يو سي 47 وڪڙو (انگريزي: U C 47 Wakro) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 11 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 15,683 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ڳوٺ وڪڙو ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو لاڙڪاڻو ڏوڪري روڊ تي ڏوڪري شھر ويجھو واقع آهي. ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڏيرا، جوڻيجا، چنا، سومرا، سوھو، سولنگي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ وڪڙو، ڳوٺ وڪڙو ، ڳوٺ چنا موچي، ڳوٺ ڏيرا ۽ ٻيا شامل آهن.

وڪڙو
يو سي 47 وڪڙو
يونين ڪاؤنسل
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 11
وڪڙو is located in سنڌ
وڪڙو
وڪڙو
وڪڙو is located in Pakistan
وڪڙو
وڪڙو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°22′14″N 68°07′50″E / 27.37056°N 68.13056°E / 27.37056; 68.13056مڪانيت: 27°22′14″N 68°07′50″E / 27.37056°N 68.13056°E / 27.37056; 68.13056
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو ڏوڪري تعلقو

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين غلام حسين سولنگي ۽ وائيس چيئرمين اجمل خان جوڻيجو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڌڻي بخش جوڻيجو جو منير حسين سوھو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ ڪو به سرڪاري ادارو ڪانه آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/