خدا فارسي ٻوليءَ جو لفظ آھي جيڪو خود ۽ آ جو مرڪب آھي جنھن جي معنيٰ آهي خالق جيڪو خودبخود آهي ۽ ڪنھن جو پيدا ٿيل نہ آھي. خدا ۽ الله ٻئي مترادف لفظ آهن، جنھن جي معنيٰ آھي قادر مطلق، سڀني جو خالق ۽ مالڪ ۽ اڻ ڏٺل وجود جنھن کي سمجهي نہ ٿو سگهجي. انگريزيءَ ۾ ان کي God لکيو ويندو آهي جنھن جي شروعات وڏي اکر سان ٿيندي آهي. خدا هڪ واحد، متحد ۽ ناقابل تقسيم، حاضر ناظر آھي، اھو تصور توحيد پرست مذهبن ۾ ملي ٿو، جن کي گڏيل طور ابراھيمي مذھب سڏيو وڃي ٿو. جڏھن تہ شرڪ ڪندڙ مذھبن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي ديوتا ھوندا آھن پر انهن ۾ سڀ کان وڏو يا هڪ عظيم ديوتا ھوندو آھي. جيتوڻيڪ هن مضمون لاءِ ”رب“ جو لقب بہ اختيار ڪري سگهجي ٿو، پر تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ”God“ کي عام طور تي ”خدا“ جي متبادل طور تسليم ڪيو ويو آهي ۽ ٻيو اھو تہ لفظ ”رب“ اختيار ڪرڻ وقت بہ رب جو اسلامي تصور فقط الله جي باري ۾ آھي ۽ اھڙيءَ طرح رب جي عنوان جي معاملي ۾ بہ اهڙي ئي احتياط جي ضرورت آهي جيئن موجوده عنوان جي صورت ۾ آھي. اھڙي طرح خدا يا ديوتائن جي وجود کان انڪار کي الحاد سڏيو ويو.