پير پاڳارو(انگريزي: Pir Pagaro) يا (انگريزي: Pir Pagara) سنڌ جي اندر حضرت سيد راشد شاھہ پٽ بقادار شاھ جي وفات کان پوء پيدا ٿيندڙ ٻن موروثي گادين مان ھڪ گادي جو ھڪ لقب آھي. پاڳارو جي معني آهي پڳ وارو ۽ ٻي گادي ھئي جھنڊي وارو. ٻنھي گادين جي چونڊ راشدي خاندان مان وراثت جي بنياد تي ٿيندي آھي.سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب جنب گذاريم جن سين ۾ لکيو آهي ته: راشدي سيد لڪياري سيدن جي شاخ شمار ڪيا وڃن ٿا. انهن جي نسب جو سلسلو سيد علي مڪيءَ جي سنڌ ۾ اچڻ کان شروع ٿئي ٿو. سيد علي مڪيءَ بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو مڪي شريف کان 512ھ، مطابق 1118ع ڌاري لڏي سنڌ ۾ آيو[1]. سندس اولاد لڪيءَ جي ڳوٺ ۾ سڪونت ڪرڻ سبب لڪياري سڏجڻ لڳي. لڪيءَ جو مشهور معروف ولي الله شاهه صدرالدين جو نسب هن طرح هن سان ملي ٿو: سيد صدرالدين بن شاهه محمود بن شاهه حسين بن شاهه جڪن بن سيد علي مڪي. شاهه صدرالدين جو ڀاءُ سيد بهاءُالدين هو. راشدي خاندان جي جدا مجد سيد محمد راشد جي نسب جو شجرو هيٺينءَ طرح سيد بهاءُالدين تائين پهچي ٿو: سيد محمد راشد بن سيد محمد بقا بن سيد محمد امام بن سيد فتح محمد بن سيد شڪرالله بن سيد عثمان بن شاهه کٽڻ بن شاهه سنجر بن شاهه بولن بن شاهه جسين بن سيد امير علي بن سيد ناصرالدين بن سيد عباس بن سيد بهاءُالدين.[1] سيد محمد راشد شاهه پهرين شعبان 1233ھ، مطابق 6 جون 1818ع تي وفات ڪئي. کيس 2 فرزند ٿيا: (1) سيد صبغت الله شاهه اول، جو صاحب دستار يا پاڳارو سڏيو ويو ۽ (2) سيد محمد ياسين شاھ جو صاحب علم يا جهنڊي وارو سڏجڻ لڳو.[1] پير صبغت الله شاھ 5 رمضان 1246ھ مطابق 18 فيبروري 1831ع تي وفات ڪئي. کيس ٻه فرزند ٿيا: (1) سيد علي محمد شاهه وڏو، ۽ (2) سيد علي گوهر شاهه،(ان جي اولاد مان پير صاحب پاڳاري وارا آهن). سيد علي محمد شاهه ننڍي ڀاءُ جي فائدي ۾ دست بردار ٿيو. ٻنهي ڀائرن جي وفات جا سال هيٺينءَ طرح آهن: سيد علي محمد شاهه جي وفات 14 ربيع الاول 1284ھ مطابق 17 جولاءِ 1867ع تي ٿي، سيد علي گوهر شاهه عرف بنگلي ڌڻي، تخلص"اصغر" جي وفات 11 جمادي الاول 1263ھ، مطابق 28 اپريل 1847ع تي ٿي.[1]. سيد علي محمد شاهه کي پنج فرزند ٿيا، جن مان سيد پير شاهه هڪ هو. سيد پير شاهه(متوفي: 22 شعبان 1341ھ، مطابق 12 جنوري 1931ع) کي سيد محمد حامد شاهه(متوفي: 31 مارچ 1937ع) فرزند ٿيو، جنهن کي ٽي فرزند ٿيا: (1) سيد پير علي محمد شاهه راشدي، (2) سيد حسام الدين شاهه راشدي،(جيڪو سنڌ جو مشهور اديب ۽ مؤرخ آهي) (3) سيد احمد شاهه، ٻئي طرف پير علي گوهر شاهه کي پير حزب الله شاهه عرف تخت وارو، (تخلص: مسڪين) فرزند ٿيو(متوفي: 4 محرم 1308ھ مطابق 21 آگسٽ 1890ع) ان جو فرزند پير ميان شاهه مردان شاهه(متوفي: 7 ربيع الاول 1340ھ: مطابق 9 نومبر 1921) ٿيو، جنهن جو فرزند صبغت الله شاهه دوم ٿيو(متوفي: 20 مارچ 1943ع) ان جو فرزند سڪندر علي شاه ملقب به شاهه مردان ثاني آهي.[1] جيڪو پير پاڳارو بڻيو جنھن جي وفات بعد سندس وڏو پٽ پير صبغت الله شاھ پير پاڳارو ٿيو.

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005