ڪراچي، سڪندر اعظم ۽ جرنيل نيئرڪس

ميگس ۽ پلائي، ننڍي کنڊ بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هو لکن ٿا ته، ”موهن جي دڙي“ (Mohen-jo-daro) جا ماڻهو ٻيڙين تي پنهنجو واپاري سامان بندرگاهن تائين پهچائيندا هئا ۽ اتان اهو سامان عراق ۽ مصر لاءِ روانو ڪيو ويندو هو.“ قديم بندرن ۾ جنهن ۾ مورنٽو بارا به هڪ آهي. مورنٽو بارا هاڻوڪي ڪراچي (Karachi) جي ساحل جي بندرن مان ڪنهن هڪ بندر جو نالو هو.

سڪندر اعظم (Alexander the Great) کان گهڻو اڳ دارائي پهرئين 521 ق.م ۾ يوناني سياح اسڪائي ليڪس کي هندستان جي حالتن جي جاچ لاءِ موڪليو هو. هن سنڌ کي هند قرار ڏنو هو. هن هڪ مضبوط ٻيڙيءَ وسيلي اٽڪ کان سنڌو درياهه جو سفر ڪيو. اهو سفر ڪراچيءَ تائين هو. ڪنهن زماني ۾ سنڌو جي پراڻي شاخ ابراهيم حيدري لڳ ڇوڙ ڪندي هئي. ابراهيم حيدريءَ جو پراڻو ڳوٺ انهيءَ شاخ تي آباد هو. رتو ڪوٽ جيڪو ريڙهي مياڻ لڳ آهي ۽ ديبل بندر ۽ گسري بندر (گِذري) به سنڌو جي انهيءَ شاخ تي آباد هئا.

ڪراچيءَ کان وٺي هيٺ ڏکڻ اوڀر طرف ميرپور ساڪري لڳ بگهياڙ ڦاٽ جي پراڻي پيٽ تائين نيون يا پراڻيون وسنديون/ڳوٺ بندر يا مڇي مياڻ جي حيثيت رکنديون هيون، سي آهن. ڪراچي، ڪلفٽن (Clifton)، گسري، واڳوڏر، ابراهيم حيدري، ريڙهي مياڻ، رتو ڪوٽ، کاري ڊهي واري مياڻ وٽيجي (اهي سڀ هاڻوڪي ڪراچي جي ساحل تي آهن) ماڙي مورڙو، ڀنڀور، ٿنڀن واري مسجد، جاکي بندر، ڌارجا ۽ راڻي ارجن جو ڪوٽ.

ابراهيم حيدري (Ibrahim Hyderi)، واڳو ڏر ۽ ريڙهي مياڻ تائين ڦٽل وسندين جا نشان موجود آهن. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته واڳو ڏر، ڀنڀور ۽ ماڙي مورڙو مان ڪنهن به هڪ کي ديبل قرار ڏيئي سگهجي ٿو. ماڙي مورڙو جا آثار ميرپور ساڪري (Mirpur Sakro) تعلقي جي ديهه کيراڻي ۾ سمنڊ ڪناري آهن. انهن سڀني جڳهن تي قديم آثارن واري کاتي پاران کوٽائي جي ضرورت آهي.

ڪراچي بابت ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ حضرت عيسيٰ (Jesus Christ) جي ڄمڻ کان 325 سال اڳ پڻ ملي ٿو. ڪراچي جو ذڪر سڀ کان پهرئين يوناني مورخ ايرين جي لکڻين ۾ ملي ٿو. هو لکي ٿو ته، ”نيئرڪس جهازن جو لنگر ڪروڪولا جي ويجهو بندرگاهه (جنهن کي مورنٽو بارا چئي ٿو) کڻي کاٻي پاسي هڪ پهاڙ طرف هليو جنهن کي مقامي ماڻهو ايراس لي نالي سان سڏين ٿا. ان پهاڙ وٽ ڪپتان جهاز کي محفوظ جاءِ تي لنگر انداز ڪيو. جنهن کي سڪندر اعظم جي پناهه گاهه چيو ويندو آهي“.

سڪندر ان دور ۾ سنڌ کي جهازن جي اچ وڃ وسيلي ميسو پوٽيما (Mesopotamia) ۽ مصر (Egypt) سان ملائڻ پئي چاهيو. جنهن جو مقصد هو ته هندستان (India) سان واپار کانسواءِ پنهنجي فتح ڪيل علائقن اوڀر ڀونچ سمنڊ کان وٺي، هندوڪش تائين نظرداري ۽ ڪنٽرول ۾ رکي سگهي، جنهن لاءِ هن پٽالا بندر تي گوديون ٺهرايون هيون.

مشهور مورخ جيمز رينيل ۽ هيگ مطابق سڪندر اعظم جي فوجن جو ڪراچي جي پسگردائي مان گذرڻ ۽ ڪراچي جي بندر تي رهڻ اهم تاريخي واقعو آهي. سڪندر اتر اولهه هندستان تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌو درياهه (Indus river) رستي سنڌ ۾ داخل ٿيو ان وقت پنجن رياستن ۾ ورهايل هو.

  • (1) الور (اروڙ)
  • (2) برهمڻ آباد
  • (3) پٽيالا
  • (4) ماهوٽا ۽ سيوهڻ

انهن رياستن جي پنجن راجائن مان فقط ٻن سڪندر جو مقابلو ڪيو. باقي ٽن راجائن بنا ڪنهن ويڙهاند جي سڪندر جي اطاعت قبول ڪئي. ان کان پوءِ سڪندر سنڌ تي قبضو ڪيو. سڪندر سنڌ ۾ پنهنجو گورنر مقرر ڪري خشڪي رستي ايران (Iran) ڏانهن روانو ٿيو.

