حسن علي آفندي

سنڌي تعليمي ماهر (1830ع -1895ع)

حسن علي آفندي(انگريزي: Hassan Ali Afandi)

حسن علي آفندي
خانبھادر
پيدائش 14 آگسٽ 1830(1830-08-14)
حيدرآباد
وفات 20 آگسٽ 1895 (عمر 65 سال)
ڪراچي
قوميت سنڌي
پيشو سرڪاري ملازم، وڪيل، سماج سڌارڪ
مشھور ڪم سنڌ مدرسة السلام ڪراچي جو قيام
اِنفلوئنس شخصيتون سرسيد احمد خان

ڪيريئر سنواريو

تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پهريائين پندرهن ويهن روپين تي ”جهرڪ“ ڳوٺ جي ويجهو، راڄي نظاماڻي ڳوٺ وٽ درياءَ جي پتڻ تي ”ڏاڪ منشي“ مقرر ٿيو . ان وقت درياءَ جي مختلف پتڻن تي ڪاٺيون گڏ ڪري، ٻيڙين رستي جدا جدا شهرن ڏانهن موڪليون وينديون هيون. انهن ڪاٺين کي ”ڏاڪ“ سڏيو ويندو هو. جلد ئي نوشهروفيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ويهن پنجويهن روپين پگهارتي منشي مقرر ٿيو. اتي جي ڪلارڪ کان واندڪائيءَ واري وقت ۾ انگريزي سکيائين. جلد ئي انگريزي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جهڙو ٿيو. انهن ڏينهن ريلوي ڪانه هئي، ۽ سکر ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ ”“انڊس فلاٽيلا“ نالي جهاز هلندو هو. ميان مرحوم کي ڪجهه وڌيڪ پگهار سان ان جهاز جي ڪوٽڙيءَ واري آفيس ۾ ڪلارڪي ملي ويئي. اتي هن پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن سبب چڱو نالو ڪڍيو، ۽ انگريزيءَ ۾ به وڌيڪ مهارت حاصل ڪيائين. سندس لياقت ۽ محنت کي ڏسي، ڪراچيءَ جو جج مسٽر ملٽن کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ کيس ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڪراچي جو سرشتيدار ۽ ترجمان مقرر ڪيائين[1]. ڪورٽن ۾ هن وڪيلن جي ڪارڪردگي ڏٺي، ۽ قانوني موشگافيون ٻڌيون. ان مان گهڻو ڪجهه پرايائين، ۽ محنت ڪري انگريزيءَ ۾ به هڻي مهارت حاصل ڪيائين. قانون ۾ ايتري قدر ته ڄاڻ حاصل ڪيائين، جو مسٽر ملٽن، امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ کيس وڪالت جي سند ڏني، ۽ هو حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو[1].نهن ڏينهن ۾ مسلمان وڪيل اصل ڪونه هوندا هئا. ۽ جوابدار اڪثر مسلمان هوندا هئا. انهيءَ ڪري حسن علي مرحوم کي تمام گهڻا ڪيس ملڻ لڳا. هن به ڪيسن تي خوب محنت ڪري، وڪالت ۾ چڱو نالو ڪڍيو. ڪجهه وقت کان پوءِ هو سرڪاري وڪيل يا پبلڪ پراسڪيوٽر ۽ گورنمينٽ پليڊر مقرر ڪيو ويو. آخر ڪراچيءَ ۾ اچي رهڻ لڳو، ۽ اتي پنهنجي آفيس قائم ڪيائين. انهيءَ عهدي تي 13-14 سال ڪم ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ڪيترائي جج آيا، جن سڀني کيس سٺا سرٽيفڪيٽ ڏنا، ۽ سندس هوشياريءَ جي تعريف ڪئي[1]. مسٽر مئڪفرسن، جڊيشنل ڪمشنر کيس سمال ڪاز ڪورٽ جي جج جي آڇ ڪئي، پر هن اها قبول نه ڪئي.[1] وڪالت ۾ هن چڱو ناڻو ڪمايو، ۽ مئڪلوڊ روڊ تي بنگلو ٺهرائي، خوشحال زندگي گذارڻ لڳو، پنهنجي خوش اخلاقيءَ سبب معاشري ۾ به پاڻ کي ڏاڍو مقبول بنايائين، جنهن ڪري عام توڙي خاص کيس عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسڻ لڳا[1].

