گُل حسن ڪلمتي پنهنجي تحقيقي ڪتاب ”ڪراچي سنڌ جي مارئي“ (Karachi Sindh Jee Maaree) ۾ لکيو آهي ته ”سنڌوءَ جو هڪ وهڪرو گهارو ڪريڪ مان وَهي ابراهيم حيدريءَ جي ويجهو سمنڊ ۾ پوندو هو. سنڌوءَ جي ان وهڪري تي گزري، واڳو ڏر، ريڙهي مياڻ، ابراحيم حيدري ۽ رتو ڪوٽ جهڙا آباد ۽ شاهوڪار بندر هئا. سنڌوءَ جو وهڪرو مٽجڻ سان ۽ سمنڊ جي اڳيان وڌي اچڻ سان ڦَٽي ڪريڪ، ڪورنگي ڪريڪ ۽ گهارو ڪريڪ جيڪي ڪنهن زماني ۾ جيڪي سنڌو درياھ جو حصو هئا اهي سمنڊ جي پاڻي سان ڀرجي ويا ۽ ان جا ڪيترائي حصا سمنڊ ٻوڙي ڇڏيا. رتو ڪوٽ (Rato Kott) جيڪو ”مچق“ جي ٻيٽ تي آهي اهو ڪنهن زماني ۾ هڪ مشهور ۽ سهڻو آباد شهر هئو. اهو 1640ع ۾ بڙڇ (Barrchh) قبيلي جي رياست هئي، اها رياست وقت سان گڏ پنهنجا روپ مٽائيندي رهي، ڪڏهن اها رياست مان ڳوٺ ٿي ته ڪڏهن بندگاهه يا ڪڏهن سردارن جي رهڻ جو ڪوٽ.[1]

حوالا سنواريو