پير حسام الدين شاھ راشدي (پيدائش: 20 سيپٽمبر 1911ء - وفات: پھرين اپريل 1982ء) پاڪستان جو عالمي شھرت يافتہ محقق، تاريخ دان، ماھر لسانيات ۽ فارسي ادبيات جو عالم ۽ سنڌ جو نامور سياستدان، صحافي ۽ اديب پير علي محمد راشدي جو ننڍو ڀاءُ آھي۔حسام الدين شاهه راشديءَ جي سموري حياتي علم، ادب ۽ سنڌ جي تاريخ سان عشق جو هڪ داستان آهي. هن صاحب علم شخص ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ چڱو ناماچار پيدا ڪيو.

پير حسام الدين راشدي
پيدائش ڏتل شاھ
سيپٽمبر 20 1911(1911-09-20)
نئين ديري ڀرسان ڳوٺ بھمڻ،لاڙڪاڻو، سنڌ، برٽش انڊيا
وفات اپريل 01 1982(1982-04-01)
ڪراچي، پاڪستان
ڌنڌو صحافي، مصنف، محقق، مورخ، ماھرِ لسانيات
ٻولي اردو، سنڌي، فارسي
قوميت  پاڪستانپاڪستاني
تعليم پي ايڇ ڊي (اعزازي)
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
صنف تاريخ، لسانيات، تحقيق
مُکيه ڪم مرزا غازي بيگ ترخان ۽ اُن جي بزمِ ادب
دُودِ چراغِ محفل
مير محمد معصوم بکري
تذڪرہ شعرائي ڪشمير
ايوارڊ ستاره امتياز

سنڌي ٻولي جو تاريخدان، دانشور ۽ اديب 20 سيپٽمبر 1911ع تي سنڌو ندي جي ساڄي ڪناري قديم ڳوٺ ”بهمڻ“ ۾ سيد حامد علي راشدي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پنهنجي ڏاڏي سيد پير شاهه راشدي جي سر پرستي ۾ پليو. پير حسام الدين راشدي جو ڏاڏو سيد پير شاهه راشدي سنڌ جي مثالي بزرگن مان هيو. هو وڏي ڏيا وارو مڙس هيو. تر ۾ سندس شخصيت وڏي ڌاڪ ۽ هشمت واري هئي ڇاڪاڻ ته سيد پير شاهه راشدي سنڌ جي برگزيده شخصيت پير محمد راشدي روضي ڌڻي جو اولاد هيو. جنهن جي پٺيان سڄو ”راشدي“ خاندان سڏجي ٿو. پير حسام الدين صاحب لاءِ مشهور آهي ته سندس پيدائش لڳاتار ٽن ڏينهن تائين والده ماجده کي تڪليف بعد ٿي. ڄمڻ بعد سندس اکين ۾ پونءِ ڀريل هئي ۽ اکيون به بند هيون. سندس ڏاڏي پنهنجي حڪمت وسيلي اکين جو علاج ڪيس ۽ ڏاڏي پنهنجي وڏي ڀاءُ جو نالو پير حسام الدين پنهنجي پوٽي تي رکيو. پيار جو نالو ”ڏتل شاهه“ به هيس[1].راشدي صاحب جي ٻاراڻي تربيت نج ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿي جتي علم حاصل ڪرڻ جو رواج به بنهه گهٽ هو. ٻنهي ڀائرن علي محمد شاهه راشدي ۽ حسام الدين شاهه راشدي جي پرورش سندن ڏاڏي ڪئي. حسام الدين راشديءَ شروعاتي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ، مولوي محمد الياس پنهور ۽ مولوي سيد علي شاهه لڪياريءَ وٽان حاصل ڪئي. انهن بزرگن وٽ چار درجا سنڌيءَ جا ۽ سڪندر نامي تائين پڙهيو. راشدي صاحب کي پڙهڻ جو چاهه سندس وڏي ڀاءَ علي محمد راشديءَ جي ڪري پيدا ٿيو جنهن جا گهرايل ڪتاب پڙهڻ سان کيس ابتدائي فيض حاصل ٿيو. ھن فارسيءَ جي تعليم سندس استاد حاجي خادم لاڙڪاڻويءَ کان حاصل ڪئي.

