گلاب سومرو
گلاب سومرو (انگريزي:Gulab Soomro) سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ڪالم نگار هو.
گلاب سومرو | |
---|---|
پيدائش | گل محمد سومرو آڪٽوبر 01 1949 ڳوٺ سيتا، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
وفات | 6 آگسٽ 2017 (عمر 67 سال) دادو |
قلمي نالو | گلاب سومرو |
ڌنڌو | ليکڪ |
ٻولي | سنڌي |
قوميت | پاڪستاني |
صنف | مضمون |
مُکيه ڪم | قرآن شريف جوسنڌي ٻولي ۽ سرائڪي ٻولي ۾ ترجمو |
زندگي جو احوال
سنواريوگلاب سومرو جو اصل نالو گل محمد پٽ احمد خان سومرو هو. سندس قلمي نالا گلاب سومرو ۽ شادان سومرو هئا. گلاب سومرو پهرين آڪٽوبر 1949ع [1] ۾ سنڌ جي دادو ضلعو جي راڌڻ شهر ويجهو ڳوٺ سيتا ۾ پيدا ٿيو.
ادبي علمي خدمتون
سنواريوهيءُ سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ نثر نويس هو. سندس شاعري ۽ ڪالم سنڌي ٻولي جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ شايع ٿيا جن ۾ حلال احمر اخبار، روزاني هلال پاڪستان، روزاني عبرت ذڪر لائق آهن. هن قرآن شريف جو سنڌي ٻولي توڙي سرائڪي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو. اهو تاريخ ۾ پهريون پيرو ليکبو جو قرآن شريف جو ترجمو سرائڪي ٻولي ۾ ٿيو هجي. هن زندگي جو ڪافي حصو ڪيترن ئي ماڻهن کي قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ ۾ گذاريو جنهن ڪري شاگردن سان گڏ شهرين وٽ معزز شخص طور ڄاتو ويندو هو ۽ معزز ليکيو وڃڻ ڪري اڪثر پاڙي جا گهريلو تڪرار به نبيريندو هو. سندس زندگي جو سربستو احوال پروفيسر عبدالله مگسي جي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو ۾ شامل آهي.[2][3][4]
وفات
سنواريوگلاب سومرو 6 آگسٽ 2017ع تي وفات ڪري ويو ۽ کيس مرکپور دادو ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-02-24.
- ↑ 2.0 2.1 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-02-24.
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-02-24.
- ↑ "هيو پانڌ جنهين سان پيار جو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-02-24.