ڪڙيو احمد خان
ديھ ڪڙيو احمد خان(انگريزي: Deh Kario Ahmed Khan ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 4 سيلرا جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا سندو تپي ۾ واقع آهي.
ڪڙيو احمد خان (شھدادڪوٽ) ديھ ڪڙيو احمد خان | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kario Ahmed Khan | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°47′32″N 67°54′47″E / 27.79222°N 67.91306°Eمڪانيت: 27°47′32″N 67°54′47″E / 27.79222°N 67.91306°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 3,220 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1935 کان 1953ع تائين واري ديھن جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ علينواز کھاوڙ، ڳوٺ الھرکيو، ڳوٺ محمد علي کھاوڙ واقع ھيا. ھاڻي ھن ٽڪنڊي ديھ ۾ ڳوٺ چنڱل معروف آھي.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ حمير، اوڀر ۾ ديھ تعلقي ميروخان جون ديھون ھر ھڪ ڪارڙا، ديھ ڀرمي مٿين ۽ ديھ گولو کھاوڙ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ مگسي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,220 ھئي جيڪا 472 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].