بطور اديب ۽ دانشور

سنواريو

راشديءَ جي ادبي زندگيءَ جي شروعات شاعري ۽ ڪهاڻي سان ٿئي ٿي. جڏهن سندس عمر 13 سال هئي تڏهن ٻنهي ڀائرن گڏجي 1928ع ۾ پنهنجي ڳوٺ بهمڻ مان ”الراشد“ نالي رسالو جاري ڪيو. ان وقت حسام الدين راشدي سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. راشدي صاحب کي 1953ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ڪيو ويو، راشدي صاحب 1954ع ۽ مارچ 1955ع وري سيپٽمبر 1961ع ۾ ۽ آخري سال 1974ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهيو. راشدي صاحب هونئن ته ڪيترن ئي ادارن جو باني هيو سندس ادارا ساز شخصيت سنڌ ۾ ٻن وڏن ادارن سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي صحي معنى ۾ باني آهي. سنڌالاجي جي بنياد کان وٺي نالي تجويز ڪرڻ تائين سندس ذهن استعمال ٿيل آهي.[1]. سنڌي ادبي بورڊ کي دنيا جي علم دوست، عالمن ۽ ملڪن تائين پهچائڻ ۾ سندس ڪردار قائدانه رهيو. محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ حسام الدين راشدي اگر سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپيل نه هجن ها ته هوند اڄ سنڌي ادبي بورڊ نه هجي ها. سندن بورڊ لاءِ ڪيل خدمتن بابت هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. پاڻ علامه دائود پوٽو سان 1957ع ۾ ”مهراڻ“ جي ادارتي بورڊ ۾ به شامل هيا، بورڊ جي ڪتابن لاءِ خاص طرح سنڌ جي تاريخ لاءِ سندس راءِ آخري سند هوندي هئي، ڀيرومل جي ”قديم سنڌ“ سندس سفارش ذريعي ڇاپي وئي. فارسي ڪتابن جي بورڊ ۾ ايڊيٽنگ يا ڇپائي ۾ سندس ئي هٿ آهي. حڪومت کان بورڊ کي فنڊ ڏيارڻ ۾ سندس شخصيت ئي نظر اچي ٿي. فارسي ٻولي سان محبت سندس ذات جو حصو هئي. جيئن ته سنڌ ۾ ٻه سئو سالن تائين فارسي زبان رائج رهي ۽ ايران سان سنڌ جو اسلام کان اڳ تهذيبي ۽ اقتصادي ناتو هيو. ايتري تائين جو سنڌ جي سياست ۽ تاريخ جا اهم واقعا يا حادثا ايران کان ايندڙن وسيلي ظاهر ٿيا. سنڌ جي اڪثر تاريخ فارسي ۾ لکي وئي. ڪتاب ”مير معصوم بکري“ لکڻ وقت هو ايران انهن رستن يا قدمن سان ويو جنهن قدمن سان مير معصوم شاهه ايران کان بکر آيو هيو. پير صاحب رستن ۾، جهنگلن ۽ ويرانن ۾ مهينا سفر ڪيو ۽ اتي ترسيو جتي معصوم شاهه ڪتبا لڳائي نشان ڪيا هئا. شهنشاهه اڪبر جي سفير معصوم شاهه جي لڳايل ڪتبن جون تصويرون ڪڍيون ۽ فارسي ڪتب پروڙيا. ٻيو تحقيق جو مثال سندس ڪتاب ”مڪلي نامو“ آهي. مير علي شير قانع جو مڪلي نامو ڇهانوي صفحن تي لکيل هيو پر راشدي صاحب مڪلي ۽ مڪلي جا آثار، حاڪم ۽ تاريخ تي هن ڪتاب ۾ ست سئو ٻيانوي صفحا وڌيڪ لکي تاريخ جي تحقيق جو حق ادا ڪيو. دنيا ۾ پير صاحب جي شهرت اسان سنڌين جي سڃاڻپ هئي. پير صاحب ثابت ڪيو آهي ته ادارا ماڻهو نه بلڪه ماڻهو ادارا پيدا ڪندا آهن. هن جي گهڻو وصفي شخصيت ڪيترن ئي ادارن جي بنياد جو ڪارڻ هئي. پاڻ ستٽيهه ادارن جا مختلف حيثيت ۾ روح روان هيا ۽ هند، سنڌ، ايران، افغان، مصر جي تهذيب تاريخ بابت ٽيتاليهه ناياب ڪتاب لکيا. پير صاحب پنهنجو ”مڪلي نامو“ سنڌ جي تاريخ جي هيري ”دريا خان دولهه“ جي نالي منصوب ڪيو.