بختاور ڀٽو زرداري

پاڪستان- جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي وڏي نياڻي بختاور جو -جنم- 1990ع ۾ ٿيو، هوءَ -بلاول- ڀٽو زرداريءَ کان ننڍي ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ کان عمر ۾ وڏي آهي. هن وقت اسڪاٽ لينڊ جي مشهور يونيورسٽي ’ايڊنبرگ‘ ۾ تعليم پرائي رهي آهي. هوءَ -پاڪستان- پيپلز پارٽيءَ جي عورتن واري ونگ جي اڳواڻ پڻ آهي، -ان- حوالي سان هن جي والد آصف علي زرداريءَ، -پاڪستان- جي صدر چونڊجڻ کانپوءِ سندس وڌيڪ همت افزائي ڪئي. بختاور پنهنجي والده جي شهادت وقت -پاڪستان- آئي هئي. -ان- کان پوءِ هن جو پنهنجي وطن ڏانهن -اچ- وڃ جو سلسلو -جاري- آهي. تازو هن شهيد ماءُ جي ڏک ۾ پنهنجي انگريزيءَ ۾ ڪيل شاعريءَ کي جديد موسيقيءَ ۾ پاڻ ڳائي، کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي، -ان- گيت کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، جنهن جو عنوان آهي ”I would take the pain away ...’...“ هيءُ گيت 6 -جنوري- 2009ع تي جاري ٿيو. بختاور ڀٽو في الحال تعليم پرائي رهي آهي ۽ هڪ ذهين شاگردياڻي آهي. سندس والد -آصف علي زرداري- هن وقت -پاڪستان- جو صدر، ۽ سندس وڏو -ڀاءُ- -بلاول ڀٽو زرداري-، -پاڪستان- پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمئن آهي.[1]

حوالا سنواريو