين صديءَ عيسويءَ ۾ روسي ايمپائر جي فوج ۾ شامل ابخاز ۽ جارجيائي جنرل

انھن مسلمانن جي جاء تي ابخازيه ۾ آرمينيائي، جارجيائي، روسي ۽ ٻيا اچي آباد ٿيا[35].[36] ان ٻاھرين آبادي جي آمد سان ابخازي اقليت ۾ تبديل ٿي ويا.

 
سوويت قفقاز (1957-1991) جو نقشو جنھن ۾ جارجيا جي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ منجھ ابخازيه جي خودمختيار سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ ڏيکاريل

1917ع جي روسي انقلاب بعد 1918ع ۾ خودمختيار جارجيا وجود ۾ آئي جنھن ۾ ابخازيه پڻ واقع ھئي[4]. 1918ع ۾ جرمني جي مدد سان جارجيا وارن بالشيوڪ خطري کي رد ڪري ڇڏيو. 1921 جي آئين ذريعي ابخازيه کي خودمختياري ڏني وئي. 1921ع ۾ بالشويڪ سرخ فوج جارجيا ۾ گھري آئي جنھن سان جارجيا جي ان مختصر خودمختياري جو خاتمو ٿيو. ابخازيه کي سوشلسٽ سوويت ريپبلڪ جو درجو ڏنو ويو پر ساڳي وقت ان کي عھدنامي واري ريپبلڪ قرار ڏيندي ان کي جارجيائي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ سان گڏ ڪيو ويو[4][37][38] 1931ع ۾ جوزف اسٽالن ابخازيه کي جارجيا جي سوشلسٽ ريپبلڪ اندر ھڪ خودمختيار سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ قرار ڏنو[39][40]. جارجيائي ٻولي کي غالب ڪيو ويو تعليمي ادارن مان ابخازي ٻولي ختم ڪئي وئي[41]. ڪميونسٽ پارٽي جارجيا جي اڳواڻ ڪينڊڊ چرڪوياني ابخازيه کي جارجيائي رنگ ۾ تبديل ڪرڻ جي حمايت ڪئي[42] اسٽالن جي موت بعد ابخازي ماڻھن کي چيڀاٽڻ جي پاليسي ۾ نرمي آئي[26] ھاڻي ابخازي ماڻھن کي حڪومت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪرڻ جي اجازت ملي. ننڍڙين سوويت ريپبلڪن جي ثقافت ۽ ادب جي واڌ ويجھ ڪئي وئي. ابخازي ٻولي کي آئين ۾ ابخازيه سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو[43]