خدمتون سنواريو

انهن ڏينهن ۾ مسلمان، جديد تعليم ۾ ڏاڍو پوئتي پيل هئا. کيس مسلمانن جي ترقي ۽ واڌاري جو سدائين اونو رهندو هو. هن جو خيال هو، ته مسلمان پڙهي پون، ته جيئن ٻين قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، زماني جي حالتن موجب زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ حصو وٺي سگهن. اهو مقصد سامهون رکي، هن مسٽر ڏيارام ڄيٺمل سان گڏجي ”سنڌ سڀ“ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، پر هن محسوس ڪيو ته ان مان مسلمانن کي خاصو فائدو نه ٿو ملي[1]. اتفاق اهڙو ٿوي جو انهن ڏينهن ۾ ڪلڪتي جي ”محمدن ائسوسئيشن“ جو باني، مشهور اهل قلم ۽ بيريسٽر امير علي ڪيس جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيو، ان جي صلاح سان حسن علي مرحوم ڪوشش وٺي ڪراچي ۾ ”محمدن ائسوسئيشن“ قائم ڪئي، پهريائين اهو ادارو ڪراچيءَ واري انجمن جي شاخ هئي، پر جلدئي پوءِ خودمختيار اداري جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. حسن علي آفندي مرحوم ان جو صدر ٿيو، ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جا مک ماڻهو ان جا ميمبر ٿيا. ڪراچيءَ کان سواءِ حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ان جون شاخون قائم ڪيون ويون. انهيءَ انجمن سنڌ جي مسلمانن جا اهنج دور ڪرڻ ۽ مسلمانن جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جي سلسلي ۾ تمام گهڻي ڪوشش ورتي. سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽ ائڪٽ، انهيءَ انجمن جي ڪوشش سان جاري ٿيو.[1] حسن علي آفندي مرحوم محسوس ڪيو، ته مسلمانن جي تعليم جي حصول لاءِ هڪ جدا اسڪول جي ضروت آهي، جنهن ۾ ديني تعليم جو به معقول بندوبست هجي. ان سان گڏ بورڊنگ به هجي، جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شاگرد اچي رهن. انهيءَ رٿ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائين. سڄي سنڌ گهمي چندا گڏ ڪيائين، ۽ سڀني ميونسپالٽين ۽ لوڪلبورڊن کان به رقمون ڇڏايائين. نه فقط ايترو پر ان ڪم لاءِ هندستان جي ٻين شهرن جهڙوڪ: بمبئي، ڪلڪتو، مدراس، حيدرآباد دکن جا دورا به ڪيائين. مخالف ڌر سندس ڪم ۾ اٽڪاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن هر ڳالهه کي مڙس ٿي منهن ڏنو. آخر سندس ڪوششن رنگ لاتو، ۽ 1885ع ۾ بولٽن مارڪيٽ جي سامهون ”سنڌ مدرسته الاسلام“ جاري ٿيو. ان جو پهريون پرنسپال مولوي عمرالدين مقرر ٿيو. جو پنجاب کان آيل هو. ان کان پوءِ حسن علي آفندي جو فرزند ولي محمد 1887ع کان 1897ع تائين پرنسپال رهيو. هو ان کان اڳ ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول جو پرنسپال هو[1] سال 1881ع ۾ حسن علي آفندي مرحوم ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڪائونسلر ٿيو. سال 1891ع ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن پاران بمبئيءَ جي گورنر جي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. انهن عهدن تي رهي به هن تعريف جوڳا ڪم ڪيا. اهوڏسي سرڪار به سندس عزت ڪرڻ لڳي. سندس حسن خدمتيءَ سبب سال 1888ع ۾ کيس سرڪار ”خانبهادر“ جو خطاب ڏنو[1].سال 1875ع ۾ روس، بين الاقوامي معاهدن جي خالف ورزي ڪندي، ترڪيءَ سان جنگ جوٽي. ترڪن جي زخمي سپاهين جي مدد لاءِ حسن علي مرحوم چندو گڏ ڪري اوڏانهن موڪليو، انهيءَ ڪري ترڪي سلطان طرفان کيس ”مجيدي“ تمغو ۽ ”آفندي“ جو خطاب مليو. ان سان گڏ کيس ڪراچي ۾ ترڪي حڪومت جو سفير مقرر ڪيو ويو[1].