[1].پير صاحب روس ويو، وچ ايشيا جون تاريخي جايون ۽ علمي مرڪز ڏٺا، ٻه ڀيرا چين ۽ ٻه سال فلپائن ۾ رهيو. پير صاحب پنهنجي يادگار ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ به منيلا ۾ لکيو هيو.[1]، پير صاحب 1952ع ۾ عراق، هندستان، شام ۽ لنڊن جون تاريخي جڳهون، ميوزم ۽ ڪتب خانا ڏٺا. 1956ع ۾ به بغداد، شام ۽ لبنان ويو، 1958ع ۾ افغانستان جي دوري ۾ تفصيل سان سنڌ ۽ افغانستان جي لاڳاپن تي تحقيق ڪيائين، 1963ع ۾ بغداد جي حڪومت پاران 12 سئو سالا جشن ۾ شرڪت ڪيائين. 1964ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران کيس روس ۾ علمي کوجنا لاءِ موڪليو ويو. 1964ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ قديم آثارن تي تحقيق لاءِ ويو. 1965ع ۾ کين روسي ڪلچرل ايسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1966ع ۾ پاڪستاني ليکڪن جي وفد ۾ (30 اپريل کان 15 مئي) تائين چين ويو. 1966ع ۾ شهنشاهه ايران طرفان کيس پهلوي ڪتب خاني جي ٿيندڙ ايران شناس عالمن جي عالمي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ خاص طرح گهرايو ويو. وري سيپٽمبر 1966ع ۾ افغانستان حڪومت جي سرڪاري دعوت تي افغانستان ويو.[1]. سندس ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهه جهاني“ ۾ سترهين صدي جي دور کي سمايو ويو آهي جو هن وقت تائين تاريخ ۾ سڀ کان وڏو دستاويزي رڪارڊ ليکيو وڃي ٿو. تاريخدان جي حيثيت ۾ وٽس صرف حقيقت، اصل ۽ سچ ئي معيار هيو.[1].کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري به پاڪستان کان ٻاهرين ملڪ ڏني. فارسي تاريخي اڀياس سبب پير صاحب کي هڪ مهيني لاءِ 22 آڪٽومبر کان 19 نومبر 1954ع تائين ايران جي يونيورسٽين ۾ ايراني تهذيب تي ليڪچر ڏيڻ خاطر سرڪاري طرح گهرايو ويو. مصر، بيروت ۽ آمريڪا تائين عالمي ادبي سيمينارن ۾ کيس گهرائي سندس ليڪچر ٻڌا ويندا هيا. مشرقي علمن تي پير صاحب جو ليڪچر سرٽيفڪيٽ جي حيثيت رکندو هيو. سال 1964ع ۾ پڻ چيني حڪومت پاران سرڪاري طرح کيس تاريخ جي تحقيق لاءِ روس موڪليو. ايراني حڪومت سندس شخصيت ۽ ذهن جي بلندي کي خراج الشان اجتماع منعقد ڪري تعارفي تقريب جو انتظام ڪيو ۽ ان وقت اتي راشدي صاحب جي شان ۾ شعر پڙهيا ويا. فارسي ٻولي جي ناميارن اديبن اسڪالرن ۽ محققن پير حسام الدين جو هڪ وڏي فارسي محقق ۽ تاريخدان جي حيثيت ۾ تعارف ڪرايو ۽ ايران سرڪار کيس ايران جو سڀ کان وڏو عوامي ايوارڊ ”نشان سپاس اول“ ڏنو. تهران يونيورسٽي کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به ڏني پر هو ڪارڊ تي نه لکرائيندو هيو. تنهن بعد 1961ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ پير صاحب کي ”ستاره امتياز“ ڏنو. ان بابت راشدي صاحب جو چوڻ هيو ته ”هڪ ڊڪٽيٽر کان ايوارڊ وٺڻ عزت نه پر بي عزتي جو ڪارڻ آهي“ جنرل ضياءُ الحق به پير صاحب کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر پاڻ جرئت ڪندي وٺڻ کان انڪار ڪيائون.[1].

بطور صحافي

سنواريو

راشديءَ جي عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ٿئي ٿي. ”الراشد“ رسالي کان پوءِ پاڻ محمد ايوب کهڙي جي اخبار ”سنڌ زميندار“ سکر ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. اڳتي هلي ٻنهي ڀائرن سکر مان 1934ع ڌاري پنهنجي اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪئي. راشديءَ ان وقت جي ٻين اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيو جهڙوڪ، ”الوحيد“، ”توحيد“ ۽ ”قرباني“ وغيره. سندس انسيت جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان گهڻي هئي. سندس ساراهه جا ڍڪ هر علمي ۽ ادبي شخص ڀريا آهن.پير حسام الدين صاحب پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ لکڻ شروع ڪيو. سڀ کان اول صحافت ۾ قدم رکندي سال 1924ع ۾ شڪارپور مان نڪرندڙ اخبار ”جاڳڻ“ جا ضلعي نمائنده مقرر ٿيا. هن اخبار جو مالڪ ميان خالقداد ڀيو صاحب هيو. لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ اخبار ”الحقيقت“ ۾ باقائدگي سان مضمون لکندا هيا. پاڻ ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي سان صحافت جي حوالي سان سکر رهڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته هو محنت ڪندر، توڪلي، جاکوڙي جوان هيو. سکر ميونسپل لئبريري مان ناياب ڪتاب حاصل ڪري پڙهندو رهندو هيو. ڪتاب پڙهڻ سندس مشغلو هيو. پاڻ هڪ دڪان ۾ پنهنجي ڀاءُ سان هيٺ فرش تي سمهندو هيو.[1]. سال 1929ع ۾ سکر جي اخبار ”المنار“ جا ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيا. ماهوار اخبار پيغام ۾ به ڪم ڪيائون، خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي سکر مان نڪرندڙ هفتيوار اخبار ”سنڌ زميندار“ جا پاڻ 1930ع کان 1934ع تائين ايڊيٽر به رهيا. هن اخبار پير صاحب جي قابليت ۽ صلاحيتن کي سنڌ ۾ مشهور ڪيو. هي اخبار سنڌ جي مسلمانن جي سياسي حقن کان علاوه ادبي ۽ علمي معيار ۾ به اعلى رهندي آئي، هن اخبار انگريز راڄ خلاف سنڌي مسلمانن ۾ وڏو شعور پيدا ڪيو. اخبار جي ايڊيٽري سنڀالڻ وقت پير صاحب جي عمر اٽڪل 20 ورهيه ۽ پگهار 30 رپيا هئي. جڏهن پير علي محمد راشدي جا خانبهادر کهڙي سان اختلاف ٿيا، تڏهن ٻنهي ڀائرن اخبار کي ڇڏيو. هي اهو زمانو هيو جڏهن نواب ظفر علي خان، مولانا حسرت موهاني، مولانا ابوالڪلام آزاد، هارنيمن، مولانا محمد علي جوهر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ رامانند چئٽرجي جهڙا اڳواڻ اخبار نويس طور ڪم ڪندا هيا. سنڌ ۾ هندو مسلم فساد جو مرڪز سکر هيو ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ عروج تي هئي.[1]. پير حسام الدين وري پنهنجي وڏي ڀاءُ سان سکر منتقل ٿيو ۽ هفتيوار اخبار ”ستاره سنڌ“ ڪڍڻ شروع ڪيائون. پاڻ هن اخبار جو 1934ع کان 1937ع تائين ايڊيٽر رهيو. هن اخبار هندن جي ظلم، ڪاموري جي ڏاڍ، وڏيري جي جبر ۽ پير ملان جي فريب خلاف جهاد ڪيو.[1]. تيز ۽ تکن مضمونن ڪري اخبار مٿان لڳاتار ٽي سال ڪيس هليو. سال 1941ع ۾ اخبار ”الوحيد“ ذريعي راشدي صاحب باقائدي سنڌ جي مسلمانن جو ڪيس وڙهيو. سال 1945ع ۾ سائين جي ايم سيد جي سهڪار سان ”قرباني“ اخبار ذريعي سياسي ۽ تاريخي مضمون لکيا. جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن جي رهنمائي هوندي هئي، سنڌ ۾ پهريون دفعو سنڌي ادب جي فروغ ۾ تحقيق لاءِ خانبهادر محمد صديق ميمڻ، عثمان علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، علامه محمد عمر دائود پوٽو ۽ سيد ميران محمد پراڻا قلمي نسخا هٿ ڪيا، پراڻن علمي ذخيرن کي ڳولهي هٿ ڪيو، هنن ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ ۽ ”سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ پوءِ ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ به قائم ڪئي پر فعال ٿي نه سگهي.[1].

