ڪليم ٻُٽ 04 اپريل 1984 تي ضلعي دادو جي تعلقي مهيڙ جي ڳوٺ ٻُٽ سرائي ۾ ڄائو، سندس جنم سنڌ جي ناليواري تعليمدان، محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ جي گهر ۾ ٿيو. هن وقت تائين 12 جي لڳ ڀڳ ناول لکندڙ ڪليم ٻُٽ جي ٻي سڃاڻپ صحافي طور به آهي. ڪليم ٻُٽ هن وقت ميڊيا اسٽڊيز مان ايم فل ڪري رهيو آهي ۽ جنگ جي رپورٽنگ (وار رپورٽنگ) تي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيقي مقالو لکي رهيو آهي.

ڪليم ٻُٽ
پيدائش اپريل 04 1984(1984-04-04)ع

ڳوٺ ٻُٽ سرائي، ميهڙ، سنڌ، پاڪستان
قلمي نالو ڪليم ٻُٽ
ڌنڌو صحافي
ٻولي سنڌي
قوميت سنڌي
شهريت پاڪستاني
تعليم ايڇ آر ايم
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
موضوع ناول، مضمون ، ڪهاڻي
مُکيه ڪم آزاديءَ جي اپٽار

تعليم سنواريو

ڪليم ٻُٽ شروعاتي تعليم ڄامشورو جي مهراڻ يونيورسٽي پبلڪ اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. سال 2002_2003 ۾ حيدرآباد جي سچل سرمست ڪاليج مان انٽر ڪامرس ڪئي. سال 2004 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي بي بي آءَ ۾ داخلا ورتي ۽ 2007 ۾ ايم بي آءَ (ايڇ آر ايم) حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ هن سال 2009 ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ پريويس کان داخلا ورتي ۽ سال 2010 ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري صحافتي ميدان ۾ پير پاتو، ۽ سال 2017 ۾ هن ماس ميڊيا ۾ ايم فل اسڪالر طور داخلا ورتي.

صحافتي ميدان سنواريو

ڪيلم ٻُٽ سال 2010 ۾ ڊيلي ريجنل ٽائيمز (انگريزي) جو سب ايڊيٽر ٿيو، ان کانپوءِ هن 2014 ۾ روزاني جيجل (سنڌي) ۾ رپوٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سال 2015 کان هو ڊيلي ٽائيمز (انگريزي) لاءِ فري لانسر طور ڪم ڪندو رهيو ۽ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان سريز لکي، جنهن جا ڪجهه مضمون هندوستان ٽائيمز ۾ به ڇپيا. سال 2016 کان هو آن لائين انڊس نيوز جي انگريزي شعبي جي انچارج طور ڪم ڪري رهيو آهي.

ادبي خدمتون سنواريو

ڪليم ٻُٽ لکڻ جي شروعات سال 2006 کان ڪئي، پر سندس پهرئين ڪهاڻي سزاءِ موت سال 2009 ۾ پنڌرهن روزا عبرت ميگزين ۾ ڇپي، ان کانپوءِ سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، سندس مشور تخليقن ۾ ڪنڊن جي سيج (ناوليٽ)، گمنام ليکڪ (ناوليٽ)، عاشق زهر پياڪ (ناوليٽ)، لانگ مارچ (ناول)، ڏاهر (ناول) وغيره شامل آهن. ڪليم ٻُٽ هن وقت تان 12 کان وڌيڪ ناول لکي چڪو آهي، سندس ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن:


ڪتاب جو نالو صنف سال ادارو
ڏاهر ناول 2015ع نئون نياپو، سچل ڳوٺ، ڪراچي
آزادي جي اُپٽار[1] ناول 2017ع نئون نياپو، سچل ڳوٺ، ڪراچي
مري ٿيا نه مات[2] ناول 2017ع نئون نياپو، سچل ڳوٺ، ڪراچي
وطن جن وساريو[3] ناول 2017ع نئون نياپو، سچل ڳوٺ، ڪراچي
هوشچند ۽ ڪوٽ لکپت ڪهاڻيون 2014ع ڊاڪٽر اي آر ٻُٽ ٽرسٽ، حيدرآباد
امن لاءِ اتحاد[4] سائنسي افسانو 2014ع ڊاڪٽر اي آر ٻُٽ ٽرسٽ، حيدرآباد
اسپيس اوڊسي (ترجمو) سائنسي افسانا 2014ع ڊاڪٽر اي آر ٻُٽ ٽرسٽ، حيدرآباد
آخري امتحان ناوليٽ 2013ع عبرت گروپ آف پبليڪيشن، حيدرآباد
گمنام ليکڪ ناوليٽ 2012ع عبرت گروپ آف پبليڪيشن، حيدرآباد
لانگ مارچ ناول 2013ع عبرت گروپ آف پبليڪيشن، حيدرآباد

جڏهن ته ڪيلم ٻُٽ جا مختلف رسالن ۾ چپيل ناوليٽ هن ريت آهن :

  • ڪنڊن جي سيج (ناوليٽ)
  • عجب زندگي (ناوليٽ)
  • عاشق زهر پياڪ (ناوليٽ)
  • ڌرتي جو درد (ناوليٽ)

ان کانسواءِ ڪليم ٻُٽ مائي جندو نالي هڪ آرٽ پلي به لکيو آهي، جڏهن ته سرڳ، سنڌ ۽ سر (ناول) ۽ ڪراچي تنهنجا ڪيڏا روپ (ناول) ڇپائي واري مرحلي ۾ اٿس. ان کانسواءِ ڪليم ٻُٽ جون 100 کان مٿي ڪهاڻيون سنڌ ۽ هند جي رسالن ۾ چپجي چڪيون آهن، انهن رسالن ۾ ٽي ماهي مهراڻ، هندواسي، مهاوار لوڪ، مهاوار هزار داستان، 15 روزا عبرت ميگزين وغيره شامل آهن. هو هن وقت ڄامشورو جي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ۾ رهندو آهي.

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

ڪليم ٻُٽ جا سنڌسلامت ڪتاب گھر تي ٻيا ڪتاب آرڪائيو ڪيا ويا 2018-08-31 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. ڪليم ٻُٽ جو فيسبڪ تي پروفائل


حوالا سنواريو