سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو

سنڌ جي تاريخ تي هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامياري محقق پروفيسر عبدالله مگسيءَ جو لکيل آهي. 288 صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ تي سائنسي انداز ۾ بحث ٿيل آهي. ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. سومرن، سمن، ڪلهوڙن جي دورن کان علاوه ٻين تاريخي موضوعن کي ڇهيو ويو آ. هيءُ ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 1994ع ۾ ڇپايل آهي.