سوويت يونين جي زوال بعدسنواريو

1980واري ڏھاڪي ۾ سوويت يونين زوال پذير ٿيڻ شروع ڪيو تہ ابخازي ۽ جارجيائي نسلي ٽڪراء ڪر کنيو. جارجيا جي خودمختيار ٿيڻ واري عمل سان ابخازيه جي خودمختياري لاء خطرو وڌي ويو[44] 1988ع ۾ ابخازيه جي پراڻي يونين ريپبلڪ واري درجي جي بحالي جا مطالبا شروع ٿي ويا[44] ابخازي ماڻھن لينن جي ڏسيل قومن جي حق خوداراديت جو مطالبو ڪيو. انھن مطابق 1931ع ۾ سندن خوداراديت واري حق کي اورانگھيو ويو. [44] جون 1988ع ۾ ھڪ پڌرنامو ابخاز ليٽر جي عنوان سان ميخائيل گورباچوف ڏي موڪليو ويو. 16 جولاءِ 1989ع تي سکمي ۾ جارجيائي ۽ ابخاز نسلي فساد شدت اختيار ڪري ويو جنھن ۾ 16 جارجيائي مارجي ويا ۽ 137 زخمي ٿيا. مارچ 19990ع ۾ جارجيا پنھنجي خودمختياري جو اعلان ڪيو ۽ ريپبلڪ آف جارجيا 17 مارچ 1991ع ۾ ٿيندڙ ريفرينڊم جو بائڪاٽ ڪيو پر ابخازي ماڻھن ان ۾ حصو وٺي سويت يونين ۾ رھڻ لاء ووٽ ڏنو[45][46]. ابخازيه ۾ غير جارجيائي آبادي جارجيا جي خودمختياري واري ريفرينڊم جي خلاف ووٽ ڏنو پر جارجيائي اڪثريت جارجيا جي خودمختياري جي حق ۾ ووٽ ڏنو[47][48] 9 اپريل 1991ع تي جارجيا زيوائد گيمسخرڊيا جي اڳواڻي ۾ پنھنجي خودمختياري جو اعلان ڪري ڇڏيو. گيمسخرڊيا جي دؤر ۾ ٻنھي ڌرين ۾ اقتدار ۾ شراڪت ۽ مقننه ۾ ابخازي نمائندگي جي وڌائڻ واري ايگريمينٽ ٿيڻ ڪري حالات قابو ۾ رھيا[49][50] جلد ئي گيمسخرڊيا جي حڪومت خلاف ٽينگيز ڪيٽوواني جي سربراھي ۾ ھٿياربند جدوجهد جو آغاز ٿيو جنھن سبب جنوري 1992ع ۾ گيمسخرڊيا جي خلاف فوجي بغاوت ٿي ۽ پاڻ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. سوويت يونين جو اڳوڻو پرڏيهي وزير ايڊورڊ شيورڊناڊزي ملڪ جو سربراھ ٿيو. 21 فيبروري 1992ع تي جارجيا جي حاڪم فوجي ڪائونسل سوويت دؤر واري آئين کي منسوخ ڪري پراڻو 19211ع وارو جارجيا جي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ واري آئين کي بحال ڪري ڇڏيو. ابخازي ماڻھن جي اڪثريت ان کي پنھنجي خودمختيار حيثيت جي منسوخي قرار ڏنو باوجود ان جي ته آئين ۾ ابخازيه جي خودمختياري جو ذڪر ھيو[51] 23جولاء 1992ع تي ريپبلڪ جي سپريم ڪائونسل ۾ ابخاز ڌر ابخازيه جي جارجيا کان آزادي جو اعلان ڪيو. ان اجلاس ۾ جارجيائي نمائندن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. ابخازي ماڻھن جارجيائي آفيسرن کي آفيسن مان ڪڍڻ شروع ڪيو جنھن سان تشدد جي شروعات ٿي. ابخاز اڳواڻ ولاديسلاف آردزنبا روسي سياستدانن ۽ فوجي جنرلن سان تعلقات وڌائي ڇڏيا ۽ جارجيا سان جنگ لاء تيار ٿي ويو[52]

