مگسي (شھدادڪوٽ)
ديھ مگسي(انگريزي: Deh Magsi ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي يونين ڪائونسل نمبر 4 سيلرا جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو شھدادڪوٽ ۾ واقع آهي.
مگسي (شھدادڪوٽ) ديھ مگسي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Magsi | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°44′56″N 67°56′33″E / 27.74889°N 67.94250°Eمڪانيت: 27°44′56″N 67°56′33″E / 27.74889°N 67.94250°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,919 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري پراڻي 1886 واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ مگسي ڳوٺ ۽ ڳوٺ الياس پنھور واقع ھيا. ان وقت ھي ديھ تپو شھدادڪوٽ ۾ واقع ھئي. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ فيض محمد معروف آھي.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اولھ ۾ ديھ سندو، اتر ۾ ديھ ڪڙيو احمد خان، اوڀر م تعلقو ميروخان جي ديھ ڇوڙي ۽ اولھ ۾ ديھ گھنور واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,919 ھئي جيڪا 275 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].