پي اي سي ايڇ ايس ون

پي اي سي ايڇ ايس 1 يا پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي نمبر 1(انگريزي: P.E.C.H.S.1 ) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۽ اولھ پي اي سي ايڇ ايس ٽو، ڏکڻ ۾ چنيسر ڳوٺ ۽ اوڀر م جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 6 جو ھيو ۽ 2013 ۾ ان کي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني ۾ اردو ڳالهائيندڙن، پنجابي ماڻھن کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي ملڪ مستجب انور چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي رانا تنزيل الرحمان چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. ھن يو سي ۾ خوشحال ماڻھو رھندڙ آھن ۽ شھري منصوبابندي تحت آهي. جن يونين ڪاميٽي مان گذرندڙ روڊن ۾ شاھراھ فيصل، ڊاڪٽر محمود حسين روڊ، شاھراھ قائدين، طارق روڊ، علامه اقبال روڊ، شاھ عبداللطيف روڊ، ڪشمير روڊ، سرسيد روڊ، خالد بن وليد ۽ ٻيا شامل آهن. ھن يو سي ۾ محمد علي جناح يونيورسٽي، نيشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر اينڊ امرجنگ سائنس پشاور ڪيمپس، ليوپرڊ ڪوريئر سروس ھيڊ آفيس، حرمين پارڪ (پي اي سي ايڇ ايس), بي اي ايم ايم ڪاليج (پي اي سي ايڇ ايس)، سٽي اسڪول ڪيمپس (پي اي سي ايڇ ايس) ، بيڪن هائوس ڪاليج (پي اي سي ايڇ ايس) ، ايجوڪيشن فائونڊيشن ڪيمپس 2 (پي اي سي ايڇ ايس)، مدينة العلم اسلامي اڪيڊمي (پي اي سي ايڇ ايس)، پي اي سي ايڇ ايس ٽراما ھاسپيٽل، المرتضا فيملي پارڪ، عبدالله شاھ غازي رينجرز ھيڊ ڪوارٽر، فائونڊيشن پبلڪ اسڪول (پي اي سي ايڇ ايس)، سينيئر ماڊل گورنمينٽ بوائيز اسڪول(پي اي سي ايڇ ايس)، جونيئر ماڊل گورنمينٽ سيڪنڊري گرلس اسڪول(پي اي سي ايڇ ايس) ، دنيا نيوز ڪراچي بيورو آفيس، آء بي ايم (پي اي سي ايڇ ايس)، لياقت پارڪ (پي اي سي ايڇ ايس)، عثمانيه گرائونڊ، محمود غزنوي پارڪ، طارق روڊ قبرستان، پي اي سي ايڇ ايس لائبريري واقع آھن. ھن يونين ڪاميٽي 7 پي اي سي ايڇ ايس 1 جي آفيس رينجرز ھاسپيٽل جي ڀرسان مسجد طيبه اسٽيريٽ، بلاڪ 2 پي اي سي ايڇ ايس ۾ واقع آهي.

پي اي سي ايڇ ايس ون
يو سي 7 پي اي سي ايڇ ايس 1
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي
پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي I
بي اي ايم ايم ڪاليج پي اي سي ايڇ ايس
بي اي ايم ايم ڪاليج پي اي سي ايڇ ايس
پي اي سي ايڇ ايس ون is located in سنڌ
پي اي سي ايڇ ايس ون
پي اي سي ايڇ ايس ون
پي اي سي ايڇ ايس ون is located in Pakistan
پي اي سي ايڇ ايس ون
پي اي سي ايڇ ايس ون
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°52′03″N 67°03′43″E / 24.86750°N 67.06194°E / 24.86750; 67.06194مڪانيت: 24°52′03″N 67°03′43″E / 24.86750°N 67.06194°E / 24.86750; 67.06194
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو فيروز آباد سب ڊويزن

حوالا سنواريو

  1. https://www.politicpk.com/karachi-east-district-uc-list-mna-mpa-seats-%da%a9%d8%b1%d8%a7%da%86%db%8c-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%d8%b4%d8%b1%d9%82%db%8c/