پير جو ڳوٺ (Pir Jo Goth) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي خيرپور جي ھڪ شھر جو نالو آهي جيڪو تعلقي ڪنگري جو صدر مقام آھي. ھن شھر ۾ مشھور بزرگ سيد محمد راشد شاه عرف روزي ڌڻي جو مزار واقع آهي جنھن جا مريد حر سڏبا آهن. پير پاڳاري جي حويلي ۽ مدرسو ۽ ھڪ وڏي لائبريري پڻ اتي واقع آھن.

پير جو ڳوٺ
پير راشد شاھ روزي ڌڻي رح جو ڳوٺ
سنڌ جو شھر
حضرت پير سيد راشد شاھ روزي ڌڻي جي مزار
حضرت پير سيد راشد شاھ روزي ڌڻي جي مزار
پير جو ڳوٺ is located in سنڌ
پير جو ڳوٺ
پير جو ڳوٺ
پير جو ڳوٺ is located in Pakistan
پير جو ڳوٺ
پير جو ڳوٺ
جاگرافي بيهڪ: 27°35′N 68°36′E / 27.583°N 68.600°E / 27.583; 68.600مڪانيت: 27°35′N 68°36′E / 27.583°N 68.600°E / 27.583; 68.600
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو خيرپور ضلعو
تعلقو ڪنگري تعلقو

تاريخ سنواريو

پير جو ڳوٺ خاص ڪري سید محمد راشد شاھہ عرف روزي ڌڻي جي مقبري ۽ سندس اولاد لاءِ مشهور آهي. روزي ڌڻي جا مريد هاڻي حُر سڏجن ٿا ۽ انھن جي اولاد کي پير پاڳارو چيو وڃي ٿو. سيد صبغت الله شاهه راشدي ٽيون، اٺون پير پاڳارو آهي. پير صاحب پاڳاري جي زيارت ۽ سید محمد راشد شاھہ رح جي مقبري جي زيارت لاءِ حر سال ۾ چار ڀيرا شهر اچن ٿا. سيد محمد راشد شاهه راشدي سال 2013ع کان پير جو ڳوٺ جو ايم پي اي، سيد نجيب الله شاهه راشدي تعلقي ڪنگري جو چيئرمين (2015ع کان) ۽ عبدالغفار ميمڻ سٽي چيئرمين (2015ع کان) آهي.[1]

شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪيترائي اسڪول (سرڪاري ۽ پرائيويٽ) ۽ ڪالج پڻ آهن. ڪالج يعني گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪالج ۽ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪالج شهر ۾ اعليٰ تعليم فراهم ڪن ٿا ۽ اسلامي تعليم لاءِ جامعه راشديه اسلامي يونيورسٽي (غير سرڪاري) ۽ ٻه لائبريريون (هڪ غير سرڪاري ۽ ٻي سرڪاري لائبريري) پڻ پير جو ڳوٺ شهر ۾ آهن ۽ صحت لاءِ شهر ۾ هڪ سول اسپتال ۽ ڪيتريون ئي خانگي اسپتالون موجود آھن. شهر ۾ ٻه وڏا بازار آهن: شاهي بازار ۽ ٿانو روڊ بازار. شهر ۾ شهرين لاءِ گرائونڊ ۽ پارڪ پڻ موجود آھن ۽ اناج منڊي، سبزي منڊي، گوشت مارڪيٽ ۽ مال پیڙي به پير جو ڳوٺ ۾ موجود آھن. پير جو ڳوٺ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جو هيڊ ڪوارٽر آهي.[2] کجور ۽ ڪيلا پير جو گوٿ جو مشهور ميوو آهي.

حوالا سنواريو

  1. "Bilawal urges to vote for teer, claims "Pir Jo Goth will turn into Teer Jo Goth" - Daily Times". Daily Times. 2018-07-05. Retrieved 2018-11-23.
  2. Ansari, Sarah F. D. (1992-01-31). Sufi Saints and State Power: The Pirs of Sind, 1843-1947. Cambridge University Press. ISBN 9780521405300.