شھدادڪوٽ ديھ
ديھ شھدادڪوٽ(انگريزي: Deh Shahdadkot) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي ديھ جيڪا تپو شھدادڪوٽ ۾ واقع آهي جنھن ۾ شھدادڪوٽ شھر ۽ ڪجهه ڳوٺ واقع آهن.
ھن ديھ جو پراڻو نالو شھدادپور ديھ آھي.
شھدادڪوٽ ديھ شھدادڪوٽ | |
---|---|
ديھ | |
Deh Shahdadkot | |
قمبر ضلعي م ديھ شھدادڪوٽ جو مقام | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°48′00″N 67°53′43″E / 27.80000°N 67.89528°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,18,915 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي 1880ع واري نقشي مطابق ديھ جي اوڀر پاسي شھدادپور ڳوٺ واقع ھيو جنھن کي بعد ۾ شھدادڪوٽ شھر جو نالو ڏئي تعلقي جو درجو ڏنو ويو هو. شھدادپور ڳوٺ ٻاھران ٿاڻو ۽ مختيارڪار جي آفيس ۽ ان جو بنگلو ۽ ٿوري فاصلي تي ھڪ منزل گاھ ھئي. ان ڳوٺ جي ڀرسان غريب آباد نالي ڳوٺ ھيو ۽ ٿوري فاصلي تي ريلوي اسٽيشن ۽ ڳوٺ سونو خان بروهي واقع ھيو. ھاڻي شھدادڪوٽ شھر ھن ديھ کان ٻاهر ديھ سيلرا، ديھ ھمير ۽ ديھ نورپور تائين ڦھلجي چڪو آهي. شھر جو وڏو حصو ھن ديھ ۾ واقع آهي. غريب آباد ڳوٺ شھر ۾ ضم ٿي چڪو آهي. ڳوٺ سونو خان بروهي ھاڻي قمبراڻي جي نالي سان معروف آھي جنھن لڳ ڊگري ڪاليج، ھاء اسڪول ۽ اسٽيڊيم واقع آھن. اسٽيشن جي لڳ مصري شاھ جو قبرستان 1880 کان بعد ۾ ٺھيو.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ مان شھدادڪوٽ مان قبو سعيد خان، بگودڙو، دوست علي ۽ قمبر طرف روڊ نڪرن ٿا ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ نورپور، اوڀر ۾ ديھ سيلرا, ڏکڻ ۾ ديھ ھمير ۽ ديھ سندو ۽ اولھ ۾ تعلقو قبو سعيد خان واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ ۾ واقع شھدادڪوٽ شھر جي حصي ۽ ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,18,915 ھئي جيڪا 19,754 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].