جارجيا سان جنگسنواريو

 
آگسٽ کان آڪٽوبر تائين 1993ع ۾ جارجيا جي گھرو ويڙھ ۽ ابخازيه واري جنگ

آگسٽ 1992ع ۾ جارجيائي حڪومت گيمسخرڊيا جي حامين تي جارجيا جي وزير داخله کي اغوا ڪرڻ ۽ ان کي ابخازيه ۾ يرغمال ڪري رکڻ جو الزام لڳايو. جارجيائي حڪومت 3000 فوجين جو ھڪ دستو سکمي ۾ ڪاروائي ڪرڻ لاء موڪليو. ان ڪاروائيءَ ۾ فوجين آڏو معمولي مزاحمت ھئي پر انھن اتي قتل، ڦرلٽ ۽ مار ڪٽ شروع ڪري ڏني[53] ابخازي فوجي يونٽن کي سکمي کان گدئوتا ۽ تڪوارچلي شھرن ڏي ڌڪي ڪڍيو ويو. ان شڪست بعد جارجيائي حڪومت خلاف ابخازي علحدگي پسندن جي ويڙھ شروع ٿي وئي. ڪوھ قاف جي جابلو ماڻھن جي ڪنفيڊريشن ان ويڙھ ۾ ابخازين جو ساٿ ڏنو[54]. سيپٽمبر جي مھيني ۾ ابخازي ۽ روسي نيم فوجي دستن ھڪ وڏو حملو ڪري ابخازيه جي شھر گاگرا تي قبضو ڪيو. شيورڊناڊزي روس تي باغين جي فوجي مدد ڪرڻ جو الزام لڳايو. 1992جي پڇاڙيءَ ۾ سکمي جي اتر اولھ پاسي وارو ابخازيه جو ھڪ وڏو علائقو علحدگي پسندن جي ڪنٽرول ۾ اچي چڪو ھو. جولاء 1993ع تائين تڪرار ڪنھن بہ نتيجي تي نہ پھچي سگھيو پر پوء ابخازي علحدگي پسندن سکمي جي چڙھائي ڪئي ۽ سخت بمباري ڪئي جنھن دوران شيورڊناڊزي سکمي ۾ ڦاسي پيو ان وچ ۾ جولائي جي پڇاڙيءَ ۾ روس جي ٽياڪڙي سان ٻنھي ڌرين ۾ سوچي وارو صلح جو معاھدو ٿيو. 16 سيپٽمبر 1993ع ۾ وري جنگ ڇڙي پئي ابخاز فوجين سکمي ۽ اوڪسمڪائرہ تي حملو ڪيو ۽ گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جي جنگبندي جي مطالبي ۽ مذمت جي پرواھ نہ ڪئي ۽ ويڙھ جاري رکي[55] 27 سيپٽمبر 1993 تي ڇتي ويڙھ بعد سکمي ابخازي فوج جي قبضي هيٺ اچي ويو. شيورڊناڊزي مشڪل سان جان بچائي اتان نڪري ويو. سکمي ۾ جارجيائي نسل وارن جو قتل عام ڪيو ويو. ابخازي فوجين جلد ئي ابخازيه جي ٻين علائقن تي قبضو ڪري ورتو باقي اپر ابخازيه جو ننڍڙو ٽڪرو جارجيائي فوج جي ڪنٽرول ۾ رھيو سو بہ 2088ع تائين.

جنگ کان بعد وارو ابخازيهسنواريو

 
ابخازي پريڊ ۾ ابخازيه جو جھنڊو کڻي ھلندي

3 آڪٽوبر 2004 تي ابخازيه ۾ صدارتي چونڊون ٿيون. روس رئول خدجمبا (Raul Khadjimba) جي حمايت ڪئي جيڪو ابخازيه ۾ ولاديسلاف آردزنبا کان پوءِ 2083 کان 2004 تائين ابخازيه جو وزيراعظم رهيو.[56] [57][58] پر ھي سرگي بگاپش کان چونڊن ۾ ھارائي ويو. سپريم ڪورٽ ان نتيجن کي ڪالعدم قرار ڏنو جنھن بعد ڌرين ۾ معاھدو ٿيو جنھن تحت بگاپش صدر جو ۽ خدجمبا نائب صدر جو اميدوار ٿيو. نئين چونڊ ۾ انھن 90 سيڪڙو کان وڌيڪَ ووٽ حاصل ڪيا.[59][60] روسي روبل ابخازيه جي ڊي فيڪٽو ڪرنسي ٿي وئي. روس ابخازي ماڻھن لاء پاسپورٽ پڻ جاري ڪيا. جارجيا روسي امن فوج تي جارجيا جي فضائي حدن جي خلاف ورزي جا الزام پڻ لڳايا. 12 آگسٽ 2088 تي ابخازيه جي باقي جارجيا واري علائقي مان جارجيائي فوج ۽ جارجيائي شھري نڪري ويا. 26 آگسٽ تي روس ابخازيه کي ھڪ خودمختيار ملڪ طور تسليم ڪري ڇڏيو[61][62] [63][64] 28 آگسٽ 2008 تي جارجيا جي پارليامينٽ ھڪ قرارداد وسيلي ابخازيه جي روسي قبضي ۾ آيل خطو قرار ڏنو ويو[65][66][67]