سنڌيڪا انسائيڪلوپيڊيا جو بيان سنواريو

ان وقت سنڌ ۾ انگريزن جو نئون نئون دؤر هو. پراڻي نظام جي جاءِ تي هڪ نئون نظام متعارف ٿي رهيو هو. سندس پٽ علي احمد ۽ اڪبر وڏا ٿيا ته کين عليڳڙهه ڪاليج ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ اتي وٺي ويو، جتي سندس ملاقات سر سيد احمد خان سان ٿي. ٻنهي جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان ملاقات جي ئي اثر هيٺ، حسن علي آفنديءَ 1885ع ۾ ”نئشنل محمدن ائسوسيئيشن“ جي قائم ڪيل بورڊ تحت ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جو بنياد وڌو. ائسوسيئيشن جو بنيادي مقصد، سرڪاري ادارن ۾ مسلمانن جي مناسب نمائندگي حاصل ڪرڻ هو. ائسوسيئيشن جو مڪمل انتظام حسن علي آفنديءَ جي حوالي هو. سندس محنتن سان ائسوسيئيشن، مختلف پليٽ فارمن تان مسلمانن جي حقن جي حاصلات جو هڪ مؤثر وسيلو بڻجي وئي. ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جي عمارت تعمير ڪرڻ لاءِ هن سر سيد احمد خان جي نقشِ قدم تي هلندي، پوري هندستان جو دورو ڪري، چندو گڏ ڪيو ۽ هيءُ مدرسو مستحڪم بنيادن تي ترقي ڪندو رهيو. هن مدرسي مان مشهور هستين، قائداعظم محمد علي جناح، سر شاهنواز ڀُٽي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ٻين تعليم پرائي.
حسن علي آفندي، نه صرف تعليمي ميدان ۾ پاڻ پتوڙيو، پر هن ميونسپل ڪائونسلر بمبئي، اسيمبلي ميمبر ۽ نئشنل محمدن ائسوسيئيشن جي صدر جي حيثيت سان پڻ، مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪئي. سندس اعليٰ انساني خدمتن جي مڃتا طور، کيس ”خانبهادر“ جو خطاب مليو. ترڪيءَ ۽ روس جي جنگ دوران، پوري هندستان مان چندو گڏ ڪري، ترڪيءَ جي مدد ڪرڻ سبب کيس ترڪيءَ طرفان ”ترڪي قونصل“ جو اعزاز ڏنو ويو. ترڪيءَ جي سلطان طرفان ”تمغه مجديي“ ۽ 1889 ۾ ”اَفندي“ جو لقب پڻ مليس.[2]

وفات سنواريو

سن 1895ع ۾ سنڌ جي هن عظيم سپوت وفات ڪئي. کيس سندس وصيعت موجب 24 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ سندس باغ ۾ دفنايو ويو[1]. سندس وفات تي ڪيترن ئي شاعرن شعر لکيا. مرزا قليچ بيگ مرحوم سندس وفات جي تاريخ هن طرح منظوم ڪئي آهي.

خوش گفت که ”شدبهار آخر“ هم گفت که ”رحمت خداوند“.

— مرزا قليچ بيگ

[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named عبدالمجيد
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آفندي%20حسن%20علي