ديھ ھمير(انگريزي: Deh Hameer) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 4 سيلرا جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا سندو تپي ۾ واقع آهي.

ھمير (شھدادڪوٽ)
ديھ ھمير
ديھ
Deh Hameer
ھمير (شھدادڪوٽ) is located in سنڌ
ھمير (شھدادڪوٽ)
ھمير (شھدادڪوٽ)
ھمير (شھدادڪوٽ) is located in Pakistan
ھمير (شھدادڪوٽ)
ھمير (شھدادڪوٽ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°50′06″N 67°53′24″E / 27.83500°N 67.89000°E / 27.83500; 67.89000مڪانيت: 27°50′06″N 67°53′24″E / 27.83500°N 67.89000°E / 27.83500; 67.89000
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو شھدادڪوٽ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,096

تاريخ سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1887 واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ھمير ڪلھوڙو، ڳوٺ گل محمد ۽ ھڪ ٻيو غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي اتي ڳوٺ فيض محمد ڳوٺ واقع آهي جيڪو سيلرا ديھ جي ڳوٺ قمبراڻي يا شھدادڪوٽ باء پاس جي اولھ طرف واقع آهي. ان کان سواءِ مٿيان بيان ڪيل ڳوٺ پڻ واقع آهن جيڪي ھاڻي پراڻن نالن سان معروف ناھن.

جاگرافي سنواريو

ھن ديھ جي ڀرسان ڏکڻ م ديھ ڪارڙا جو ڳوٺ مير جي نري واقع آهي. ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ شھدادڪوٽ، اوڀر ۾ ديھ سيلرا، ڏکڻ ۾ ديھ ڪڙيو احمد خان ۽ تعلقو ميروخان جي ديھ ڪارڙا ۽ اولھ ۾ ديھ سندو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ھن ديھ جي آخري اوڀر منجھان شھدادڪوٽ قمبر روڊ ۽ پراڻي ڦٽل ڪور ڏاتو گذرندڙ آھي. ديھ منجھان دوست علي وارو روڊ پڻ گذري ٿو.

آبادي سنواريو

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,096 ھئي جيڪا 188 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]