جاگرافيسنواريو

 
"اگيپسٽا ۽ طور غوري (طور جبل) جبلن جو منظر

ابخازيه جي ايراضي جارجيا جي اولھ واري پڇڙ تائين 8٬660 km2 (3٬344 sq mi) آهي[4][68][69]. اتر ۽ اتر اوڀر ۾ روس کي ابخازيه کان جدا ڪن ٿا. ان جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ جارجيا، ۽ ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اولھ ۾ ڪارو سمنڊ واقع آهي. ابخازيه جو اتريون حصو جابلو آھي ۽ سڀ کان اوچيون جابلو چوٽيون ان جي اتر اوڀر ۾ واقع آھن جن مان کوڙ سامونڊي سطح کان 4٬000 ميٽر (13٬123 ft) اوچيون آھن. ابخازيه ۾ ساحلي ٻيلا ۽ ان جي اترئين حصي ۾ گليشيئر ۽ برف وارن ھنڌن تي ترش ميون جي پوک پڻ ٿيندي آهي. ابخازيه جي زرخيز زمينن ۾ چانھن، تماڪ، ميون وغيره جي پوک ٿئي ٿي. ابخازيه جي سرزمين ۾ کوڙ ننڍيون نديون پڻ واقع آھن جن ۾ ڪوڊوري ندي، بزيب ندي، گالدزگا ندي، گومستا نديئ ۽ انگوري ندي شامل آھي جيڪا جارجيا ۽ ابخازيه وچ ۾ سرحد بڻجي الڳ ڪري ٿي.

 
بيچوندا ڪيپ تان ھڪ منظر

ڪاري سمنڊ ۽ ڪوھ قاف جبلن جي اڙ جي ڪري ھتان جي موسم ڌيمي آھي. ساحلي علائقن جي موسم سب ٽراپيڪل آهي[4] دنيا جي سڀ کان اونھي غار ابخازيه جي اولھندي ڪوھ قاف جبلن ۾ واقع وريووڪينا غار آھي.

سياسي نظامسنواريو

ابخازيه نيم صدارتي ريپپلڪ آھي[70] [71] قانونسازي جا اختيار پيپلز اسيمبلي آهي جنھن جا 35 چونڊيل رڪن آھن. ٻئي طرف جارجيا جي حامي ابخازيه جي خودمختيار ريپبلڪ جي جلاوطن حڪومت پڻ قائم آھي جنھن کي جارجيا اصل قانوني حڪومت تسليم ڪري ٿو. ابخازيه واري جنگ دوران علحدگي پسندن جي سکمي تي قبضي ٿيڻ وقت اھا حڪومت ۽ ابخازيه جي وزيرن واري ڪائونسل جارجيا جي شھر تبلسي منتقل ٿي ويا.

 
خودمختيار ابخازيه جي ريپبلڪ جي حڪومت جو نشان

انتظامي ورهاستسنواريو

ابخازيه جي ريپپلڪ ستن ريئن يا ضلعن ۾ ورھايل آھي جن جا نالا انھن جي صدر مقام وارن شھرن جي نالن تي رکيل آھن. انھن ۾ گوئتا ريئن، سکمي ريئن، گاگرا ريئن، گلريپشي ريئن، اوڪسمڪائرہ ريئن، تڪوارچلي ريئن ۽ گالي ريئن شامل آهن. انھن مان تڪوارچلي ريئن يا ضلعي کان علاوه سڀ سوويت يونين واري دؤر جا آھن. تڪوارچلي ضلعي جو قيام 1995ع ۾ عمل ۾ آيو جيڪو گالي ضلعي ۽ اوڪسمڪائرہ ضلعي جي ڪجھ علائقن کي ڌار ڪري انهن مان ٺاھيو ويو. ضلعي سربراھ جي مقرري ريپبلڪ جو صدر چونڊيل ضلعي اسيمبليءَ جي رڪنن مان ڪندو آهي.

