ميرپور ساڪرو تعلقو
ميرپور ساڪرو تعلقو: (انگريزي: Taluka Mirpur Sakro ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٺٽي جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام ميرپور ساڪرو شھر آھي. اھو ٺٽي شھر کان پوءِ ضلعي جو سڀ کان وڏو شھر آھي.هي شھر موجوده گهارو شھر کان ارڙهن ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. هن وقت تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. ميرپور ساڪرو تمام گهڻو تاريخي قديم علائقو آهي. سردار لقمان خان ملڪاڻي,شمشاد ساڪرائي ۽ جمال مراد گبول جو مسڪن آهي.
ميرپور ساڪرو | |
---|---|
تعلقو | |
تعلقه ميرپور ساڪرو | |
ٺٽي ضلعي ۾ تعلقو ميرپور ساڪرو ڳاڙهي رنگ سان نمايان ڏيکاريل | |
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°32′N 67°37′E / 24.533°N 67.617°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٺٽو ضلعو |
صدر مقام | ميرپور ساڪرو شھر |
يونين ڪاؤنسلون | 10 |