سندس ڪتاب

سنواريو

پير صاحب جي ڪتابن جو مختصر جائزو وٺڻ مهل اهو نظر اچي ٿو ته هن مير معصوم بکري تي ڪتاب لکڻ ۾ 48 سال لڳايا، پاڻ 19 سالن جو هيو جو هي ڪتاب لکڻ شروع ڪيو ۽ 68 ورهين جي ڄمار ۾ مڪمل ڪيو.[1].پير صاحب جو ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون پڻ هڪ يادگار ڪتاب آهي جيڪو سندس زندگي ۾ آخري ڪتاب هيو، پاڻ اٽڪل 300 مضمون ۽ مقالا لکيائون، هن ڪتاب ۾ اٽڪل 43 مضمون ۽ مقالا، 35 صفحا ترڪي متن، هڪ نقشو ٺٽو شهر جو ۽ 171 ٺٽي متعلق تصويرون شامل آهن. راشدي صاحب جو اردو ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب سنڌي ادب به سنڌي ادب جي پهرين مڪمل تاريخ آهي.[1].

ڪتابن جي فھرست

سنواريو

خاندان

سنواريو

راشدي صاحب کي پنهنجو ڪوبه اولاد ڪونه هو، هن وڏي ڀاءَ علي محمد شاھ راشدي جي وڏي پٽ حسين شاهه راشدي ۽ وڏي نياڻي حسنا بيبيءَ کي گود وٺي پاليو ۽ انهن کي ئي سموري ملڪيت جو وارث بڻايائين. راشدي صاحب ٻه شاديون ڪيون. پهرين گهرواريءَ مان کيس هڪ نياڻي پيدا ٿي جيڪا فوت ٿي وئي وري کيس ڪڏهن به اولاد ڪونه ٿيو.

ھن پهرين اپريل 1982ع تي وفات ڪئي کيس مڪليءَ ۾ دفنايو ويو. پروفيسر غلام مصطفى شاهه جو چوڻ آهي ته مان راشدي صاحب سان سندس انتقال کان چند ڏينهن اڳ مليس. گلي ۾ ڪينسر جي ستين آپريشن سبب هو وڏي تڪليف ۾ هيو. هن بزرگ نماڻين اکين سان مون کي ڏٺو. اذيت سبب زبان تي ڪمزوري هيس ۽ چچرندڙ لفظن ۾ صرف اهو چيائين ته ”مون دفن ٿيڻ جي وصيت ڪئي آهي، انهن ڇوڪرن تي ڪو اعتبار ڪو نه آهي، مهرباني ڪري ان کي ڏسجانءِ“ پير صاحب کي اولاد ڪو نه هيو پر اڄ سڄي سنڌ سندس پونيئر آهي.

راشدي خاندان

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي: مصنف؛ عبدالستار ڀٽي: ايڊيشن؛ پهريون جنوري 1998ع ڇپائيندڙ؛ لاڙڪاڻو، ريسرچ اڪيڊمي
  • ڪتاب، ”منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني“ ليکڪ: جي ايم سيد
  • رسالو، ”سنڌ رويو“ ڪراچي