معيشتسنواريو

ابخازيه جي معيشت نومبر 2014ع واري روس سان ٻطرفي معاھدي ذريعي روسي معيشت منجھ جَڙيل آهي. ھي ريپپلڪ روبل کي ڪرنسي طور استعمال ڪري ٿي. ٻئي گڏيل معيشت ۽ يوريشيئن ڪسٽمز يونين ۾ ڀاڱيدار آھن[72][73] سياحت ھن ريپبلڪ جي اھم صنعت آھي 2007 ۾ رڳو روس مان ڏھ لک سياح ھتي گھمڻ آيا[74]. ھن ريپبلڪ جي زمين تمام زرخيز آهي جنھن ڪري زرعي پيدوار جي وڏي فراواني آھي جن ۾ تماڪ، ميوون وارو شراب، چانھن ۽ ميوا خاص طور تي نارنگي ۽ ھئزل نٽ شامل آهن. انگوري ندي تي واقع انگوري ڊيم تي ھائڊرو پاور اسٽيشن لڳل آھي جيڪو ھن ريپبلڪ جي بجلي جو وڏو ذريعو آهي[75]

 
گاگرا جو ساحلي ڪنارو مئي 2014ع ۾

2012 جي پھرين ڇھ ماھي ۾ ابخازيه جا وڏا واپاري ڀائيوار روس ۽ ترڪي ھئا جن جو واپار ۾ حصو ترتيبوار 64 سيڪڙو ۽ 18 سيڪڙو ھيو[76]

حوالاسنواريو

  1. Site programming: Denis Merkushev. "Акт о государственной независимости Республики Абхазия". Abkhaziagov.org. وقت 26 December 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 June 2010. 
  2. "Апсныпресс – государственное информационное агенство Республики Абхазия". Apsnypress.info. وقت 28 May 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 June 2010. 
  3. "Abkhazia: Review of Events for the Year 1996". UNPO. وقت 5 June 2010 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 June 2010. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 4.6 4.7 4.8 Hoiberg, Dale H. (وڪي نويس.). "Abkhazia". Encyclopedia Britannica. Chicago, IL: Encyclopedia Britannica Inc. صفحو. 33. ISBN 978-1-59339-837-8. 
  5. 5.0 5.1 "Численность наличного населения (на начало года)". Abkhazian State Statistics Office. حاصل ڪيل 2018-04-27. 
  6. "Abkhazia calculated GDP – News". GeorgiaTimes.info. حاصل ڪيل 22 September 2011. 
  7. "Abkhazia remains available by Georgian phone codes". today.az. حاصل ڪيل 20 January 2010. 
  8. "World Telephone Numbering Guide". wtng.info. 
  9. "Abkhazia | Meaning of Abkhazia by Lexico". Lexico Dictionaries | English. حاصل ڪيل 2020-03-25. 
  10. "Constitution of the Republic of Abkhazia (Apsny)". 
  11. 11.0 11.1 Olga Oliker, Thomas S. Szayna. Faultlines of Conflict in Central Asia and the South Caucasus: Implications for the U.S. Army. Rand Corporation, 2003, ISBN 978-0-8330-3260-7.
  12. Clogg, Rachel. "Abkhazia: ten years on". Conciliation Resources. وقت 2 March 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 May 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. 13.0 13.1 Emmanuel Karagiannis. Energy and Security in the Caucasus. Routledge, 2002. ISBN 978-0-7007-1481-0.
  14. 14.0 14.1 The Guardian. Georgia up in arms over Olympic cash
  15. "Constitution of the Republic of Abkhazia (Apsny)". Abkhazworld.com. حاصل ڪيل 31 May 2016. 
  16. 16.0 16.1 Clogg, Rachel. "Abkhazia: ten years on". Conciliation Resources. حاصل ڪيل 31 May 2016. 
  17. Территориальная целостность Грузии опирается на твердую международную поддержку
  18. "Contested Borders in the Caucasus : Chapter I (3/4)". vub.ac.be. وقت 27 November 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 February 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  19. Ozgan, Konstantin (1998). "Abkhazia: Problems and the Paths to their Resolution". in Ole Høiris, Sefa Martin Yürükel. Contrasts and Solutions in the Caucasus. Aarhus University Press. p. 184. ISBN 978-87-7288-708-1. http://www.abkhazalliance.com/ozganp.html. Retrieved 27 February 2015. "[...] Apsny, which when translated, means 'Land of the Abkhazians [Mortals]' [...] See Chirikba (1991) for the etymology deriving the Abkhazian native ethnonym from the root 'die' in the sense of 'mortal being'. The popular belief that the toponym is etymologisable as 'Land of the Soul' is demonstrated by Chirikba to be no longer tenable." 
  20. Hewitt, George B. (2013). Discordant Neighbours: A Reassessment of the Georgian-Abkhazian and Georgian-South Ossetian Conflicts. BRILL. p. 9. ISBN 978-90-04-24893-9. https://books.google.com/books?id=eshhfkTqkXkC&pg=PA9. 
  21. Prof. Lordkipanidze M. The Abkhazians and Abkhazia
  22. For all practical purposes the term Abkhdz or Afkhdz, in early Muslim sources covers Georgia and Georgians . Barthold, Wasil & Minorsky, Vladimir, "Abkhaz", in The Encyclopaedia of Islam, Vol. 1, 1960.
  23. Braund, David, Georgia in Antiquity: A History of Colchis and Transcaucasian Iberia, 550 BC – AD 562, Oxford: Clarendon, صفحو. 359 .
  24. Grigor, Ronald, The Making of the Georgian Nation, SUNY, صفحو. 13 .
  25. Kaufman, Stuart J, Modern Hatreds: The Symbolic Politics of Ethnic War, صفحو. 91 .
  26. 26.0 26.1 26.2 "BBC News – Regions and territories: Abkhazia". BBC News (London: BBC). 22 November 2011. http://news.bbc.co.uk/1/hi/world/europe/3261059.stm. Retrieved 19 January 2012. 
  27. Braund, David, Georgia in Antiquity: A History of Colchis and Transcaucasian Iberia, 550 BC – AD 562, USA: Oxford University Press, صفحو. 27 .
  28. Gregory, Timothy E, A History of Byzantium, صفحو. 78, ISBN 978-0-631-23512-5 .
  29. King, Charles (2004). "The Expedition of Flavius Arrianus". The Black Sea. A history.. Oxford University Press. ISBN 978-0-19-924161-3. 
  30. Annuario Pontificio 2013 (Libreria Editrice Vaticana, 2013, ISBN 978-88-209-9070-1), p. 975
  31. Alexei Zverev, Ethnic Conflicts in the Caucasus; Graham Smith, Edward A Allworth, Vivien A Law et al., pages 56–58; Abkhaz by W. Barthold [V. Minorsky] in the Encyclopaedia of Islam; The Georgian-Abkhaz State (summary), by George Anchabadze, in: Paul Garb, Arda Inal-Ipa, Paata Zakareishvili, editors, Aspects of the Georgian-Abkhaz Conflict: Cultural Continuity in the Context of Statebuilding, Volume 5, 26–28 August 2000.