سنڌ کان رواني ٿيڻ کان اڳ پنهنجي جرنيل نيئرڪس (Nearchus) کي حڪم ڏنو ته هو دريا رستي سنڌ جي سمنڊ تائين پهچي هتان پوءِ خليج فارس کان ٿيندو فرات درياهه تائين وڃي، نيئرڪس ائين ڪيو. جڏهن هو سمنڊ تائين پهتو ته موسم خراب هئڻ ڪري هو هڪ قدرتي بندرگاهه تائين پهتو. ان محفوظ بندرگاهه ۾ هو پنهنجي سپاهين سميت ٽي هفتا رهيو.

خيال ڪيو وڃي ٿو ته اها جاءِ چري آءِ لينڊ آهي ۽ ڪراچي کي ڪروڪولا سمجهندا آهن. ايرين جي لکڻي مان اها ڄاڻ پوي ٿي ته سڪندر اعظم جو سامونڊي ٻيڙو سنڌ جي ڊيلٽا سان گڏ ڪراچي جي ساحل وٽان گذريو هو. هن جنگي جهاز جو ڪمان جنرل نيئرڪس جي هٿ هيٺ هئي. يوناني تاريخ نويس ايرين موجب اهو جنگي جهاز مورنٽو بارا جي غير آباد ساحل وٽ لنگر انداز ٿيو هو. جنهن کي هتي جي رهواسين استري بندر (عورت جو بندر) ٿي سڏيو. يوناني جو اهو جنگي جهاز خراب موسم ڪري ٽي ڏينهن ان ساحل تي بيٺو هو. هنري پوٽنگر جو چوڻ آهي ته ”قديم زماني ۾ هي پورو علائقو جيڪو هاڻي ڪراچي جو ساحلي علائقو آهي، ڪڪرالا يا ڪڪرالو جي نالي سڃاتو ويندو هو“. جيمز رينيل ۽ ايم. ارهيگ هن جاءِ کي ڪراچيءَ جو بندرگاهه قرار ڏنو آهي، ڊين ونسنٽ اسمٿ هن کي ڪياماڙي چيو آهي ۽ لئمرڪ لکي ٿو ته ”سڪندر اعظم جي زماني ۾ هاڻوڪي ڪياماڙيءَ (Kiamari ) کان کڏي تائين پوري علائقي تي هڪ عورت جي حڪومت هئي. ان لاءِ يونانين هن جو ذڪر استري بندر جي حيثيت سان ڪيو هو.

ڊين ونسنٽ اسمٿ ان جاءِ کي ڪياماڙي قرار ڏئي ٿو. جڏهن ته ايم آر هيگ ان جاءِ کي ڪراچي جو بندرگاهه قرار ڏئي ٿو. ڊاڪٽر وليم ونسنٽ پنهنجي ڪتاب The Commerce Ancients in the Indian ocean ۾ لکي ٿو ته ”سڪندر اعظم جو مشهور جرنيل نيئرڪس ننڍي کنڊ تي ڪامياب فوج ڪشي کان پوءِ وطن واپس ورندي پنهنجي فوج سان گڏ 8 آڪٽوبر 326 ق.م ۾ ڪراچي جي ڀرپاسي ۾ رهيو. ان وقت ڪراچي کي ڪروڪالا چيو ويندو هو. ڪروڪالا جو مطلب ”واڳون واري جاءِ آهي.

قديم زماني کان سنڌ ۾ واڳون جي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽ ڪراچي ۾ واڳون ڏر هڪ قديم ماڳ اڄ به سمنڊ ڪناري ابراهيم حيدري ڳوٺ ۽ ريڙهي مياڻ جي وچ ۾ موجود آهي جتي واڳوئن جون قبرون به موجود آهن هتي هڪ چشمو به آهي. پوڄا جون اهي رسمون اڄ به ڪنهن ڪنهن طرح سان منگهو پير ۾ مور واڳون جي ميلي جي صورت ۾ موجود آهن. تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته واڳون ڏر وارو علائقو ڪروڪالا آهي. هڪ ٻئي مورخ جيمز رينيل موجب نيارڪس جنهن جاءِ تي قيام ڪيو هو اهو ٻيٽ هو ۽ اهو ٻيٽ ڏاڍو پرڪشش هو ته نيئرڪس متاثر ٿيڻ بنا رهي نه سگهيو ۽ ان انهيءَ جزيري جو نالو سڪندر جي نالي ”سڪندري جنت“ رکيو. رينيل مطابق جنهن ٻيٽ تي نيئرڪس قيام ڪيو هو. اهو ڪياماڙي هو، هڪ ٻئي محقق ڪارٽر موجب سڪندر جنت ڪياماڙي بجاءِ واڳو ڏر وارو علائقو آهي.

جيستائين خوبصورت ٻيٽ جو تعلق آهي ته ڪنهن وقت واڳو ڏر ۽ ريڙهي مياڻ وارا علائقا هڪ پاسي سمنڊ ۽ سنڌو جي ڪناري هوندي ٻئي پاسي ملير ندي ۽ سمنڊ جي وچ واري علائقي ۾ هوندا هئا. ملير (Malir) ۾ به سنڌو وانگر ٻارهوئي مهينا پاڻي هوندو هو. تنهنڪري اهي علائقا ٻيٽ وانگر هوندا هئا.[1][2][3]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  2. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، ليکڪ: گل حسن ڪلمتي
  3. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام