سيتاروڊ شهر ضلعي دادو جي تعلقي خيرپورناٿن شاھ ۾ واقع آهي، هن شهر جي آبادي 80 هزار کان به وڌيڪ آهي، جڏهن ته ماضي ۾ هي شهر واپار جو اهم مرڪز رهيو آهي، سيتاروڊ ۾ سيتاروڊ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي، جنھن جو نالو مذھبي شدتپسندي سبب مٽائي رحماني نگر رکيو ويو.[حوالو گهربل] جتان روزانو سوين ماڻهو مختلف علائقن جو سفر ڪن ٿا، هن شهر هڪ رورل هيلٿ سينٽر آهي، جتي شهر ۽ ڀرپاسي جي سئو کان وڌيڪ ڳوٺڻ جا رهواسي علاج لاءِ اچن ٿا، سيتاروڊ ، شهر ۾ هڪ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول آهي، جنهن ۾ سوين نياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون، سيتاروڊ ۾ 6 پرائمري اسڪول آهن، هن شهر ۾ اڳوڻي ايم اين اي طلعت مهيسر جي ڪوششن سان ڪميوٽي سينٽر پڻ قائم ڪيو ويو[حوالو گهربل] جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ اديبن جا پروگرام ٿيندا رهن ٿا، هن شهر جي شاهي بازا ۾ سرڪار پاران لوھ جي ڇت پڻ لڳرائي وئي آهي، جنهن ڪري بازار جي سونهن ۾ اڃا بہ وڌيڪ واڌارو ٿي ويو، شهر ۾ عوام جي سهولت لاءِ 4 بئنڪون قائم ڪيل آهن، جڏهن ته 2 اي ٽي ايم مشيون پڻ لڳرايون ويون آهن، سيتاروڊ شهر ۾ سيال جي چانهن، بروهي هي ملائي، ملاحن جا سمبوسا ۽ مير جو مائو تمام گهڻو مشهور آهي، جيڪو شهر تمام گهڻي شوق سان واپرائن ٿا. شهر ۾ ڪو به تفريحي ماڳ ۽ پارڪ وغيره نه هئڻ ڪري ٻارڙا گهرن تائين محدود آهن، جڏهن ته 80 هزار آبادي واري شهر ۾ لائبريري جي سهولت به نه آهي، جنهن ڪري شهر جا نوجوان تعليم طرف ڌيان ڏيڻ بدران هوٽلن ۽ سنوڪرن تي ويهي ٽائيم پاس ڪرڻ ۾ پورا آهن،

حوالا سنواريو