  32. 32.0 32.1 Beradze, T.; Topuria, K.; Khorava, B. "A Historical-Geographical Review of Modern Abkhazia in:Causes of War-Prospects for Peace. Proceedings of the Holy Synod of the Georgian Orthodox Church and the Konrad-Adenauer-Stiftung scientific conference on the theme: Causes of War – Prospects for Peace (2008), 2–3 December: CGS ltd" (PDF). www.kas.de. صفحا. 10–12. وقت 5 March 2016 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 September 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  33. Mikaberidze, A. "HIstory". Georgia: Past, Present and Future. وقت 16 October 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 September 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  34. Mikaberidze, Alexander, "Historical Dictionary of Georgia", Rowman & Littlefield, 2015, p.84
  35. Houtsma, M. Th.; E. van Donzel (1993). E.J. Brill's first encyclopaedia of Islam 1913–1936. BRILL. p. 71. ISBN 978-90-04-09796-4. https://books.google.com/books?id=GEl6N2tQeawC&q=Abkhazia+history+19th+century&pg=PA70. 
  36. Lortkipanidze M., The Abkhazians and Abkhazia, Tbilisi 1990.
  37. (ٻولي ۾ Russian) https://web.archive.org/web/20021114093915/http://abkhazia.narod.ru/constitution1.htm. وقت 14 November 2002 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  38. Neproshin, A. Ju., (ٻولي ۾ Russian), MGIMO https://web.archive.org/web/20080903112328/http://www.abkhaziya.org/server-articles/article-c165f1f9be6ab370d75a0b3d2af71a59.html, وقت 3 September 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2 September 2008  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد).
  39. Eastern Europe and the Commonwealth of Independent States. London: Europa Publications Limited. 1999. p. 363. ISBN 978-1-85743-058-5. 
  40. Hewitt, George (1999). The Abkhazians: a handbook. Palgrave Macmillan. p. 96. ISBN 978-0-312-21975-8. https://archive.org/details/abkhazianshandbo00geor/page/96. 
  41. Hewitt, George, Abkhaz – A Comprehensive Self-Tutor, صفحو. 17 .
  42. Bernard A. Cook (2014). "Europe Since 1945: An Encyclopedia آرڪائيو ڪيا ويا 24 January 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.". Routledge. p.2. ISBN 1135179328
  43. (ٻولي ۾ Russian). geocities.com https://web.archive.org/web/20091027111846/http://geocities.com/abkhazia_dream/public/19.htm. وقت 27 October 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  44. 44.0 44.1 44.2 Céline., Francis (2011). Conflict Resolution and Status : the Case of Georgia and Abkhazia (1989–2008).. Bruxelles: ASP. ISBN 9789054878995. OCLC 922966407. 
  45. Conciliation Resources. Georgia-Abkhazia, Chronology آرڪائيو ڪيا ويا 7 October 2006 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  46. Парламентская газета (Parlamentskaya Gazeta). Референдум о сохранении СССР. Грузия строит демократию на беззаконии. آرڪائيو ڪيا ويا 28 September 2007 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Георгий Николаев, 17 March 2006
  47. "Georgia: Abkhazia and South Ossetia". www.pesd.princeton.edu. Encyclopedia Princetoniensis. وقت 4 August 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 April 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  48. Coppieters, Bruno et al.(2005), Statehood and security: Georgia after the Rose Revolution, p. 384. American Academy of Arts and Sciences, ISBN 978-0-262-03343-5
  49. "Georgia: Abkhazia and South Ossetia". www.pesd.princeton.edu. Encyclopedia Princetoniensis. وقت 4 August 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 April 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  50. Coppieters, Bruno et al.(2005), Statehood and security: Georgia after the Rose Revolution, p. 384. American Academy of Arts and Sciences, ISBN 978-0-262-03343-5
  51. 1921 Constitution of the Democratic Republic of Georgia آرڪائيو ڪيا ويا 23 May 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.: Chapter XI, Articles 107–108 (adopted by the Constituent Assembly of Georgia 21 February 1921): "Abkhasie (district of Soukhoum), ..., which are integral parts of the Georgian Republic, enjoy autonomy in the administration of their affairs. The statute concerning the autonomy of [these] districts ... will be the object of special legislation". Regional Research Centre. Retrieved on 25 November 2008.
  52. Svante E. Cornell (2001), Small Nations and Great Powers: A Study of Ethnopolitical Conflict in the Caucasus, pp. 345–9. Routledge, ISBN 978-0-7007-1162-8.
  53. Full Report by Human Rights Watch. Human Rights Watch. Georgia/Abkhazia. Violations of the laws of war and Russia's role in the conflict آرڪائيو ڪيا ويا 19 November 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Helsinki, March 1995. p. 22
  54. C.J.Shivers (15 September 2004). "The Chechen's Story: From Unrivaled Guerrilla Leader to the Terror of Russia". The New York Times. https://www.nytimes.com/2004/09/15/international/europe/15chechen.html?pagewanted=1. Retrieved 6 April 2011. 
  55. "UNOMIG: United Nations Observer Mission in Georgia – Background". un.org. وقت 19 May 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 June 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  56. Abkhazia Report آرڪائيو ڪيا ويا 26 September 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Freedom House, 2013
  57. Sharia, Vitalii. (ٻولي ۾ Russian). Caucasian Knot https://web.archive.org/web/20171016223526/http://www.kavkaz-uzel.eu/articles/62425. وقت 16 October 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 September 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  58. Profile of Raul Khadjimba آرڪائيو ڪيا ويا 26 September 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Lenta.ru
  59. "Кавказский Узел – Протокол N 7 Центральной избирательной комиссии по выборам Президента Республики Абхазия от 14 января 2005 г.". Кавказский Узел. 
  60. "Regions and territories: Abkhazia". BBC.co.uk. 15 December 2009. Archived from the original on 20 April 2010. https://web.archive.org/web/20100420194315/http://news.bbc.co.uk/2/hi/europe/3261059.stm. Retrieved 23 April 2010. 
  61. "Russia recognises Abkhazian & South Ossetian independence". 27 August 2008. Archived from the original on 11 February 2009. https://web.archive.org/web/20090211032705/http://www.russiatoday.com/news/news/29521. Retrieved 22 June 2010. 
  62. Nowak, David; Torchia, Christopher, "Russia: Georgia can 'forget' regaining provinces", ABC News (The Associated Press), وقت 13 September 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 September 2008  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد).
  63. "Russia recognises Georgia's breakaway republics −2". Moscow: RIA Novosti. 26 August 2008. http://en.rian.ru/russia/20080826/116291407.html. Retrieved 9 September 2008. 
  64. Jean-Christophe Peuch (29 June 2009). "Georgia: OSCE Terminates Its 17-Year Georgian Mission". Eurasianet. http://www.eurasianet.org/departments/insightb/articles/eav063009.shtml. 
  65. "Resolution of the Parliament of Georgia declaring Abkhazia and South Ossetia occupied territories". Parliament of Georgia. وقت 3 September 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  66. "Abkhazia, S.Ossetia Formally Declared Occupied Territory". Tbilisi. 28 August 2008. Archived from the original on 3 September 2008. https://web.archive.org/web/20080903230132/http://www.civil.ge/eng/article.php?id=19330. 
  67. "Abkhaz Leadership, Opposition Exchange Accusations". Caucasus Report (Radio Free Europe). 24 May 2009. http://www.rferl.org/content/Abkhaz_Leadership_Opposition_Exchange_Accusations/1738893.html. 
  68. Cutler, David. "Factbox – Key facts on Georgia's breakaway Abkhazia". reliefweb.int. وقت 29 November 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 November 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  69. "Abkhazia". Encyclopædia Britannica. وقت 2 June 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 November 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  70. Barry, Ellen (13 December 2009). "President of Abkhazia Re-elected by Wide Margin". The New York Times. https://www.nytimes.com/2009/12/14/world/europe/14abkhazia.html. Retrieved 14 December 2009. 
  71. "Abkhazia President Sergei Bagapsh dies at 62". BBC. 29 May 2011. Archived from the original on 29 May 2011. https://web.archive.org/web/20110529112008/http://www.bbc.co.uk/news/world-europe-13587660. Retrieved 29 May 2011. 
  72. "Putin Sparks Georgia Fury With 'Annexation' Deal in Abkhazia". Outlook (Indian magazine) (New Delhi). 2014-11-25. https://www.outlookindia.com/newswire/story/putin-sparks-georgia-fury-with-annexation-deal-in-abkhazia/869407. 
  73. Nikolaus von Twickel (26 August 2011). "No Clear Frontrunner as Abkhazia Goes to Poll". The Moscow Times. http://www.themoscowtimes.com/news/article/no-clear-frontrunner-as-abkhazia-goes-to-poll/442702.html. 
  74. Kommersant-Dengi, Тяжелая экономическая независимость آرڪائيو ڪيا ويا 13 September 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (Hard Economical Independence), 8 September 2008
  75. Khashig, Inal (4 December 2020). "Op-ed: Abkhazia will have to transfer its power system to Russia or live without electricity". JAMnews. https://jam-news.net/abkhazia-will-transfer-the-power-system-to-russia-to-save-itself-from-the-energy-crisis-news-mining-non-payment/. Retrieved 6 December 2020. 
  76. (ru ۾). 27 July 2012. Archived from the original on 2 February 2014. https://web.archive.org/web/20140202183029/http://apsnypress.info/news/6859.html. Retrieved 28 July 2012.